Skip to main content

Nuashero Feroze Politicians assets Ghazala Panhwar


ڪليم شاهه وٽ رڳو 15 رپيا، غزاله پنهور، گل چنا، سجاد، افضل لکن جا مالڪ

رفيق ڀنڀري، ياسين چانڊيو، فاروق عباسي، ابرار چانڊيو ڪو به اثاثو ظاهر نه ڪيو

اسلام آباد: نوشهري ضلعي جي سياستدانن ۾ لکن جي ملڪيت رکندڙ سياستدانن ۾ اين اي 211 نوشهروفيروز هڪ تي فارم ڀرائيندڙ غزاله پنهورخانداني گهر، 7 لک جو بينڪ بيلنس، مير محمد راجپوت 2 ايڪڙ زمين، 24 گرام سون، محمد رمضان مغل گهر سان گڏ 3 دڪان، 6 تولا سون، محموده بيگم 3 لک روپين، راشد محمود مغل هڪ لک روپين، شوڪت علي آرائينرڳو گهر، سيد ڪليم الله شاهه 15 روپين جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي، سيد صفدر علي شاهه ڪو به اثاثو نه ڄاڻايو آهي، اين اي 212 نوشهرفيروز 2 تي مدرسي استاد جو 3 لک روپين جي اثاثن جو مالڪ آهي، گل محمد چنا پنهنجي اثاثن ۾ 6 ايڪڙ زمين، 41 هزار بينڪ بيلنس، 20 گرام سون ۽ رهائشي گهر، رانا مرسلين ڪجهه به ظاهر نه ڪيو آهي، پي ايس 33 نوشهرو هڪ تي فارم ڀرائيندڙ عجب علي هيسباڻي ڪل 10 گرام سون، 38 هزار روپين جي موٽرسائيڪل، 26 هزار روپين جو بينڪ بيلنس، غلام مجبتيٰ ڪليري رڳو هڪ هزار روپيا بينڪ بيلنس، امتياز حسين رند 4 لک جي ملڪيت، محرم علي سرگاڻي 2 ايڪڙ زمين هڪ هزار بينڪ بيلنس، گلشاد ڪو به اثاثو ظاهر نه ڪيو آهي، قادر بخش جتوئي وٽ گهر ۽ پلاٽ، زوهيب مڱريو 5 تولا سون، 3 دڪان ۽ ڀاءُ پاران تحفي ۾ ڏنل حيدرآباد ۾ پلاٽ، پي ايس 34 نوشهروفيروز 2 تي فارم ڀرائيندڙ عبدالغفار راجپوت 4 لک 74 هزار، عبدالرحمان سولنگي 15 لک، فياض لاکو هڪ لک 20 هزار جو گهريلو سامان، 3 تولا سون ۽ 17 لک جون گاڏيون ۽ رفيق احمد ڀنڀور ڪو به اثاثو ظاهر نه ڪيو آهي، صابر حسين سمون 29 هزار جو بينڪ بيلنس، سجاد حسين 17 لک 95 هزار، پي ايس 35 نوشهرو 3 تي فارم ڀرائيندڙ محمد افضل 3 تولا سون، جمعو خان خانداني گهر، 5 لک روڪ، ابرار چانڊيو ڪو به اثاثو ظاهر نه ڪيو آهي، ذوالفقار علي پنهور رهائشي گهر، 15 هزار جي موٽرسائيڪل، 3 تولا سون، معوشق علي سومرو هڪ لک 20 هزار جو بينڪ بيلنس، گهريلو سامان، خالد حسين سولنگي 2 تولا سون، سڪندر علي سولنگي 50 هزار جي موٽرسائيڪل، امجد حسين راڄپر 70 هزار، هما راجپوت 500 رپين جو بينڪ بيلنس، لطف سيال گهر 12 لک 50 هزار روپين جو گهر ۽ والد جي نالي تي 6 ايڪڙ زمين، زاهد علي شاهه هڪ ايڪڙ زمين، 4 هزار رپيا بينڪ بيلنس، پي ايس 36 نوشهروفيروز 4 تي عدنان آرائين 4 لک 40 هزار ۽ محمد ياسين چانڊيو، ۽ فاروق احمد عباسي ڪو به اثاثو ظاهر نه ڪيو آهي.

Comments

Popular posts from this blog

Tando Allahyar Politicians Assets Mir Khokhar, Zia Abbas Rizvi

ٽنڊي الهيار ۾ مير محمد کوکر ارب پتي سياستدان،ضياءَ عباس رضوي وڏو زميندار مير محمد کوکر وٽ 94 ڪروڙ 27 لک جا اثاثا،ڳوٺ،حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ 5 گهر،گهرواري جي نالي 20 ڪروڙن جي ملڪيت خير محمد کوکر 19 ڪروڙ،ضياءَ عباس رضوي 9 ڪروڙ، محسن عباسي 8 ڪروڙ، علي نواز شاهه 5 ڪروڙ رپين جا اثاثا ظاهر ڪيا Posted on   April 21, 2019  (1:24 pm) اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) ٽنڊو الهيار جي سياستدانن طرفان ظاهر ڪيل اثاثن مطابق اين اي 224 ٽنڊو الهيار تان چونڊيل ايم اين اي عبدالستار بچاڻي وٽ 2 ڪروڙ 51 لک 44 هزار 116 رپين جا اثاثا آهن. جن ۾ڪراچي ۾ 22 لک 50 هزار جو گهر، 22 لک جو پيٽرول پمپ، 25 لک 50 هزار جا بانڊ، 54 لک 88 هزار 980 رپيا جون گاڏيون، 540 تولاسون، هڪ ڪروڙ 50 لک جو بينڪ بيلنس ظاهر ڪيو آهي. ساڳئي تڪ تي فارم ڀرائيندڙ سيد علي نواز شاهه 5 ڪروڙ 44 لک 20 هزار 954 رپين جا اثاثا ظاهر ڪيا، جن ۾ هڪ ڪروڙ 14 لک رپيا جون گاڏيون، هڪ ڪروڙ 41 لک جو بينڪ بيلنس، 281 ايڪڙ زرعي زمين شامل آهي، علي محمد ولهاري هڪ ڪروڙ 39 لک 8 هزار 190 رپيا جي اثاثا ڄاڻايو آهن، علي احمد پلهه 73 ايڪڙ زمين، 21 لک جي ...

Matiari Politicians assets

مٽياري ۾ سياستدانن وٽ ڪروڙن جا اثاثا،امير علي شاهه وڌيڪ ملڪيت وارو، مخدوم رفيق الزمان به ڪروڙن جو مالڪ امير علي شاهه وٽ 26 ڪروڙ 54 لکن کان وڌيڪ اثاثا، مخدوم رفيق 16 ڪروڙ ملڪيت جو مالڪ Posted on   April 20, 2019  (1:16 pm) اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) مٽياري ضلعي سان تعلق رکندڙ سياستدان وٽ به ڪروڙن جا اثاثا آهن، سيد پير امير علي شاهه ضلعي ۾ سڀ کان وڌيڪ پئسي وارو سياستدان آهن. ان سلسلي ۾ 2018ع واري اليڪشن ۾ نامزدگي فارم سان گڏ جمع ڪرايل اثاثن مطابق اين اي 223 مٽياري تي اميدوار عبدالرزاق ميمڻ وٽ ڪل 7 ڪروڙ 97 لک 16 هزار 631 جا اثاثا آهن، جن 53 لک 80 هزار ماليت جي مختلف ملڪيت، 2 ڪروڙ 97 لک 50 هزار جو ڪاروبار، هڪ ڪروڙ 27 لک 55 هزار رپين جون گاڏيون، 100 تولا سون، 2 ڪروڙ 38 لک 15 هزار روپين جو بينڪ بيلنس شامل آهي، عبدالرزاق ميمڻ جون قاسم آباد حيدرآباد جي اقبال ولاز ۾ مختلف ملڪيتون، ميمڻ ٽائون قاسم آباد ۾ بنگلو، 180 ايڪڙ زمين، سي اين جي ۽ پيٽروليم ۾ 50 سيڪڙو حصو به ڄاڻايو آهي. ايڊووڪيٽ امير عباس لغاري پاڻ کي 4 ڪروڙ 46 لک روپين جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي، جنهن ۾ 25 لک جي...

12 millionaire Politicians of Jamshoro

ڄامشوري ۾ مراد شاهه، اسد سڪندر، جلال شاهه، کيئل داس، روشن ٻرڙي سميت 12 ڪروڙ پتي سياستدان، ديارام سڀ کان امير Posted on   April 28, 2019  (1:52 pm) اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) ڄامشوري ضلعي ۾ 12 سياستدان ڪروڙ پتي آهن جن مان ديارام 36 ڪروڙ 30 رپين جي اثاثن سان سڀ کان امير، ملڪ اسد سڪندر 26 ڪروڙ 29، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه 21 ڪروڙ 39 لک، سيد جلال محمود شاهه 3 ڪروڙ 37 لک جي اثاثن جو مالڪ آهي. تفصيل موجب 2018ع جي عام چونڊن جي نامزدگي فارمن ۾ اين اي 233 ڄامشورو تي اثاثا ظاهر ڪندي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه پاڻ کي ڪل 3 ڪروڙ 37 لک 29 هزار 457 رپين جي ماليت جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي، جن ۾ مانجهند ۾ 57 ايڪڙ زمين، 66 لک رپيا روڪ، 33 لک بينڪ بيلنس، 4 لک جو گهريلو سامان، 27 هزار رپين جا هٿيار. 64 لک 60 هزار جون گاڏيون، هڪ ڪروڙ 8 لک 90 هزار جو پٿر ڪريشنگ پلانٽ جو ڪاروبار، 89 لک 80 هزار رپين جي ماليت جي مختلف ملڪيت ظاهر ڪئي آهي.  ن ليگ جي ڪيسو مل کيئل داس ڪوهستاني جي اثاثن ۾ 15 لک جي ڪاروبار ۾ سيڙپ، 34 لک کان وڌيڪ جون گاڏيون، 14 تولا...