Skip to main content

Posts

Showing posts with the label Politicians assets

Tando Muhammad Khan Politicians Assets

ٽنڊي محمد خان جي سياستدانن ۾ ڪمال چانگ امير ترين،نويد قمر ٻئي نمبر تي ڪمال چانگ وٽ 22 ڪروڙ 54 لکن جا اثاثا، 80 تولا سون، 37 لکن جو بينڪ بيلنس، 11 لکن جا هٿيار شامل نويد قمر وٽ 263 ايڪڙ زمين، 67 لک جي گاڏيون. 50 تولا سون ۽ خانداني ملڪيت جي 20 سيڪڙو سميت 20 ڪروڙ 33 لکن جي ملڪيت Posted on   April 19, 2019  (4:10 pm) اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) ٽنڊي محمد خان ضلعي ۾ به سياست تي ڪروڙ پتي ۽ لک پتي سياستدان ڇانيل آهن، ڪمال چانگ سڀ کان وڌيڪ امير سياستدان، ٻئي نمبر تي نويد قمر آهي. ان سلسلي ۾اين اي 228 ٽنڊو محمد خان تي اثاثن جا تفصيل جمع ڪرائيندڙ عبدالباسط نظاماڻي پاڻ کي 2 لک 65 رپين جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي. جڏهن ته ان ئي تڪ تي فارم ڀرائيندڙ عبدالجبار ميمڻ 20 تولا سون،313 ايڪڙ زمين ۾ ويهه سيڪڙو حصو اسد عباس جو به آهي، 13 هزار جو بينڪ بيلنس، جڏهن ته غلام مرتضيٰ بينڪ اڪائوٽ نمبر ڏنا آهن انهن ۾ رقم جي موجودگي بابت ڪجهه ناهي ڄاڻايو. ڪشف الحسين شاهه 77 ايڪڙ زرعي زمين، گهر، 25 لکن جي ڪاروباري عمارت، 25 تولا سون، لعل بخش ڪلاريو گهر، ٻه تولا سون، لک رپيا روڪ، مير علي نو...

Matiari Politicians assets

مٽياري ۾ سياستدانن وٽ ڪروڙن جا اثاثا،امير علي شاهه وڌيڪ ملڪيت وارو، مخدوم رفيق الزمان به ڪروڙن جو مالڪ امير علي شاهه وٽ 26 ڪروڙ 54 لکن کان وڌيڪ اثاثا، مخدوم رفيق 16 ڪروڙ ملڪيت جو مالڪ Posted on   April 20, 2019  (1:16 pm) اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) مٽياري ضلعي سان تعلق رکندڙ سياستدان وٽ به ڪروڙن جا اثاثا آهن، سيد پير امير علي شاهه ضلعي ۾ سڀ کان وڌيڪ پئسي وارو سياستدان آهن. ان سلسلي ۾ 2018ع واري اليڪشن ۾ نامزدگي فارم سان گڏ جمع ڪرايل اثاثن مطابق اين اي 223 مٽياري تي اميدوار عبدالرزاق ميمڻ وٽ ڪل 7 ڪروڙ 97 لک 16 هزار 631 جا اثاثا آهن، جن 53 لک 80 هزار ماليت جي مختلف ملڪيت، 2 ڪروڙ 97 لک 50 هزار جو ڪاروبار، هڪ ڪروڙ 27 لک 55 هزار رپين جون گاڏيون، 100 تولا سون، 2 ڪروڙ 38 لک 15 هزار روپين جو بينڪ بيلنس شامل آهي، عبدالرزاق ميمڻ جون قاسم آباد حيدرآباد جي اقبال ولاز ۾ مختلف ملڪيتون، ميمڻ ٽائون قاسم آباد ۾ بنگلو، 180 ايڪڙ زمين، سي اين جي ۽ پيٽروليم ۾ 50 سيڪڙو حصو به ڄاڻايو آهي. ايڊووڪيٽ امير عباس لغاري پاڻ کي 4 ڪروڙ 46 لک روپين جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي، جنهن ۾ 25 لک جي...

Tando Allahyar Politicians Assets Mir Khokhar, Zia Abbas Rizvi

ٽنڊي الهيار ۾ مير محمد کوکر ارب پتي سياستدان،ضياءَ عباس رضوي وڏو زميندار مير محمد کوکر وٽ 94 ڪروڙ 27 لک جا اثاثا،ڳوٺ،حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ 5 گهر،گهرواري جي نالي 20 ڪروڙن جي ملڪيت خير محمد کوکر 19 ڪروڙ،ضياءَ عباس رضوي 9 ڪروڙ، محسن عباسي 8 ڪروڙ، علي نواز شاهه 5 ڪروڙ رپين جا اثاثا ظاهر ڪيا Posted on   April 21, 2019  (1:24 pm) اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) ٽنڊو الهيار جي سياستدانن طرفان ظاهر ڪيل اثاثن مطابق اين اي 224 ٽنڊو الهيار تان چونڊيل ايم اين اي عبدالستار بچاڻي وٽ 2 ڪروڙ 51 لک 44 هزار 116 رپين جا اثاثا آهن. جن ۾ڪراچي ۾ 22 لک 50 هزار جو گهر، 22 لک جو پيٽرول پمپ، 25 لک 50 هزار جا بانڊ، 54 لک 88 هزار 980 رپيا جون گاڏيون، 540 تولاسون، هڪ ڪروڙ 50 لک جو بينڪ بيلنس ظاهر ڪيو آهي. ساڳئي تڪ تي فارم ڀرائيندڙ سيد علي نواز شاهه 5 ڪروڙ 44 لک 20 هزار 954 رپين جا اثاثا ظاهر ڪيا، جن ۾ هڪ ڪروڙ 14 لک رپيا جون گاڏيون، هڪ ڪروڙ 41 لک جو بينڪ بيلنس، 281 ايڪڙ زرعي زمين شامل آهي، علي محمد ولهاري هڪ ڪروڙ 39 لک 8 هزار 190 رپيا جي اثاثا ڄاڻايو آهن، علي احمد پلهه 73 ايڪڙ زمين، 21 لک جي ...

Nuashero Feroze Politicians assets Ghazala Panhwar

ڪليم شاهه وٽ رڳو 15 رپيا، غزاله پنهور، گل چنا، سجاد، افضل لکن جا مالڪ رفيق ڀنڀري، ياسين چانڊيو، فاروق عباسي، ابرار چانڊيو ڪو به اثاثو ظاهر نه ڪيو Posted on   April 30, 2019  (2:00 pm) اسلام آباد: نوشهري ضلعي جي سياستدانن ۾ لکن جي ملڪيت رکندڙ سياستدانن ۾ اين اي 211 نوشهروفيروز هڪ تي فارم ڀرائيندڙ غزاله پنهورخانداني گهر، 7 لک جو بينڪ بيلنس، مير محمد راجپوت 2 ايڪڙ زمين، 24 گرام سون، محمد رمضان مغل گهر سان گڏ 3 دڪان، 6 تولا سون، محموده بيگم 3 لک روپين، راشد محمود مغل هڪ لک روپين، شوڪت علي آرائينرڳو گهر، سيد ڪليم الله شاهه 15 روپين جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي، سيد صفدر علي شاهه ڪو به اثاثو نه ڄاڻايو آهي، اين اي 212 نوشهرفيروز 2 تي مدرسي استاد جو 3 لک روپين جي اثاثن جو مالڪ آهي، گل محمد چنا پنهنجي اثاثن ۾ 6 ايڪڙ زمين، 41 هزار بينڪ بيلنس، 20 گرام سون ۽ رهائشي گهر، رانا مرسلين ڪجهه به ظاهر نه ڪيو آهي، پي ايس 33 نوشهرو هڪ تي فارم ڀرائيندڙ عجب علي هيسباڻي ڪل 10 گرام سون، 38 هزار روپين جي موٽرسائيڪل، 26 هزار روپين جو بينڪ بيلنس، غلام مجبتيٰ ڪليري رڳو هڪ هزار روپيا بينڪ بيلنس،...