Skip to main content

Posts

Showing posts with the label Sukkur Politicians Assets

Sukkur Politicians Assets

خورشيد شاهه، ناصر شاهه، نصرت سحر سميت سکر جا 34 سياستدان ڪروڙ پتي، اڳوڻو يوسي ناظم نيڪ ڇڄڻ سڀ کان امير ڇڄڻ جا 73 ڪروڙن جا اثاثا، محمد علي شيخ 21 ڪروڙ، ناصر شاهه 11 ڪروڙ، اويس قادر شاهه 20 ڪروڙ، فرخ شاهه هڪ ڪروڙ ۽ عنايت ٻرڙو هڪ ڪروڙ جو مالڪ ديدار علي جتوئي 3 ڪروڙ 24 لک، ، ڊاڪٽر آغا شير هڪ ڪروڙ 91 لک ۽ امان کوسو 40 لک رپين جي ملڪيت ظاهر ڪئي Posted on   April 17, 2019  (1:08 pm) اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) سکر سان تعلق رکندڙ 34 سياستدان ڪروڙ پتي نڪتا آهن جڏهن ته سمورن سياستدانن مان سڀ کان وڌيڪ امير اڳوڻو يو سي ناظم نيڪ محمد ڇڄڻ آهي، جنهن وٽ 73 ڪروڙ رپين جا اثاثا آهن، اسلم شيخ وٽ 56 ڪروڙ، قومي خورشيد شاهه 3 ڪروڙ 69 لک، اويس قادر شاهه 20 ڪروڙ 26 لک، صوبائي وزير سيد ناصر شاهه 11 ڪروڙ 7 لک، محمد علي شيخ 21 ڪروڙ 93 لک، اسلم شيخ 56 ڪروڙ 5 لک، نصرت سحر عباسي 4 ڪروڙ 17 لک رپين جي ملڪيت جي مالڪ آهي. تفصيل موجب 2018ع جي عام چونڊن ۾نامزدگي فارم سان اميدوار طور اثاثا ظاهر ڪندي قومي اسيمبلي جي تڪ 206 سکر هڪ تي چونڊيل قومي اسيمبلي جي ميمبر سيد خورشيد احمد شاهه پاڻ کي 3 ڪروڙ 59...