Skip to main content

Rich politicians of Naushero Feroze -Jaoti, Shah, Rajpar, Channa

خالد چنا نوشهري جو سڀ کان امير سياستدان، مرتضيٰ جتوئي، ستار راڄپر، ظفر، ابرار، اصغر شاهه به ڪروڙ پتي

مرحوم غوث بخش 7 ڪروڙ، سرفراز شاهه 12 ڪروڙ، ذوالفقار بهڻ هڪ ڪروڙ، شڪيل جلباڻي 2 ڪروڙ، خان بهادر 3 ڪروڙ جا اثاثا ظاهر ڪيا

مقصود خشڪ 3 ڪروڙن، قمر راڄپر 2 ڪروڙن، عارف مصطفيٰ سوا ڪروڙن، عزيز بهڻ پوڻا 3 ڪروڙن، ڪاظم شاهه 3 ڪروڙن، خالد جتوئي 3 ڪروڙن جو مالڪ
اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) نوشهروفيروز ضلعي جي سياستدانن ۾ 34 ڪروڙپتي آهن جڏهن ته سيدن، ڀرٽن، راڄپرن جي هوندي سڀ کان وڌيڪ امير خالد مسعود چنا 51 ڪروڙ 36 لک، عبدالحق ڀرٽ 24 ڪروڙ 14 لک، سيد مراد علي شاهه 15 ڪروڙ غلام مرتضيٰ خان جتوئي 6 ڪروڙ 9 لک رپين جي اثاثن جو مالڪ آهي. تفصيل موجب 2018 جي عام چونڊن ۾ اين اي 211 نوشهروفيرز هڪ تي نامزدگي فارمن سان گڏ اثاثا ظاهر ڪندڙ عبدالغفار عرف غلام مرتضيٰ ڏهراج 142 ايڪڙ زرعي زمين، 40 تولا سون سميت ڪل 71 لک 17 هزار 931 روپين جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي. عبدالستار راڄپر 3 ڪروڙ 25 لک 71 هزار 647 روپين جي اثاثن ۾ ڳوٺ ۾ بنگلو، اوطاق، 95 لک جي ڪاروبار ۾ سيڙپ، ساڍا 18 لکن جا بانڊ، 40 لکن جون گاڏيون، 50 تولا سون ڄاڻايو آهي، الهندو شاهه عرف سيد ظفر علي شاهه 11 ڪروڙ 69 لک 32 هزار 974 روپين، امير بخش راڄپر هڪ ڪروڙ، اصغر علي شاهه هڪ ڪروڙ 90 لک 82 هزار 627 روپين، سيد ابرار علي شاهه 6 ڪروڙ 48 لک، 50 هزار جي ملڪيت ڄاڻائي آهي، جنهن ۾ عاقل شاهه هائوس ۾ 50 سيڪڙو حصو، هالاڻي ۾ گهر، 2 پلاٽ، ڪراچي ۾ گهر، شاهانه ريسٽورنٽ ۾ 50 سيڪڙو حصو، پولٽري فارمن ۾ 33 سيڪڙو حصو، عاقل فلنگ اسٽيشن ۾50 سيڪڙو، بابا منظور شاهه ڪالوني جي پلاٽنگ ۾ 50 سيڪڙو حصو شامل آهي. امداد علي چنا 5 لک 40 هزار جو بينڪ بيلنس، 18 لکن جي گاڏي، خانداني گهر، خالد مسعود چنا 51 ڪروڙ 36 لک، 26 هزار 625 روپين جا اثاثا ظاهر ڪيا آهن. هن ڄاڻايو آهي ته 2016ع ۾ سندس اثاثن جي ڪل ماليت 32 ڪروڙ 3 لک 76 هزار 363 روپيا هئي، جيڪا سال 2017ع ۾ وڌي 51 ڪروڙ 36 لک 36 هزار 625 روپيا ٿي وئي، سندس اثاثن ۾ هڪ سال اندر 19 ڪروڙ 32 لک 50 هزار 262 روپين جو اضافو ٿيو، سندس اثاثن ۾ 10 تولا سون، 2 ڪروڙ 77 لک روپين جون گاڏيون، 38 لک روپين جو گهريلو سامان شامل آهي، مقصود علي خشڪ 3 ڪروڙ 91 لک 12 هزار 963 روپين، قمر الزمان راڄپر 2 ڪروڙ 60 لک جي اثاثن ۾ پڊ عيدن ۾ 6 پلاٽ، حيدرآباد ۾ بنگلو، 16 ايڪڙ زمين ڄاڻائي آهي، قدسيه قاضي وٽ 2 ڪروڙ ماليت جو منگلا ٽائون اسلام آباد ۾ گهر، 10 تولا سون، سيد حسن علي شاهه وٽ 94 ايڪڙ زمين، 280 تولا سون، سيد زوهيب علي شاهه وٽ 668 ايڪڙ زرعي زمين کان علاوه76 لک 2 هزار 907 روپين، اين اي 212 نوشهرفيروز 2 تي فارم ڀرائيندڙ مرحوم عبدالحق ڀرٽ وٽ 24 ڪروڙ 14 لک 16 هزار 773 روپين جي اثاثن ۾ زرعي زمين کان سواءِ 32 لک جون گاڏيون به آهن، عارف مصطفيٰ خان جتوئي جي هڪ ڪروڙ 32 لک 54 هزار 765 روپين جي اثاثن ۾ 78 ايڪڙ زرعي زمين به آهي، عزيز احمد بهڻ 2 ڪروڙ 57 لک 91 هزار 586 روپين جي اثاثن ۾ 96 ايڪڙ زرعي زمين به آهي، ايڊووڪيٽ حاجي خان مشوري ڪراچي ۽ نوشهرو فيروز ۾ پلاٽ ۽ رهائشي گهر، امداد علي ملڪ 5 تولا سون سميت هڪ ڪروڙ روپين، ڪاظم علي شاهه 3 ڪروڙ 61 لک، خالد اختر جتوئي 3 ڪروڙ، ممتاز علي چانڊيو 101 ايڪڙ زرعي زمين سميت 7 ڪروڙ 64 لک 61 هزار 600 روپين جا اثاثا ظاهر ڪيا آهن جن ۾ 31 لک 81 هزار جون گاڏيون، 100 تولان سون، هڪ ڪروڙ 80 لکي مممتاز انٽر پرائيزز ۾ سيڙپڪاري به شامل آهي، غلام مرتضيٰ خان جتوئي جا ظاهر ڪيل اثاثا 6 ڪروڙ 9 لک 31 هزار 45 روپين جا آهن جنهن ۾اسلام آباد جي گهر ۾ حصو، 675 ايڪڙ زرعي زمين، ڏيڍ ڪروڙ جو چوپايو مال، 25 لکن جا هٿيار به شامل آهن. راضي علي خان جتوئي جي 91 لک 80 هزار روپين جي اثاثن اثاثن ۾ 104 ايڪڙ زمين، ڪراچي ۾ پلاٽ، 31 لک جون گاڏيون، 36 لک روپين جو بينڪ بيلنس، ذوالفقار علي بهڻ جي هڪ ڪروڙ 53 لک 74 هزار 799 روپين جي اثاثن ۾ 327 ايڪڙ زرعي زمين به ڄاڻائي آهي. پي ايس 33 نوشهرو هڪ تي فارم ڀرائيندڙ اڪبر علي قاضي وٽ 10 ايڪڙ زمين، 3 تولا سون، هڪ لک 90 هزار جو بينڪ بيلنس، الطاف حسين سهتو وٽ 10 ايڪڙ زرعي زمين، خاندان گهر، 4 لک جو بينڪ بيلنس سميت 50 لک روپين جي ملڪيت، اصغر علي شاهه هڪ ڪروڙ 90 لک 82 هزار، ديدار علي سولنگي 8 ايڪڙ زرعي زمين، غلام جان بروهي ڳوٺ ۾ گهر، اوطاق، 6 ايڪڙ زرعي زمين، 5 تولا سون سميت 40 لکن، مظهر علي عباسي 24 ايڪڙ زمين، گهر ۽ پٽ نالي ساڍا 12 ايڪڙ زرعي زمين، سيد عابد علي شاهه جي 39 لک روپين جي اثاثن ۾ 26 لک روپين جو بينڪ بيلنس، 15 تولا سون ۽ پلاٽ ظاهر ڪيو آهي، سيد آفتاب علي شاهه پاڻ کي هڪ ڪروڙ 59 لک، سيد اسباب علي شاهه 82 لک جو بينڪ بيلنس، سيد سرفراز حسين شاهه12 ڪروڙ 36 لک 30 هزار ماليت جي مختلف پراپرٽي، 78 لک روپين جا ڊفينس سرٽيفڪيٽ، 2 گاڏيون، 55 لک روپين جو بينڪ بيلنس، 20 تولا سون ظاهر ڪيو آهي، پي ايس 34 نوشهروفيروز 2 تي فارم ڀرائيندڙ عبدالستار راڄپر پاڻ کي 3 ڪروڙ 25 لک 71 هزار 647 روپين، مرحوم غوث بخش چانگ 7 ڪروڙ 74 لک 42 هزار 500 روپين جي اثاثن ۾61 ايڪڙ زرعي زمين به شامل آهي، حمزه مغل رهائشي گهر، 6 هزار فوٽن جو پلاٽ، خالد نعيم 7 لک بينڪ بيلنس، 2 تولا سون، خالد شفيق جٽ 10 لک روپين، نبي بخش لاکو 52 ايڪڙ زمين کان علاوه 49 لک 37 هزارن، شڪيل جلباڻي 2 ڪروڙ 9 لک 2 هزار، سيد احتشام علي 3 ڪروڙ 27 لک 50 هزار جا اثاثن جو پاڻي کي مالڪ قرار ڏنو آهي. پ پ ايم پي اي سيد مراد علي شاهه توڙي سندس پٽ حسن علي شاهه سموري فيملي جا اثاثا ظاهر ڪيا آهن، مراد علي شاهه وٽ 3387 ايڪڙ زرعي زمين مان سندس نالي تي صرف 114 ايڪڙ آهن باقي زمين سندس پٽن سيد حسن علي شاهه، سيد ظهر حسين شاهه، نور محمد شاهه ٻن ڌيئرن ۽ پٽن جي اولاد ۽ گهروارين جي نالي تي آهي. مراد علي شاهه وٽ 5 آئيس فيڪٽريون، 2 ڪاٽن فيڪٽريون، هڪ فلور مل، حب ۾ ٽيڪسٽائل مل، 17 گاڏيون، 36 مختلف پراپرٽين جي ماليت ساڍا 15 ڪروڙ روپيا، 280 تولا سون به ڄاڻايو آهي، ظفر علي راڄپر 65 ايڪڙ زمين، ڪراچي ۾ فليٽ، پي ايس 35 نوشهرو 3 تي فارم ڀرائيندڙ فردوس حميد فرحين مغل 40 لک جو گهر، 18 لک جي گاڏي 200 گرام سون اثاثن، غلام اڪبر راڄپر 2 ڪروڙ 60 لک ماليت جي زمين ۽ گهر، 52 لک جون گاڏيون، 7 تولا سون، 26 لک جو بينڪ بيلنس، امان الله قاضي 60 لک ماليت جا گهر، 20 لک ڪاروبار ۾ سيڙپ، 14 لکن جو بينڪ بيلنس، پروفيسر ڊاڪٽر نور محمد خاصخيلي هڪ ڪروڙ 19 لک 84 هزار 500 روپين، منير احمد مبيجو 71 ايڪڙ، گهرواري جي نالي تي 32 ايڪڙ ۽ ڌيءَ جي نالي تي 4 ايڪڙ زمين، خانداني گهر، 5 لک جا هٿيار ، محمد خان خان ڏيٿو، 24 ايڪڙ زمين2 گهر، اٽي پيهڻ ۽ چانور ڇڙڻ جون مشينون، آرا مشين، دڪان، 5 تولا سون، 2 لک 40 هزار روپين جو بينڪ بيلنس، پي ايس 36 نوشهروفيروز 4 تي ضياءُ الحسن لنجار هڪ ڪروڙ 45 روپين جو چوپايو مال، 12 هزار روپين جا هٿيار، 25 لک جي زرعي مشينري، 837 ايڪڙ زرعي زمين، نوابشاهه، ڪراچي، حيدرآباد ۾ گهر سميت 4 ڪروڙ 44 لک 27 هزار 608 روپين، فيروز جمالي نوابشاهه ۾ گهر، 30 لک جي ڪاروبار ۾ سيڙپ، 12 لک جي گاڏي، 93 لک روپين جي بينڪ بيلنس سميت هڪ ڪروڙ 58 لک، خان بهادر ڀٽي 3 ڪروڙ 94 لک 63 هزار 313 روپين، عزيز احمد بهڻ 2 ڪروڙ 57 لک 51 هزار، سعد الله ڪلهوڙو 2 ڪروڙ 57 لک 6 هزار ۽ ذوالفقار علي ڪوريجو 15 ايڪڙ زرعي زمين، 50 هزار روڪ جا اثاثا ظاهر ڪيا آهن.

Comments

Popular posts from this blog

12 millionaire Politicians of Jamshoro

ڄامشوري ۾ مراد شاهه، اسد سڪندر، جلال شاهه، کيئل داس، روشن ٻرڙي سميت 12 ڪروڙ پتي سياستدان، ديارام سڀ کان امير Posted on   April 28, 2019  (1:52 pm) اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) ڄامشوري ضلعي ۾ 12 سياستدان ڪروڙ پتي آهن جن مان ديارام 36 ڪروڙ 30 رپين جي اثاثن سان سڀ کان امير، ملڪ اسد سڪندر 26 ڪروڙ 29، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه 21 ڪروڙ 39 لک، سيد جلال محمود شاهه 3 ڪروڙ 37 لک جي اثاثن جو مالڪ آهي. تفصيل موجب 2018ع جي عام چونڊن جي نامزدگي فارمن ۾ اين اي 233 ڄامشورو تي اثاثا ظاهر ڪندي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه پاڻ کي ڪل 3 ڪروڙ 37 لک 29 هزار 457 رپين جي ماليت جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي، جن ۾ مانجهند ۾ 57 ايڪڙ زمين، 66 لک رپيا روڪ، 33 لک بينڪ بيلنس، 4 لک جو گهريلو سامان، 27 هزار رپين جا هٿيار. 64 لک 60 هزار جون گاڏيون، هڪ ڪروڙ 8 لک 90 هزار جو پٿر ڪريشنگ پلانٽ جو ڪاروبار، 89 لک 80 هزار رپين جي ماليت جي مختلف ملڪيت ظاهر ڪئي آهي.  ن ليگ جي ڪيسو مل کيئل داس ڪوهستاني جي اثاثن ۾ 15 لک جي ڪاروبار ۾ سيڙپ، 34 لک کان وڌيڪ جون گاڏيون، 14 تولا...

Badin- 29 millionaire politician

بدين ۾ 29 ڪروڙپتي سياستدان، ڪمال چانگ سڀ کان امير، ذوالفقار مرزا ۽ پپو شاهه وٽ گهروارين کان گهٽ دولت عبدالغفور نظاماڻي 20 ڪروڙ، غلام علي ٽالپر 19،محمد هاليپوٽو 17، فهميده مرزا 16 ڪروڙ ۽ اسماعيل راهو پوڻا 6 ڪروڙن جو مالڪ نڪتو محمد بشير 5، ظفر نظاماڻي پوڻا 5، سائين بخش جمالي ساڍا 4، حسنين مرزا ساڍا 3، صغير لغاري 3 ۽ رياض نظاماڻي سوا 3 ڪروڙ ظاهر ڪيا Posted on   May 7, 2019  (2:00 pm) اسلام آباد (رپورٽ:ايم بي سومرو) بدين ضلعي جي سياستدانن ۾ سڀ کان امير ڪمال چانگ 22 ڪروڙ 54 لک رپين جي اثاثن جو مالڪ ظاهر ٿيو آهي، جڏهن ته اڳوڻو صوبائي وزير ذوالفقار مرزا پنهنجي پٽ ۽ گهرواري کان به گهٽ اثاثا رکندڙ آهي، سيد پپو شاهه کان سندس گهرواري بي بي ياسمين شاهه وڌيڪ امير آهي. ضلعي ۾ 29 سياستدانن پاڻ کي ڪروڙ پتي ڄاڻايو آهي. 2018ع جي عام چونڊن ۾ نامزدگي فارم سان گڏ اين اي 229 بدين هڪ تي فارم ڀرائيندڙ عبدالستار لغاري پنهنجي نالي تي 109 ايڪڙ، گهر واري جي نالي 39 ايڪڙ زمين، 16 لک جون گاڏيون، 20 تولا سون پنهنجي اثاثن ۾ ظاهر ڪيو آهي، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي21 لک 84 هزار 930 رپين جي اثاثن ۾ ...

Maqbool billionaire, Imamudin Shoqeen, Fida Dero milionairs, Sanghar Politicians assets

سانگهڙ ۾ مقبول احمد امير سياستدان، امام الدين شوقين، فدا ڏيرو، ذوالفقار علي ڪروڙ پتي مقبول احمد 5 ارب سيڙپ سميت 11 ڪروڙ،امام الدين شوقين 45 ڪروڙ ۽ فدا حسين ڏيرو 43 ڪروڙ ظاهر ڪيا ذوالفقار علي روشن 30 ڪروڙ 13 لک، ڄام ذوالفقار 15 ڪروڙ 15 لک ۽ نصير ميمڻ 11 ڪروڙ 52 لک جا اثاثا رکن ٿا Posted on   May 2, 2019  (1:47 pm)  Maqbool billionaire, Imamudin Shoqeen, Fida Dero milionairs, Sanghar Politicians assets اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) سانگهڙ ضلعي ۾مقبول احمد 5 ارب جي اثاثن سان سڀ کان وڌيڪ امير سياستدان، ٻئي نمبر تي سينيٽر امام الدين شوقين ۽ ٽئين نمبر تي فدا حسين ڏيرو آهن.   سياستدانن طرفان جمع ڪرايل اثاثن جي تفصيلن مطابق اين اي 215 سانگهڙ تان چونڊيل ايم اين اي نويد ڏيرو پاڻ کي مجموعي طور 2 ڪروڙ 69 لک 61 هزار رپين جي اثاثن جو مالڪ ظاهر ڪيو آهي، جن 298 ايڪڙ زمين، هڪ سئو تولا سون، هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ بئنڪ بيلنس، 40 لک رپين جو چوپايو مال. ٽنڊي آدم ۾ 32 لک ماليت جو بنگلو به شامل آهي،  حاجي خدا بخش راڄڙ 10 ڪروڙ 76 لک 82 هزار 314 رپين جا اثاثا ڏي...