ٺٽي ضلعي جي سياستدانن مان نوابشاهه ڄائو علي حسن زرداري سڀ کان امير ايم پي اي علي حسن زرداري وٽ 41 ڪروڙ 72 لک ۽ ممتاز علي ميمڻ وٽ 20 ڪروڙ 57 لک رپين جا اثاثا محمود عالم شاهه 12 ڪروڙ 33 لک،پير غلام رحماني 3 ڪروڙ هڪ لک ۽ سسئي پليجو 2 ڪروڙ 47 لکن جا مالڪ Posted on May 4, 2019 (1:52 pm) اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) ٺٽي ضلعي مان اليڪشن وڙهندڙ سياستدانن ۾ نوابشاهه ڄائو ايم پي اي علي حسن زرداري سڀني کان امير، وٽس 41 ڪروڙ 72 لک 59 هزار 373 رپين جا اثاثا، ممتاز علي ميمڻ 20 ڪروڙ 57 لک جي اثاثن جو مالڪ آهي. ان سلسلي ۾ ٺٽي ضلعي مان چونڊ وڙهندڙ سياستدانن طرفان ظاهر ڪيل اثاثن مطابق اين اي 232 ٺٽو تي فارم ڀرائيندڙ حسن بلوچ 68 لک 60 هزار جا اثاثا ۽ 17 ايڪڙ زمين به ڄاڻائي، عبدالواحد سومرو 62 لک 43 هزار رپين جي اثاثن ۾ 131 ايڪڙ زمين، 40 ايڪڙ ليز تي ورتل زمين ۽ 25 تولا سون به ظاهر ڪيو، علي محمد جوکيو 50 لک، ارسلان بخش بروهي 2 ڪروڙ 44 لک 74 هزار 692، دلدار احمد خاصخيلي هڪ ڪروڙ 80 لک جي اثاثن سميت 60 ايڪڙ زرعي زمين، گل محمد سمون ريڊار هڪ ڪروڙ 78 لک 68 هزار 220 رپين جي اثاثن سان ...