Skip to main content

Posts

Showing posts with the label Assets

Thatta rich Politicians Assets

ٺٽي ضلعي جي سياستدانن مان نوابشاهه ڄائو علي حسن زرداري سڀ کان امير ايم پي اي علي حسن زرداري وٽ 41 ڪروڙ 72 لک ۽ ممتاز علي ميمڻ وٽ 20 ڪروڙ 57 لک رپين جا اثاثا محمود عالم شاهه 12 ڪروڙ 33 لک،پير غلام رحماني 3 ڪروڙ هڪ لک ۽ سسئي پليجو 2 ڪروڙ 47 لکن جا مالڪ Posted on   May 4, 2019  (1:52 pm) اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) ٺٽي ضلعي مان اليڪشن وڙهندڙ سياستدانن ۾ نوابشاهه ڄائو ايم پي اي علي حسن زرداري سڀني کان امير، وٽس 41 ڪروڙ 72 لک 59 هزار 373 رپين جا اثاثا، ممتاز علي ميمڻ 20 ڪروڙ 57 لک جي اثاثن جو مالڪ آهي. ان سلسلي ۾ ٺٽي ضلعي مان چونڊ وڙهندڙ سياستدانن طرفان ظاهر ڪيل اثاثن مطابق اين اي 232 ٺٽو تي فارم ڀرائيندڙ حسن بلوچ 68 لک 60 هزار جا اثاثا ۽ 17 ايڪڙ زمين به ڄاڻائي، عبدالواحد سومرو 62 لک 43 هزار رپين جي اثاثن ۾ 131 ايڪڙ زمين، 40 ايڪڙ ليز تي ورتل زمين ۽ 25 تولا سون به ظاهر ڪيو، علي محمد جوکيو 50 لک، ارسلان بخش بروهي 2 ڪروڙ 44 لک 74 هزار 692، دلدار احمد خاصخيلي هڪ ڪروڙ 80 لک جي اثاثن سميت 60 ايڪڙ زرعي زمين، گل محمد سمون ريڊار هڪ ڪروڙ 78 لک 68 هزار 220 رپين جي اثاثن سان ...

Larkana Politicians Assets

بلاول لاڙڪاڻي جو امير ترين سياستدان، فريال ٽالپر 32 ڪروڙ، آصف سومرو 8 ۽ اميربخش ڀٽو 4 ڪروڙن جو مالڪ پ پ چيئرمين هڪ ارب 54 ڪروڙ 48 لک 60 هزار 167 رپين جو مالڪ، سال ۾ 64 لکن جو اضافو، دبئي ۾ به 22 ملڪيتون پ پ ليديز ونگ سربراهه وٽ 52 لکن جا بانڊ، 3 لک جو سون، لينڊ ڪروزر، پراڻي مرسڊيز، ڪراچي، اسلام آباد، پنڊي بحريه ٽائون ۾ گهر Posted on   April 14, 2019  (9:04 pm) اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو)  لاڙڪاڻي ضلعي جي قومي توڙي صوبائي تڪن تي اميدوار طور فارم ڀرائيندڙن ۾ بلاول ڀٽو زرداري هڪ ارب 54 ڪروڙ 48 لک روپين جي اثاثن جو مالڪ آهي، جڏهن ته راشد محمود سومرو 22 لک 54 هزار، آصف علي سومرو 8 ڪروڙ 74 لک، عادل الطاف انڙ 81 لک 28 هزار، الله بخش انڙ هڪ ڪروڙ 64 لک، امير بخش خان ڀٽو 4 ڪروڙ 80 لک، فريال ٽالپر 32 ڪروڙ 31 لک، روپين جي اثاثن جا مالڪ آهن اين اي 200 لاڙڪاڻو هڪ تان چونديل پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڻ کي هڪ ارب 54 ڪروڙ 48 لک 60 هزار 167 روپين جو مالڪ ڄاڻايو آهي، وٽس 4 ڪروڙ 99 لک روڪ، دبئي ۾ 22 مختلف ملڪيتون، هڪ ارب 29 ڪروڙ روپيا وڪٽري انٽر پرائيز، رائل پرا...

Poor politicians of Jmashoro

عليم پنهيار، اعجاز لاشاري، ثمينه پنهور، بختاور ملاڻو غريب سياستدان Posted on   April 28, 2019  (1:54 pm) اسلام آباد: ڄامشوري ضلعي ۾ غريب ۽ لک پتي سياستدان به آهن جن ۾ پي ايس 80 ڄامشورو هڪ تي فارم ڀرائيندڙ عبدالعليم پنهيار پنهنجي اثاثن ۾ 50 هزار بينڪ بيلنس، اعجاز علي لاشاري دڪانداري ۾ 50هزار سيڙپ، هڪ تولو سون، ڏيڍ لک جو بينڪ بيلنس، الطاف حسين بروهي 3 لک ماليت جو گهر، 50 هزار جي موٽرسائيڪل، 2 تولا سون، 3 لک 20 هزار رپين جو بينڪ بيلنس ظاهر ڪيو.  فهيم خاصخيلي پنهنجي اثاثن جا ڪي به تفصيل ناهن ڄاڻايا، مقبول پنهور پنهنجي اثاثن ۾ 90 هزار روڪ، 3 تولا سون، ۽ گهر، محمود الرحمان هاليپوٽو 10 لک رپين جي ماليت جو گهر، 4 تولا سون، 3 لک روڪ، قربان علي سولنگي 2 تولا سون، 4 لک رپيا بينڪ بيلنس ظاهر ڪيو.  پي ايس 81 ڄامشورو 2 تي فارم ڀرائيندڙ عبدالله پالاري 3 لک ماليت جو گهر، علي شير نوحاڻي 65 هزار جي موٽرسائيڪل، 20 هزار جا هٿيار، گلبهار پنهنجي اثاثن ۾ درزڪو دڪان، 2 تولا سون، 4 لک روڪ ظاهر ڪيو. جاويد اختر پنهنجي اثاثن ۾ ڄاڻايو آهي ته هو ڪرائي جي گهر ۾ رهي ٿو، ان وٽ هڪ تول...

12 millionaire Politicians of Jamshoro

ڄامشوري ۾ مراد شاهه، اسد سڪندر، جلال شاهه، کيئل داس، روشن ٻرڙي سميت 12 ڪروڙ پتي سياستدان، ديارام سڀ کان امير Posted on   April 28, 2019  (1:52 pm) اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) ڄامشوري ضلعي ۾ 12 سياستدان ڪروڙ پتي آهن جن مان ديارام 36 ڪروڙ 30 رپين جي اثاثن سان سڀ کان امير، ملڪ اسد سڪندر 26 ڪروڙ 29، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه 21 ڪروڙ 39 لک، سيد جلال محمود شاهه 3 ڪروڙ 37 لک جي اثاثن جو مالڪ آهي. تفصيل موجب 2018ع جي عام چونڊن جي نامزدگي فارمن ۾ اين اي 233 ڄامشورو تي اثاثا ظاهر ڪندي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه پاڻ کي ڪل 3 ڪروڙ 37 لک 29 هزار 457 رپين جي ماليت جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي، جن ۾ مانجهند ۾ 57 ايڪڙ زمين، 66 لک رپيا روڪ، 33 لک بينڪ بيلنس، 4 لک جو گهريلو سامان، 27 هزار رپين جا هٿيار. 64 لک 60 هزار جون گاڏيون، هڪ ڪروڙ 8 لک 90 هزار جو پٿر ڪريشنگ پلانٽ جو ڪاروبار، 89 لک 80 هزار رپين جي ماليت جي مختلف ملڪيت ظاهر ڪئي آهي.  ن ليگ جي ڪيسو مل کيئل داس ڪوهستاني جي اثاثن ۾ 15 لک جي ڪاروبار ۾ سيڙپ، 34 لک کان وڌيڪ جون گاڏيون، 14 تولا...