Skip to main content

Posts

Showing posts from April, 2019

Nuashero Feroze Politicians assets Ghazala Panhwar

ڪليم شاهه وٽ رڳو 15 رپيا، غزاله پنهور، گل چنا، سجاد، افضل لکن جا مالڪ رفيق ڀنڀري، ياسين چانڊيو، فاروق عباسي، ابرار چانڊيو ڪو به اثاثو ظاهر نه ڪيو Posted on   April 30, 2019  (2:00 pm) اسلام آباد: نوشهري ضلعي جي سياستدانن ۾ لکن جي ملڪيت رکندڙ سياستدانن ۾ اين اي 211 نوشهروفيروز هڪ تي فارم ڀرائيندڙ غزاله پنهورخانداني گهر، 7 لک جو بينڪ بيلنس، مير محمد راجپوت 2 ايڪڙ زمين، 24 گرام سون، محمد رمضان مغل گهر سان گڏ 3 دڪان، 6 تولا سون، محموده بيگم 3 لک روپين، راشد محمود مغل هڪ لک روپين، شوڪت علي آرائينرڳو گهر، سيد ڪليم الله شاهه 15 روپين جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي، سيد صفدر علي شاهه ڪو به اثاثو نه ڄاڻايو آهي، اين اي 212 نوشهرفيروز 2 تي مدرسي استاد جو 3 لک روپين جي اثاثن جو مالڪ آهي، گل محمد چنا پنهنجي اثاثن ۾ 6 ايڪڙ زمين، 41 هزار بينڪ بيلنس، 20 گرام سون ۽ رهائشي گهر، رانا مرسلين ڪجهه به ظاهر نه ڪيو آهي، پي ايس 33 نوشهرو هڪ تي فارم ڀرائيندڙ عجب علي هيسباڻي ڪل 10 گرام سون، 38 هزار روپين جي موٽرسائيڪل، 26 هزار روپين جو بينڪ بيلنس، غلام مجبتيٰ ڪليري رڳو هڪ هزار روپيا بينڪ بيلنس، امتياز ح

Rich politicians of Naushero Feroze -Jaoti, Shah, Rajpar, Channa

خالد چنا نوشهري جو سڀ کان امير سياستدان، مرتضيٰ جتوئي، ستار راڄپر، ظفر، ابرار، اصغر شاهه به ڪروڙ پتي مرحوم غوث بخش 7 ڪروڙ، سرفراز شاهه 12 ڪروڙ، ذوالفقار بهڻ هڪ ڪروڙ، شڪيل جلباڻي 2 ڪروڙ، خان بهادر 3 ڪروڙ جا اثاثا ظاهر ڪيا مقصود خشڪ 3 ڪروڙن، قمر راڄپر 2 ڪروڙن، عارف مصطفيٰ سوا ڪروڙن، عزيز بهڻ پوڻا 3 ڪروڙن، ڪاظم شاهه 3 ڪروڙن، خالد جتوئي 3 ڪروڙن جو مالڪ Posted on   April 30, 2019  (2:00 pm) اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) نوشهروفيروز ضلعي جي سياستدانن ۾ 34 ڪروڙپتي آهن جڏهن ته سيدن، ڀرٽن، راڄپرن جي هوندي سڀ کان وڌيڪ امير خالد مسعود چنا 51 ڪروڙ 36 لک، عبدالحق ڀرٽ 24 ڪروڙ 14 لک، سيد مراد علي شاهه 15 ڪروڙ غلام مرتضيٰ خان جتوئي 6 ڪروڙ 9 لک رپين جي اثاثن جو مالڪ آهي. تفصيل موجب 2018 جي عام چونڊن ۾ اين اي 211 نوشهروفيرز هڪ تي نامزدگي فارمن سان گڏ اثاثا ظاهر ڪندڙ عبدالغفار عرف غلام مرتضيٰ ڏهراج 142 ايڪڙ زرعي زمين، 40 تولا سون سميت ڪل 71 لک 17 هزار 931 روپين جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي. عبدالستار راڄپر 3 ڪروڙ 25 لک 71 هزار 647 روپين جي اثاثن ۾ ڳوٺ ۾ بنگلو، اوطاق، 95 لک جي ڪاروبار ۾ سيڙپ

Khairpur politicians marriages

خيرپور جا 2 سياستدان 3-3 ۽ 8 سياستدان 2-2 شادين وارا هڪ سياستدان پنهنجي اثاثن ۾ سبزي جو ريڙهو ڄاڻايو Posted on   April 29, 2019  (2:34 pm) اسلام آباد: اين اي 209 خيرپور 2 تي فارم ڀرائيندڙ غلام مصطفيٰ پٽ ٻڍل خان جون ٻه شاديون ٿيل آهن، جن مان 6 ڌيئر ۽ 5 پٽ آهن. اين اي 210 خيرپور 3 تان چونڊيل ميمبر سيد جاويد علي شاهه جون 3 شاديون ٿيل آهن، جن ۾ سندس هڪ گهرواري ڊاڪٽر مهرين ڀٽو به شامل آهي، جيڪا به پڻ قومي اسيمبلي جي ميمبر آهي. جڏهن ته سندس پٽ سيد فهد علي شاهه جون ٻه شاديون ٿيل آهن. سيد سورج علي شاهه جون 2 شاديون ٿيل آهن، پي ايس 26 خيرپور هڪ تي فارم ڀرائيندڙ مرزا ڪٽوهر جو ٻه شاديون ٿيل آهن، کيس 10 ٻار آهن. پي ايس 27 خيرپور 2 تي فارم ڀرائيندڙ منظور وساڻ ۽ مريد حسين وساڻ جون ٻه-ٻه شاديون ٿيل آهن. پي ايس 28 خيرپور 3 تي فارم ڀرائيندڙ اسد علي شر جون 3 شاديون ٿيل آهن، پي ايس 28 خيرپور 3 تي فارم ڀرائيندڙ سيد شفيق احمد شاهه جون ٻه شاديون ٿيل آهن، پي ايس 30 خيرپور 5 تي فارم ڀرائيندڙ شاهنواز عباسي جون 2 شاديون ٿيل آهن، جن مان کيس 7 پٽن ۽ 4 نياڻين جو اولاد آهي.اسلام آباد: پي ايس 26 خيرپور ه

Khiarpur: Assets of Sadaruddin Shah, Qaim Ali shah

خيرپور ۾ صدرالدين شاهه وٽ 45 ڪروڙن جا اثاثا،قائم راشدي ٻيو نمبر امير سياستدان صدرالدين شاهه راشدي 45 ڪروڙ 19 لکن جا اثاثا ڏيکاريا، وٽس برطانيا ۾ فليٽ، 100 تولا سون ۽ 508 ايڪڙ زرعي زمين آهي قائم شاهه راشدي وٽ 26 ڪروڙ 58 لک، منظور وساڻ وٽ 18 ڪروڙ 17 لک، اسماعيل راشدي 12 ڪروڙ کان وڌيڪ اثاثا ڏيکاريا Posted on   April 29, 2019  (2:33 pm) اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) خيرپور ضلعي ۾ سيد صدر الدين شاهه راشدي 45 ڪروڙ رپين جي اثاثن سان سڀ کان امير سياستدان، سيد قائم شاهه راشدي ضلعي جو ٻيو نمبر وڌيڪ اثاثا رکندڙ سياستدان آهي. ان سلسلي ۾ 2018ع جي عام چونڊن دوران خيرپور ضلعي جي تڪ اين اي 208 خيرپور هڪ تي نامزدگي فارم ڀرائيندڙ اڳوڻي وفاقي وزير سيد پرويز علي شاهه اثاثن ۾ خيرپور ۾ رهائشي گهر جيلاني هائوس ظاهر ڪيو آهي، جنهن جي ماليت 3 ڪروڙ 60 لک رپيا آهي، ان کانسواءِ 20 لک 39 رپين جا 2 پلاٽ، ڪاروبار ۾ پاش بلڊر ۽ ڊولپرز ۾ 25 لک رپين سيڙپڪاري، 4 لک 65 هزار جو بينڪ بيلنس، 18 لک جو فرنيچر ۽ سامان سميت ڪل 4 ڪروڙ 23 لک 39 هزار رپين جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي. جڏهن ته هن ذاتي گاڏي توڙي سون ظ

Benazir income support program details

http://epaper.pahenjiakhbar.com/page-1-01-04-2019/ 115 ارب رپيا بجيٽ، 54 لک غريب عورتون ۽ خاندان فائدو کڻندڙ ملڪ جو سڀ کان وڏو معاشي پروگرام، رقم سڌي ريت اڪائونٽن ۾ منتقل Posted on   April 1, 2019  (3:05 am) ٺٽو: بينظيرانڪم سپورٽ پروگرام جي بجيٽ 1 سو 15 ارب رپيا آهي. 90 ارب روپين کان وڌيڪ رقم ورهائي وئي آهي 54 لک غريب عورتن ۽ خاندانن کي فائدو پهتو آهي. غير ملڪي ادارن جي فنڊنگ سان ھلندڙ هي ملڪ جو سڀ کان وڏو معاشي پروگرام آهي جنهن ذريعي سڌي ريت اڪائونٽن ۾ غريب عورتن کي هر ٽن مهينن کان پوءِ 5 هزار رپيا منتقل ڪيا وڃن ٿا

Poor politicians of Jmashoro

عليم پنهيار، اعجاز لاشاري، ثمينه پنهور، بختاور ملاڻو غريب سياستدان Posted on   April 28, 2019  (1:54 pm) اسلام آباد: ڄامشوري ضلعي ۾ غريب ۽ لک پتي سياستدان به آهن جن ۾ پي ايس 80 ڄامشورو هڪ تي فارم ڀرائيندڙ عبدالعليم پنهيار پنهنجي اثاثن ۾ 50 هزار بينڪ بيلنس، اعجاز علي لاشاري دڪانداري ۾ 50هزار سيڙپ، هڪ تولو سون، ڏيڍ لک جو بينڪ بيلنس، الطاف حسين بروهي 3 لک ماليت جو گهر، 50 هزار جي موٽرسائيڪل، 2 تولا سون، 3 لک 20 هزار رپين جو بينڪ بيلنس ظاهر ڪيو.  فهيم خاصخيلي پنهنجي اثاثن جا ڪي به تفصيل ناهن ڄاڻايا، مقبول پنهور پنهنجي اثاثن ۾ 90 هزار روڪ، 3 تولا سون، ۽ گهر، محمود الرحمان هاليپوٽو 10 لک رپين جي ماليت جو گهر، 4 تولا سون، 3 لک روڪ، قربان علي سولنگي 2 تولا سون، 4 لک رپيا بينڪ بيلنس ظاهر ڪيو.  پي ايس 81 ڄامشورو 2 تي فارم ڀرائيندڙ عبدالله پالاري 3 لک ماليت جو گهر، علي شير نوحاڻي 65 هزار جي موٽرسائيڪل، 20 هزار جا هٿيار، گلبهار پنهنجي اثاثن ۾ درزڪو دڪان، 2 تولا سون، 4 لک روڪ ظاهر ڪيو. جاويد اختر پنهنجي اثاثن ۾ ڄاڻايو آهي ته هو ڪرائي جي گهر ۾ رهي ٿو، ان وٽ هڪ تولو سون، 50 هزار بينڪ

12 millionaire Politicians of Jamshoro

ڄامشوري ۾ مراد شاهه، اسد سڪندر، جلال شاهه، کيئل داس، روشن ٻرڙي سميت 12 ڪروڙ پتي سياستدان، ديارام سڀ کان امير Posted on   April 28, 2019  (1:52 pm) اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) ڄامشوري ضلعي ۾ 12 سياستدان ڪروڙ پتي آهن جن مان ديارام 36 ڪروڙ 30 رپين جي اثاثن سان سڀ کان امير، ملڪ اسد سڪندر 26 ڪروڙ 29، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه 21 ڪروڙ 39 لک، سيد جلال محمود شاهه 3 ڪروڙ 37 لک جي اثاثن جو مالڪ آهي. تفصيل موجب 2018ع جي عام چونڊن جي نامزدگي فارمن ۾ اين اي 233 ڄامشورو تي اثاثا ظاهر ڪندي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه پاڻ کي ڪل 3 ڪروڙ 37 لک 29 هزار 457 رپين جي ماليت جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي، جن ۾ مانجهند ۾ 57 ايڪڙ زمين، 66 لک رپيا روڪ، 33 لک بينڪ بيلنس، 4 لک جو گهريلو سامان، 27 هزار رپين جا هٿيار. 64 لک 60 هزار جون گاڏيون، هڪ ڪروڙ 8 لک 90 هزار جو پٿر ڪريشنگ پلانٽ جو ڪاروبار، 89 لک 80 هزار رپين جي ماليت جي مختلف ملڪيت ظاهر ڪئي آهي.  ن ليگ جي ڪيسو مل کيئل داس ڪوهستاني جي اثاثن ۾ 15 لک جي ڪاروبار ۾ سيڙپ، 34 لک کان وڌيڪ جون گاڏيون، 14 تولا سون، 16 لک بي