Skip to main content

12 millionaire Politicians of Jamshoro


ڄامشوري ۾ مراد شاهه، اسد سڪندر، جلال شاهه، کيئل داس، روشن ٻرڙي سميت 12 ڪروڙ پتي سياستدان، ديارام سڀ کان امير

اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) ڄامشوري ضلعي ۾ 12 سياستدان ڪروڙ پتي آهن جن مان ديارام 36 ڪروڙ 30 رپين جي اثاثن سان سڀ کان امير، ملڪ اسد سڪندر 26 ڪروڙ 29، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه 21 ڪروڙ 39 لک، سيد جلال محمود شاهه 3 ڪروڙ 37 لک جي اثاثن جو مالڪ آهي. تفصيل موجب 2018ع جي عام چونڊن جي نامزدگي فارمن ۾ اين اي 233 ڄامشورو تي اثاثا ظاهر ڪندي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه پاڻ کي ڪل 3 ڪروڙ 37 لک 29 هزار 457 رپين جي ماليت جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي، جن ۾ مانجهند ۾ 57 ايڪڙ زمين، 66 لک رپيا روڪ، 33 لک بينڪ بيلنس، 4 لک جو گهريلو سامان، 27 هزار رپين جا هٿيار. 64 لک 60 هزار جون گاڏيون، هڪ ڪروڙ 8 لک 90 هزار جو پٿر ڪريشنگ پلانٽ جو ڪاروبار، 89 لک 80 هزار رپين جي ماليت جي مختلف ملڪيت ظاهر ڪئي آهي. 

ن ليگ جي ڪيسو مل کيئل داس ڪوهستاني جي اثاثن ۾ 15 لک جي ڪاروبار ۾ سيڙپ، 34 لک کان وڌيڪ جون گاڏيون، 14 تولا سون، 16 لک بينڪ بيلنس سميت هڪ ڪروڙ 16 لک 43 هزار 330 رپين، روشن علي ٻرڙو 3 ڪروڙ 17 لک 19 هزار 216 رپين، سعيد احمد 2 تولا سون، 2 لک جو بينڪ بيلنس، عبدالنبي شاهه 23 لک 38 هزار 93 رپين جي اثاثن جو مالڪ آهي، جن ۾ 50 تولا سون، 11 لک رپين جون گاڏيون، خانداني گهر ۾ 25 سيڪڙو حصو، 3 لک 50 هزار ماليت جي زمين شامل آهي، عبدالرحمان ميمڻ اثاثن ۾ 2 لک 10 هزار جو گهريلو سامان، 4 لک جو بينڪ بيلنس، 5 تولا سون، خانداني گهر، 20 ايڪڙ زمين، غلام عباس پيرزادو 2 لک بينڪ بيلنس، 15 تولا سون، گهر، اوپن پلاٽ، 52 ايڪڙ زرعي زمين، محمد صادق شورو هڪ ڪروڙ 29 لک 11 هزار 131 رپين، ملڪ پهاڙ خان 30 لک 15 هزار، شهمير گوپانگ 3 ايڪڙ زمين، 16 لک 20 هزار ماليت جو گهر ۽ پلاٽ، شجاع احمد راهوپوٽو 4 ڪروڙ 23 لک 97 هزار رپين جو مالڪ آهي، هن پنهنجي اثاثن ۾ 295 ايڪڙ زرعي زمين،48 لک روڪ، 83 لک بينڪ بيلنس، 50 تولا سون، 3 ڪڙو 5 لک ماليت جي مختلف پراپرٽي، 30 لک رپيا ماليت جي برف فيڪٽري ظاهر ڪئي آهي، سڪندر علي راهوپوٽو مجموعي طور 7 ڪروڙ 33 لک 32 هزار 931 رپين جي اثاثن جو مالڪ آ هي، جن ۾ 232 ايڪڙ زمين، 8 لک ماليت جا 5 هٿيار، 65 لک روڪ، 54 لک بينڪ بيلنس، 50 تولا سون، هڪ ڪروڙ 14 لک ماليت جون 5 گاڏيون، هڪ ڪروڙ 20 لک رپين جي ڪاروبار ۾ سيڙپ، 3 ڪروڙ 42 لک رپين جي مختلف پراپرٽي شامل آهي، 

پي ايس 80 ڄامشورو هڪ تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاڻ کي مجموعي طور تي 21 ڪروڙ 39 لک 18 هزار 499 رپين جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي، سندس اثاثن ۾ 466 ايڪڙ زرعي زمين، 18 ڪروڙ 54 لک بينڪ بيلنس، هڪ ڪروڙ 42 لک جون گاڏيون هڪ ڪروڙ 15 لک ماليت جو ڪراچي ۾ گهر ظاهر ڪيو آهي. 
عبدالاحد ڪٽوهر هڪ لک رپيا روڪ، 80 هزار دڪان ۾ سيڙپ، عبدالعزيز راجپوت 5 تولا سون، 50 لک جو گهر، عبدالله بلوچ 34 ايڪڙ زمين، 4 ڪمرن تي ٻڌل بنگلو، 5 تولا سون، ايڊووڪيٽ عاشق حسين سونگي 5 لک 50 هزار رپين جو بينڪ بيلنس، 3 تولا سون، 35 لک جون گاڏيون، 60 لک رپين جي برف فيڪٽري، 3 لک جو پلاٽ، 20 لک ماليت جي زرعي زمين، اظهر حسين جمالي هڪ لک 20 هزار جو سون ۽ ٻيا اثاثا، غلام حسن قريشي 5 لک 38 هزار رپين جو بينڪ بيلنس، 60 هزار رپين جو اسلحو، 2 ڪروڙ رپين جي ماليت جي زرعي زمين، مير حسن پنهيار 66 لک جون گاڏيون، نثار احمد لنڊ 15 لک 80 هزار جو بينڪ بيلنس، 9 تولا سون، 18 لک جون گاڏيون، 15 لکن جي ڪاروبار ۾ سيڙپ، 30 لک رپين جي ماليت جو گهر ظاهر، سيد حيدر عباس شاهه 12 لک جي گاڏي، 5 لک رپيا بينڪ بيلنس، سيد محمد علي شاهه 111 ايڪڙ زرعي زمين ۽ ٻيا اثاثا، سيد نجف علي شاهه 15 ايڪڙ زرعي زمين کان سواءِ 15 لک 5 هزار 200 رپين جا اثاثا ظاهر ڪيا ويا آهن. 

پي ايس 81 ڄامشورو 2 تي فارم ڀرائيندڙ عبدالله پالاري پاڻ کي 3 لک ماليت جي گهر، ملڪ چنگيز خان هڪ ڪروڙ 95 لک 39 هزار 770 رپين جي ماليت جو مالڪ ڄاڻايو آهي، وٽس 52 ايڪڙ زرعي زمين، 84 لک ماليت جي روڪ رقم ۽ بانڊ به آهن، ديارام پٽ آلو مل پاڻ کي ڪل 36 ڪروڙ 30 لک رپين جي اثاثن جو مالڪ ظاهر ڪيو آهي، وٽس 26 ڪروڙ رپين جي ڪاروبار ۾ سيڙپ، 25 ڪروڙ 17 لک 90 هزار جي گهرن ۾ 50 سيڪڙو حصو آهي، تڪ تان ڪامياب گيان چند عرف گيانو مل پٽ آلو مل ايسراڻي پاڻ کي 31 لک 89 لک 19 هزار جي ڪاروبار ۾ حصي سميت ڪل 17 ڪروڙ 47 لک 55 هزار رپين جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي. مير احمد پاڻ کي 8 لک 50 رپين جي ملڪيت، 8 تولا سون، 2 لک روڪ، 10 لک رپين جو بينڪ بيلنس، گهريلو سامان، صالح محمد 745 ايڪڙ زرعي زمين، 20 تولا سون، 5 لک روڪ، گهريلو سامان، ساڍا 4 لک جو ٽريڪٽر ۽ هٿيار، رابعه جوکيو پنهنجي اثاثن ۾ 86 هزار بينڪ بيلنس، 72 لک جون گاڏيون، سيونگ سرٽيفڪيٽ، 5 لک جو گهر ظاهر ڪيو آهي. 
پي ايس 82 ڄامشورو 3 تي فارم ڀرائيندڙ لال محمد بروهي ساڍا 3 لک ماليت جو گهريلو سامان، 5 تولا سون، ڪاروبار جنهن جي هن سيڙپ جي رقم بابت تفصيل نه ڄاڻايا آهن، هن پنهنجي رهائشي گهر جي قيمت 50 لک رپيا ڄاڻائي آهي، ملڪ اسد سڪندر 26 ڪروڙ 29 لک 6 هزار 739 رپين جي ملڪيت جو مالڪ ڄاڻايل آهي، اثاثن ۾ 807 ايڪڙ زرعي زمين، 10 لک جا هٿيار، 150 کان وڌيڪ ٻڪريون ۽ رڍون، 11 ڪروڙ 59 لک 99 هزار جو بينڪ بيلنس، 18 لک روڪ، 60 تولا سون، 2 ڪروڙ 58 لک جون گاڏيون، غير زرعي زمين جي ڪل ماليت 7 ڪروڙ 32 لک ۽ زرعي ملڪيت جي ڪل ماليت 86 لک 79 هزار رپيا ڄاڻائي آهي. راهب علي کوسو 11 ايڪڙ زرعي زمين، 12 لک ماليت جا ٽريڪٽر، 30 هزار جي موٽرسائيڪل ڪل 62 لک 45 هزار رپين، سڪندر علي شورو 77 لک 85 هزار 874 رپين ۽ سهيل احمد شورو 91 لک 90 هزار 348 رپين جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي.

Comments

Popular posts from this blog

Tando Allahyar Politicians Assets Mir Khokhar, Zia Abbas Rizvi

ٽنڊي الهيار ۾ مير محمد کوکر ارب پتي سياستدان،ضياءَ عباس رضوي وڏو زميندار مير محمد کوکر وٽ 94 ڪروڙ 27 لک جا اثاثا،ڳوٺ،حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ 5 گهر،گهرواري جي نالي 20 ڪروڙن جي ملڪيت خير محمد کوکر 19 ڪروڙ،ضياءَ عباس رضوي 9 ڪروڙ، محسن عباسي 8 ڪروڙ، علي نواز شاهه 5 ڪروڙ رپين جا اثاثا ظاهر ڪيا Posted on   April 21, 2019  (1:24 pm) اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) ٽنڊو الهيار جي سياستدانن طرفان ظاهر ڪيل اثاثن مطابق اين اي 224 ٽنڊو الهيار تان چونڊيل ايم اين اي عبدالستار بچاڻي وٽ 2 ڪروڙ 51 لک 44 هزار 116 رپين جا اثاثا آهن. جن ۾ڪراچي ۾ 22 لک 50 هزار جو گهر، 22 لک جو پيٽرول پمپ، 25 لک 50 هزار جا بانڊ، 54 لک 88 هزار 980 رپيا جون گاڏيون، 540 تولاسون، هڪ ڪروڙ 50 لک جو بينڪ بيلنس ظاهر ڪيو آهي. ساڳئي تڪ تي فارم ڀرائيندڙ سيد علي نواز شاهه 5 ڪروڙ 44 لک 20 هزار 954 رپين جا اثاثا ظاهر ڪيا، جن ۾ هڪ ڪروڙ 14 لک رپيا جون گاڏيون، هڪ ڪروڙ 41 لک جو بينڪ بيلنس، 281 ايڪڙ زرعي زمين شامل آهي، علي محمد ولهاري هڪ ڪروڙ 39 لک 8 هزار 190 رپيا جي اثاثا ڄاڻايو آهن، علي احمد پلهه 73 ايڪڙ زمين، 21 لک جي ...

Matiari Politicians assets

مٽياري ۾ سياستدانن وٽ ڪروڙن جا اثاثا،امير علي شاهه وڌيڪ ملڪيت وارو، مخدوم رفيق الزمان به ڪروڙن جو مالڪ امير علي شاهه وٽ 26 ڪروڙ 54 لکن کان وڌيڪ اثاثا، مخدوم رفيق 16 ڪروڙ ملڪيت جو مالڪ Posted on   April 20, 2019  (1:16 pm) اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) مٽياري ضلعي سان تعلق رکندڙ سياستدان وٽ به ڪروڙن جا اثاثا آهن، سيد پير امير علي شاهه ضلعي ۾ سڀ کان وڌيڪ پئسي وارو سياستدان آهن. ان سلسلي ۾ 2018ع واري اليڪشن ۾ نامزدگي فارم سان گڏ جمع ڪرايل اثاثن مطابق اين اي 223 مٽياري تي اميدوار عبدالرزاق ميمڻ وٽ ڪل 7 ڪروڙ 97 لک 16 هزار 631 جا اثاثا آهن، جن 53 لک 80 هزار ماليت جي مختلف ملڪيت، 2 ڪروڙ 97 لک 50 هزار جو ڪاروبار، هڪ ڪروڙ 27 لک 55 هزار رپين جون گاڏيون، 100 تولا سون، 2 ڪروڙ 38 لک 15 هزار روپين جو بينڪ بيلنس شامل آهي، عبدالرزاق ميمڻ جون قاسم آباد حيدرآباد جي اقبال ولاز ۾ مختلف ملڪيتون، ميمڻ ٽائون قاسم آباد ۾ بنگلو، 180 ايڪڙ زمين، سي اين جي ۽ پيٽروليم ۾ 50 سيڪڙو حصو به ڄاڻايو آهي. ايڊووڪيٽ امير عباس لغاري پاڻ کي 4 ڪروڙ 46 لک روپين جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي، جنهن ۾ 25 لک جي...

“آخر هيءَ رات گذرڻي آ، تو ڇو گهٻرايو آ پيارا!”

“آخر هيءَ رات گذرڻي آ، تو ڇو گهٻرايو آ پيارا!” : “آخر هيءَ رات گذرڻي آ، تو ڇو گهٻرايو آ پيارا!” “آخر هيءَ رات گذرڻي آ، تو ڇو گهٻرايو آ پيارا!” Posted on   May 3, 2019  (1:09 pm) ملڪ ۾ جمھوريت ھجي يا نھ ھجي؟ ھجي تھ ڪيتري ۽ ڪھڙي ھجي؟ پاڪستان ۾ اھي سوال بنيادي نوعيت جا سوال رھيا آھن. جيئن تھ اظھار يا صحافت جي آزادي سڌي طرح سان عوام جي حق سان واڳيل آھي، ان ڪري اھا بھ جمھوريت جيان سدائين ڏچي ۾ رھي آھي. جيئن پاڪستان ۾ جمھوريت کي پوري آزادي سان ھلڻ نھ ڏنو ويو، تيئن پريس جي آزادي بھ سدائين حڪمران ڌرين جي اک ۾ ڪنڊو رھي آھي. اھوئي سبب آھي جو صحافت سينسرشپ جي ڪارن قانونن کان ويندي مختلف دٻائن، دٻڙ ڌؤنس ۽ ڏاڍ جو شڪار رھي آھي. جيتري بھ ۽ جڏھن بھ اھا آزادي ملي سا صحافين ۽ عوام جي جدوجھد جو ئي نتيجو ھئي. سٺ واري ڏھاڪي ۾ ايوب خان پريس اينڊ پبليڪيشن آرڊيننس لاڳو ڪري صحافت کي قيد ڪيو، تڏھن صرف من پسند ماڻھو ئي اخبار جو ڊڪليئريشن حاصل ڪري سگھندا ھئا. ھڪ ڀرپور عوامي تحريڪ جڏھن ايوب خان کي اقتدار کان ڌڪي پري ڪيو تھ چند مھينن لاءِ پريس کي آزادي ملي، ورنھ ان کان اڳ “پريس ايڊوائس” نالي انفرميشن ڊ...