صدرالدين شاهه راشدي 45 ڪروڙ 19 لکن جا اثاثا ڏيکاريا، وٽس برطانيا ۾ فليٽ، 100 تولا سون ۽ 508 ايڪڙ زرعي زمين آهي
قائم شاهه راشدي وٽ 26 ڪروڙ 58 لک، منظور وساڻ وٽ 18 ڪروڙ 17 لک، اسماعيل راشدي 12 ڪروڙ کان وڌيڪ اثاثا ڏيکاريا

اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) خيرپور ضلعي ۾ سيد صدر الدين شاهه راشدي 45 ڪروڙ رپين جي اثاثن سان سڀ کان امير سياستدان، سيد قائم شاهه راشدي ضلعي جو ٻيو نمبر وڌيڪ اثاثا رکندڙ سياستدان آهي. ان سلسلي ۾ 2018ع جي عام چونڊن دوران خيرپور ضلعي جي تڪ اين اي 208 خيرپور هڪ تي نامزدگي فارم ڀرائيندڙ اڳوڻي وفاقي وزير سيد پرويز علي شاهه اثاثن ۾ خيرپور ۾ رهائشي گهر جيلاني هائوس ظاهر ڪيو آهي، جنهن جي ماليت 3 ڪروڙ 60 لک رپيا آهي، ان کانسواءِ 20 لک 39 رپين جا 2 پلاٽ، ڪاروبار ۾ پاش بلڊر ۽ ڊولپرز ۾ 25 لک رپين سيڙپڪاري، 4 لک 65 هزار جو بينڪ بيلنس، 18 لک جو فرنيچر ۽ سامان سميت ڪل 4 ڪروڙ 23 لک 39 هزار رپين جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي. جڏهن ته هن ذاتي گاڏي توڙي سون ظاهر نه ڪيو. ساڳئي تڪ تي فارم ڀرائيندڙ مير محمد هنجراهه 40 لک ماليت جو گهر، 80 کان 90 لک ماليت جي 14 ايڪڙ زرعي زمين، 2 تولا سون، هڪ لک 70 هزار بينڪ بيلنس ظاهر ڪيو آهي، اين اي 208 خيرپور هڪ تان چونڊيل ايم اين اي سيد نفيسا شاهه ڪل 2 ڪروڙ 39 لک 65 هزار 263 رپين جا اثاثا ظاهر ڪيا، عبدالغفار شيخ پاڻ کي 5 ڪروڙ 36 لک 19 هزار 5 رپين جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي، جن ۾ 3 ڪروڙ 21 لک رپين جو گهر ۽ پلاٽ، ڪوٽڏيجي ۾ هڪ ايڪڙ زرعي زمين، ڪاروبار ۾ 10 لک جي سيڙپ، 3 لک 80 هزار جا بانڊ، 30 تولا سون، 84 لک جون گاڏيون، هڪ ڪروڙ هڪ لک جو بينڪ بيلنس شامل آهي. سيد نواز علي شاهه 99 لک 20 هزار رپين جا اثاثا ڏيکاريا. جن ۾ 11 ايڪڙ خانداني زمين، 5 لک جا بانڊ، 36 لک جي گاڏي، 35 تولا سون به شامل آهي، اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه مجموعي طور 2 ڪروڙ 45 لکن جا اثاثا ڏيکاريا، جن ۾ 18 لک 75 هزار جي گاڏي، 65 ايڪڙ زرعي زمين کانسواءِ 38 لک هڪ هزار 600 رپين جي ٻي ملڪيت شامل آهي. اين اي 209 خيرپور 2 تي فارم ڀرائيندڙ سيد صدر الدين شاهه جي پٽ اسماعيل شاهه راشدي ڪل 12 ڪروڙ 75 لک 95 هزار 674 رپين جي اثاثا ڏيکاريا، جن ۾ 70 لک جي گاڏي، 50 تولا سون، 3 ڪروڙ 29 لک 12 هزار 185 رپين جو بينڪ بيلنس، هڪ ڪروڙ 78 لک جو چوپايو مال، گهوڙا ۽ انهن لاءِ طنبيلو 2 ڪروڙ 18 لک رپين جو، 325 ايڪڙ زرعي ظاهر ڪئي آهي. منور علي وساڻ 8 ڪروڙ 95 لک 53 هزار 805 رپين جا اثاثا ظاهر ڪيا، جن ۾ ڪاروبار ۾ 42 لک 50 هزار جي سيڙپ، 5 لک جا بانڊ، 15 لک جي گاڏي، 20 تولا سون، ساڍا 4 لک جا هٿيار، 300 ايڪڙ زرعي زمين شامل آهن. اڳوڻي وفاقي وزير پير صدر الدين شاهه راشدي پاڻ کي ڪل 45 ڪروڙ 19 لک 59 هزار 704 رپين جي اثاثن جو مالڪ ظاهر ڪيو آهي، جن ۾ برطانيا ۾ فليٽ، 2 ڪروڙ 35 لک رپين جي ڪاروبار ۾ سيڙپ، 20 لکن جي گاڏي، 100 تولا سون، 8 ڪروڙ31 لک رپين جو بينڪ بيلنس شامل آهي، ان کانسواءِ هن پاڻ کي 508 ايڪڙ زرعي زمين جو مالڪ ڄاڻايو آهي. اين اي 209 خيرپور 2 تي چونڊيل ايم اين اي پير فضل شاهه جيلاني 87 ايڪڙ زرعي زمين، 3 لک 50 هزار رپين جي 1986 ماڊل جيپ، 16 لک جي ڪار، 35 تولا سون، 68 لک رپيا بينڪ بيلنس، راڻيپور ۾ 45 لک ماليت جو گهر، اسلام آباد ۾ 30 لک جو پلاٽ، راڻيپور ۾ 2 لک 50 هزار رپين جا 3 پلاٽ ظاهر ڪيا آهن، معشوق محي الدين شاهه راڻيپور ۾ گهر، پلاٽ سميت مختلف 2 ڪروڙ 80 لک رپين جي ملڪيت ظاهر ڪئي، 24 لک جون گاڏيون، 30 تولا سون ۽ 46 ايڪڙ زرعي زمين سميت مجموعي طور تي 3 ڪروڙ 80 لک رپين جا اثاثا ظاهر ڪيا. اين اي 210 خيرپور 3 تي فارم ڀرائيندڙ اسد الله شيخ 4 ڪروڙ 40 لک 79 هزار 42 رپين جا اثاثا ڏيکاريا، جن ۾ ڏيڍ ڪروڙ رپين جي ڪاروبار ۾ سيڙپڪاري، 2 ڪروڙ جا ڊي ايڇ اي فيز 8 ۾ 2 پلاٽ ۽ ٻي ملڪيت شامل آهي، جاويد سڪندر جوڻيجو 20 تولا سون، 7 لک جي گاڏي، 12 لک جو بينڪ بيلنس، ڪراچي ۾ ڏيڍ ڪروڙ جو فليٽ، 11 ڪروڙ جو زمين ۾ حصو ظاهر ڪيو آهي. مخصوص سيٽ تي ايم اين اي چونڊيل ڊاڪٽر مهرين ڀٽو 3 ڪروڙ 39 لک 87 هزار 301 رپين جا اثاثا ڄاڻايا. جن ۾ 50 تولا سون، 83 لک روڪ، 25 لکن جا بانڊ، 11 لک 84 هزار جو بينڪ بيلنس، 5 لک جي گاڏي، 37 لک 13 هزار رپين جو ڪراچي ۾ فليٽ، خيرپور ۾ 5 لک رپين جو پلاٽ، گمبٽ ۾ 35 هزار فوٽ جو پلاٽ جنهن جي ماليت هن صرف 10 لک رپيا ڄاڻائي آهي، خيرپور ۾ 4300 فوٽ جو پلاٽ جنهن جي ماليت 4 لک، 4300 فوٽن جو خيرپور ۾ ٻيو پلاٽ، جنهن جي ماليت 3 لک، راڻيپور ۾ 15 ايڪڙ زرعي زمين جنهن جي ماليت 33 لک رپيا، ڪراچي ۾ گهر ۾ حصو، اسلام آباد ۾ 48 لک جو پلاٽ اثاثن ۾ ظاهر ڪيو آهي، ايم اين اي سيد جاويد علي شاهه جيلاني پاڻ کي 6 ڪروڙ 17 لک 34 هزار 699 رپين جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي، جن ۾ هڪ ڪروڙ 45 هزار روڪ، 25 لک جا بانڊ، 23 لک جو بينڪ بيلنس، 78 تولا سون، خانداني گهر، خيرپور فلنگ اسٽيشن، جاويد برف فيڪٽري، جيلاني ڪاٽن فيڪٽري، بلال سي اين جي اسٽيشن، ٺري ميرواهه ۾ پلاٽ، جڏهن ته راڻيپور ۾ سرمست فلنگ اسٽيشن ۾ 50 سيڪڙو حصو، 131 ايڪڙ زرعي زمين جو مالڪ ڄاڻايو آهي. سيد جاويد علي شاهه جي پٽ سيد فهد شاهه پاڻ کي 27 لک31 هزار 811 رپين جا اثاثا ڏيکاريا، هن سوڪ سينٽر ۾ 5 لک جي ملڪيت، جيلاني ڪاٽن فيڪٽري ۾ 25 سيڪڙو حصو، 17 ايڪڙ زرعي زمين، 5 لک جي ڪاروبار ۾ سيڙپ، 50 تولا سون، 5 لک 81 هزار رپيا روڪ اثاثن ۾ ڄاڻايا آهن. سيد ڪاظم علي شاهه ڪاروبار ۾ هڪ ڪروڙ 20 لک جي سيڙپ، 76 لک جون گاڏيون، 65 تولا سون ۽ 231 ايڪڙ زرعي زمين سميت پاڻ کي 11 ڪروڙ 60 لک 20 هزار رپين جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي. سيد محرم علي شاهه 30 تولا سون، 40 ايڪڙ زرعي زمين، سيد سورج علي شاهه هڪ ڪروڙ 94 لک جي ماليت جا بحريه ٽائون ۾ گهر، 20 تولا سون، نعمت الله ميتلو 22 لک جي گاڏي، خانداني گهر ، پي ايس 26 خيرپور هڪ تي فارم ڀرائيندڙ عبدالحليم ميمڻ 20 لک جي ماليت جو گهر، 50 لک ماليت جي 7 ايڪڙ زمين، ڪاروبار ۾ 15 لکن جي سيڙپ، 7 لک 30 هزار جي گاڏي، 20 تولا سون، 3 لک بينڪ بيلنس اثاثن ۾ ڄاڻايو آهي، ساڳئي تڪ تي فارم ڀرائيندڙ عبدالمجيد شيخ 5 ڪروڙ 47 لک 96 هزار 730 رپين جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي، بشار احمد راهوجي 19 ايڪڙ کان وڌيڪ زرعي زمين، گهر، هڪ لک رپين جو بينڪ بيلنس، فياض خميساڻي هڪ ڪروڙ 70 لک جا 2 گهر ، 2 پلاٽ، جڏهن ته 14 تولا سون، 2 لک بينڪ بيلنس، حفيظ الله ميمڻ 25 لک جو خانداني گهر، 50 لک جي برف فيڪٽري، کجين جي ڪاروبار ۾ 10 لک سيڙپ، 20 تولا سون، مرزان ڪٽوهر 30 لک جي زرعي زمين ۽ گهر، 5 لک ڪاروبار ۾ سيڙپ، 3 تولا سون، مبين ڦلپوٽو 25 تولا سون، 20 لک جو اسلام آباد ۾ گهر، 30 لک جو سکر ۾ گهر ۽ دڪان، 40 لک جو ڇهارا منڊي سکر ۾ دڪان، 35 لک جو وسري واهڻ ۾ گهر، 30 لک ماليت جو خيرپور ۾ گهر، 12 لک جا خيرپور ۾ 2 پلاٽ، 65 لکن جي 350 ايڪڙ زمين اثاثن ۾ ظاهر ڪيو آهي. شير محمد ڦلپوٽو 33 لک جون گاڏيون، 30 لک جو ڪراچي ۾ گهر، 40 لک جو خيرپور ۾ گهر، 15 لک جو فليٽ، 80 لک جي 335 ايڪڙ زمين، 15 لک جا خيرپور ۾ 5 دڪان، 7 لک جو خيرپور ۾ پلاٽ، 60 لک جا کجور منڊي خيرپور ۾ دڪان، 16 لک جا ڪراچي ۾ فليٽ ڄاڻايا آهن. اڳوڻي وڏي وزير سيد غوث علي شاهه 2 ڪروڙ 52 لک 60 هزار 312 رپين جي پراپرٽي جو مالڪ ڄاڻايو آهي، جن ۾ ڪروڙ جا بانڊ، 50 تولا سون، 65 ايڪڙ زرعي زمين ظاهر ڪئي آهي. سيد غلام شاهه پاڻ کي مجموعي طور 74 لک 50 هزار رپين جي ملڪيت جو مالڪ ڄاڻايو آهي. پي ايس 27 خيرپور 2 تي فارم ڀرائيندڙ علي حسن سولنگي 45 لک رپين جو گهر ۽ مختلف ملڪيت، هڪ ايڪڙ زمين، 5 لک جي گاڏي، 5 تولا سون، غلام مرتضيٰ ٻرڙو 95 لک رپين جا اثاثا ظاهر ڪيا. منظور وساڻ پاڻ کي 18 ڪروڙ 17 لک 64 هزار 334 رپين جي اثاثن ۾ 70 لک جون گاڏيون، 150 تولا سون ڄاڻايو آهي. مير شاهنواز ٽالپر 7 ڪروڙ 46 لک 99 هزار 237 رپين جا اثاثا ظاهر ڪيا. جن ۾ 403 ايڪڙ زرعي زمين، 30 لک جي گاڏي، 10 تولا سون به شامل آهي. ظهير عباس ٽالپر ذاتي گهر، 20 تولا سون سميت 91 لک 2850 رپين، مريد حسين وساڻ هڪ ڪروڙ 29 لک 57 هزار رپين جي اثاثن جا اثاثا ظاهر ڪيا. پي ايس 28 خيرپور 3 تي فارم ڀرائيندڙ آفتاب احمد شر 19 لک جي گاڏي، 4 تولا سون ۽ 40 لک جا پلاٽ، عطاءُ الله خان ڦل 36 ايڪڙ زمين، پيٽرول پمپ، هڪ ڪروڙ 80 لک جا 4 گهر، 49 لک جون گاڏيون، 30 تولا سون، فقير سڪندر علي شر 25 ايڪڙ زمين، 15 لک جو گهر ، احسان علي شر 60 لک جو خانداني گهر ، نسيم عباس لاشاري، هڪ ڪروڙ 47 لک 40 هزار 488 رپين جي ملڪيت، سيد قمر الزمان شاهه 20 تولا سون، ورثي ۾ مليل 72 ايڪڙ زرعي زمين سميت 88 لک 60 هزار رپين جا اثاثا، سيد شفيق احمد 30 تولا سون سميت ڪل 19 لک 58 هزار ورپين جا اثاثا، نثار احمد شر 3 ڪروڙ ماليت جا گهر ۽ پلاٽ، ڪاروبار ۾ 2 ڪروڙ جي سيڙپڪاري، 90 جي لک جي گاڏي، 6 تولا سون، رشيد احمد 25 لک ماليت جي زرعي زمين ۽ گهر، ايم اين اي ساجد علي ٻانڀڻ 7 ڪروڙ 45 لک 25 هزار، پي ايس 29 خيرپور 4 تان چونڊيل محمد رفيق ٻانڀڻ 3 ڪروڙ 55 لک 23 هزار 505 رپين جي اثاثا، نعيم عباس لاشاري پاڻ کي هڪ ڪروڙ 47 لک 40 هزار 488 رپين جا اثاثا، فرحت خان ٻانڀڻ 80 لک جي ماليت جي 16 ايڪڙ زمين، هڪ ڪروڙ 10 لک جون گاڏيون، فقير بخت علي هيسباڻي 124 ايڪڙ زرعي زمين، 100 تولا سون، سيوهڻ ۾ 6 ڪروڙ رپين جو گهر، ڪراچي ۾ 60 لک رپين جو فليٽ، خوش خير محمد هيسباڻي ڳوٺ ۾ 20 لک جو گهر، شيراز شوڪت راڄپر 43 ايڪڙ زرعي زمين، 33 ايڪڙ گهرواريءَ جي نالي تي زمين، 48 لک جون گاڏيون، 10 تولا سون، شوڪت راڄپر 85 ايڪڙ زمين، 30 تولا سون، 48 لک جي گاڏي، 38 لک رپين جي ڪراچي ۾ گهر سميت 2 ڪروڙ 46 لک 99 هزار 41 رپين جا اثاثا، زين العابدين راڄپر 11 ايڪڙ زرعي زمين، عبدالرحيم ڄامڙو 29 لک 20 هزار جي مختلف ملڪيت، 5 تولا سون، احمد علي شاهه 43 لک 10 هزار رپين جي ملڪيت، اسد اقبال زيدي 30 لک ماليت جو گهر ۽ 10 تولا سون، غلام رسول سهتو 3 ڪروڙ 46 لک 50 هزار، امداد علي چنا 18 لک جي گاڏي، 10 تولا سون، 5 لک 40 هزار بينڪ بيلنس، 5 لک جو گهريلو سامان ۽ گڏيل گهر، ماجد سڪندر 5 ايڪڙ زمين، 40 لک رپين اثاثا، مير شاهد ٽالپر پاڻ کي ڏيڍ ڪروڙ ماليت جا اثاثا، قربان علي سهتو 35 ايڪڙ زرعي زمين، پلاٽ، گهر، 8 لک جي گاڏي، 5 تولا سون، 4 لک رپيا بينڪ بيلنس، سيد نياز شاهه زمين، 50 لک جي ڪاروبار ۾ سيڙپ، 50 تولا سون، ساڍا 5 لک رپيا بينڪ بيلنس سميت 95 لک 50 هزار رپين جا اثاثا، سيد سورج علي شاهه هڪ ڪروڙ 45 لک جا اثاثا، محمد صديق 92 لک جا اثاثا، شاهنواز عباسي 128 ايڪڙ غيرآباد زمين 3 گهر، 4 تولا سون ، عذرا کوکر هڪ ڪروڙ 80 لک، عبدالجليل شيخ 2 ڪروڙ 6 لک 52 هزار 955 رپين، يار محمد مڱڻيجو 3 ڪروڙ 15 لک 5 هزار رپين، فرزند علي شاهه 31 لک رپين جي مختلف ملڪيت کانسواءِ 5 لک 50 هزار جي جيپ، 12 تولا سون، 2 لک 40 هزار بينڪ بيلنس، محمد اعظم 4 تولا سون 16 ايڪڙ زمين، خانداني گهر، امان الله ناريجو 60 ايڪڙ زرعي زمين، 10 تولا سون، گهر، پلاٽ، قائم علي مري 7 ايڪڙ زرعي زمين کان سواءِ 35 لک 78 هزار 392 رپين جا اثاثا، 19 هزار جو بينڪ بيلنس، 10 لک رپين جو ذاتي گهر، ماهوار 14520 رپين ۾ ڪرائي تي ڏنل گهر، 15 لکن جو ڊيڪوريشن جو دڪان، عبدالجليل شيخ 3 ڪروڙ 2 لک 89 هزار 115، ارباب شاهد 4 ڪروڙ 84 لک 46 هزار 500، غلام قاسم اڄڻ 23 لک 41 هزار 616، ڪمال الدين ناريجو 60 لک، پير محمد بچل شاهه هڪ ڪروڙ 5 لک 55 هزار جا اثاثا ظاهر ڪيا، جڏهن ته هن پاڻ کي 14 لک 85 هزار رپين جو قرضي به ڄاڻايو. نعيم احمد کرل 7 ڪروڙ 68 لک 54 هزار 582 رپين جا اثاثا ظاهر ڪندي پاڻ کي 88 لک 53 هزار رپين جو قرضي ڄاڻايو آهي. سيده نور الهديٰ شاهه جيلاني 175 ايڪڙ زمين کان سواءِ هڪ ڪروڙ 5 لک 55 هزار 205 رپين جا اثاثا، سيد شمس الهديٰ شاهه جيلاني 3 ڪروڙ 90 لک، محمد قائم شاهه راشدي 26 ڪروڙ 58 لک جا اثاثا ظاهر ڪيا. نواب علي وساڻ پاڻ 6 ڪروڙ 14 لک 50 هزار 357 رپين جا اثاثا ڏيکاريا، جن ۾ ڊي ايڇ اي ڪراچي ۾ گهر، مير علي بازار خيرپور ۾ 60 لکن جو گهر، ڪراچي ۾ 80 لک جو فليٽ، 3 پلاٽ، 18 لک جا بانڊ، 70 تولا سون، هڪ ڪروڙ 22 لک جو گاڏيون ظاهر ڪيون. شوڪت علي ڀنڊ 5 ڪروڙ، سيد غوث محمد شاهه 2 ڪروڙ، سيد محمد راشد شاهه راشدي 8 ڪروڙ 56 لک 59 هزار 928 رپين جا اثاثا ظاهر ڪيا.
Comments
Post a Comment