Skip to main content

Poor politicians of Jmashoro


عليم پنهيار، اعجاز لاشاري، ثمينه پنهور، بختاور ملاڻو غريب سياستدان

اسلام آباد: ڄامشوري ضلعي ۾ غريب ۽ لک پتي سياستدان به آهن جن ۾ پي ايس 80 ڄامشورو هڪ تي فارم ڀرائيندڙ عبدالعليم پنهيار پنهنجي اثاثن ۾ 50 هزار بينڪ بيلنس، اعجاز علي لاشاري دڪانداري ۾ 50هزار سيڙپ، هڪ تولو سون، ڏيڍ لک جو بينڪ بيلنس، الطاف حسين بروهي 3 لک ماليت جو گهر، 50 هزار جي موٽرسائيڪل، 2 تولا سون، 3 لک 20 هزار رپين جو بينڪ بيلنس ظاهر ڪيو. 
فهيم خاصخيلي پنهنجي اثاثن جا ڪي به تفصيل ناهن ڄاڻايا، مقبول پنهور پنهنجي اثاثن ۾ 90 هزار روڪ، 3 تولا سون، ۽ گهر، محمود الرحمان هاليپوٽو 10 لک رپين جي ماليت جو گهر، 4 تولا سون، 3 لک روڪ، قربان علي سولنگي 2 تولا سون، 4 لک رپيا بينڪ بيلنس ظاهر ڪيو. 
پي ايس 81 ڄامشورو 2 تي فارم ڀرائيندڙ عبدالله پالاري 3 لک ماليت جو گهر، علي شير نوحاڻي 65 هزار جي موٽرسائيڪل، 20 هزار جا هٿيار، گلبهار پنهنجي اثاثن ۾ درزڪو دڪان، 2 تولا سون، 4 لک روڪ ظاهر ڪيو. جاويد اختر پنهنجي اثاثن ۾ ڄاڻايو آهي ته هو ڪرائي جي گهر ۾ رهي ٿو، ان وٽ هڪ تولو سون، 50 هزار بينڪ بيلنس آهي. 
ميان خان 2 لک رپيا بينڪ بيلنس، 25 هزار رپين جي موٽرسائيڪل، ثمينه راجپوت اثاثن ۾ سيونگ سرٽيفڪيٽ ظاهر ڪيو آهي، جنهن جي ڪا ماليت نه ڄاڻائي آهي. پي ايس 82 ڄامشورو 3 تي فارم ڀرائيندڙ حق نواز پنهنجي اثاثن ۾ 2 لک رپين جو بينڪ بيلنس ظاهر ڪيو آهي، 
اقبال مسيح 5 هزار رپيا روڪ، سيونگ سرٽيفڪيٽ، لياقت علي هڪ لک رپيا بينڪ بيلنس، ممتاز علي اڍائي لک رپيا، زوهير يوسف 8 لک 70 هزار رپيا، ثمينه پنهور پاڻ کي ڪل 40 هزار رپيا ظاهر ڪيا آهن جڏهن ته بختاور ملاڻو پنهنجي اثاثن ۾ ڪجهه به نه ڄاڻايو آهي.

Comments

Popular posts from this blog

Tando Allahyar Politicians Assets Mir Khokhar, Zia Abbas Rizvi

ٽنڊي الهيار ۾ مير محمد کوکر ارب پتي سياستدان،ضياءَ عباس رضوي وڏو زميندار مير محمد کوکر وٽ 94 ڪروڙ 27 لک جا اثاثا،ڳوٺ،حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ 5 گهر،گهرواري جي نالي 20 ڪروڙن جي ملڪيت خير محمد کوکر 19 ڪروڙ،ضياءَ عباس رضوي 9 ڪروڙ، محسن عباسي 8 ڪروڙ، علي نواز شاهه 5 ڪروڙ رپين جا اثاثا ظاهر ڪيا Posted on   April 21, 2019  (1:24 pm) اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) ٽنڊو الهيار جي سياستدانن طرفان ظاهر ڪيل اثاثن مطابق اين اي 224 ٽنڊو الهيار تان چونڊيل ايم اين اي عبدالستار بچاڻي وٽ 2 ڪروڙ 51 لک 44 هزار 116 رپين جا اثاثا آهن. جن ۾ڪراچي ۾ 22 لک 50 هزار جو گهر، 22 لک جو پيٽرول پمپ، 25 لک 50 هزار جا بانڊ، 54 لک 88 هزار 980 رپيا جون گاڏيون، 540 تولاسون، هڪ ڪروڙ 50 لک جو بينڪ بيلنس ظاهر ڪيو آهي. ساڳئي تڪ تي فارم ڀرائيندڙ سيد علي نواز شاهه 5 ڪروڙ 44 لک 20 هزار 954 رپين جا اثاثا ظاهر ڪيا، جن ۾ هڪ ڪروڙ 14 لک رپيا جون گاڏيون، هڪ ڪروڙ 41 لک جو بينڪ بيلنس، 281 ايڪڙ زرعي زمين شامل آهي، علي محمد ولهاري هڪ ڪروڙ 39 لک 8 هزار 190 رپيا جي اثاثا ڄاڻايو آهن، علي احمد پلهه 73 ايڪڙ زمين، 21 لک جي ...

Tando Muhammad Khan Politicians Assets

ٽنڊي محمد خان جي سياستدانن ۾ ڪمال چانگ امير ترين،نويد قمر ٻئي نمبر تي ڪمال چانگ وٽ 22 ڪروڙ 54 لکن جا اثاثا، 80 تولا سون، 37 لکن جو بينڪ بيلنس، 11 لکن جا هٿيار شامل نويد قمر وٽ 263 ايڪڙ زمين، 67 لک جي گاڏيون. 50 تولا سون ۽ خانداني ملڪيت جي 20 سيڪڙو سميت 20 ڪروڙ 33 لکن جي ملڪيت Posted on   April 19, 2019  (4:10 pm) اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) ٽنڊي محمد خان ضلعي ۾ به سياست تي ڪروڙ پتي ۽ لک پتي سياستدان ڇانيل آهن، ڪمال چانگ سڀ کان وڌيڪ امير سياستدان، ٻئي نمبر تي نويد قمر آهي. ان سلسلي ۾اين اي 228 ٽنڊو محمد خان تي اثاثن جا تفصيل جمع ڪرائيندڙ عبدالباسط نظاماڻي پاڻ کي 2 لک 65 رپين جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي. جڏهن ته ان ئي تڪ تي فارم ڀرائيندڙ عبدالجبار ميمڻ 20 تولا سون،313 ايڪڙ زمين ۾ ويهه سيڪڙو حصو اسد عباس جو به آهي، 13 هزار جو بينڪ بيلنس، جڏهن ته غلام مرتضيٰ بينڪ اڪائوٽ نمبر ڏنا آهن انهن ۾ رقم جي موجودگي بابت ڪجهه ناهي ڄاڻايو. ڪشف الحسين شاهه 77 ايڪڙ زرعي زمين، گهر، 25 لکن جي ڪاروباري عمارت، 25 تولا سون، لعل بخش ڪلاريو گهر، ٻه تولا سون، لک رپيا روڪ، مير علي نو...

Badin- 29 millionaire politician

بدين ۾ 29 ڪروڙپتي سياستدان، ڪمال چانگ سڀ کان امير، ذوالفقار مرزا ۽ پپو شاهه وٽ گهروارين کان گهٽ دولت عبدالغفور نظاماڻي 20 ڪروڙ، غلام علي ٽالپر 19،محمد هاليپوٽو 17، فهميده مرزا 16 ڪروڙ ۽ اسماعيل راهو پوڻا 6 ڪروڙن جو مالڪ نڪتو محمد بشير 5، ظفر نظاماڻي پوڻا 5، سائين بخش جمالي ساڍا 4، حسنين مرزا ساڍا 3، صغير لغاري 3 ۽ رياض نظاماڻي سوا 3 ڪروڙ ظاهر ڪيا Posted on   May 7, 2019  (2:00 pm) اسلام آباد (رپورٽ:ايم بي سومرو) بدين ضلعي جي سياستدانن ۾ سڀ کان امير ڪمال چانگ 22 ڪروڙ 54 لک رپين جي اثاثن جو مالڪ ظاهر ٿيو آهي، جڏهن ته اڳوڻو صوبائي وزير ذوالفقار مرزا پنهنجي پٽ ۽ گهرواري کان به گهٽ اثاثا رکندڙ آهي، سيد پپو شاهه کان سندس گهرواري بي بي ياسمين شاهه وڌيڪ امير آهي. ضلعي ۾ 29 سياستدانن پاڻ کي ڪروڙ پتي ڄاڻايو آهي. 2018ع جي عام چونڊن ۾ نامزدگي فارم سان گڏ اين اي 229 بدين هڪ تي فارم ڀرائيندڙ عبدالستار لغاري پنهنجي نالي تي 109 ايڪڙ، گهر واري جي نالي 39 ايڪڙ زمين، 16 لک جون گاڏيون، 20 تولا سون پنهنجي اثاثن ۾ ظاهر ڪيو آهي، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي21 لک 84 هزار 930 رپين جي اثاثن ۾ ...