عليم پنهيار، اعجاز لاشاري، ثمينه پنهور، بختاور ملاڻو غريب سياستدان Posted on April 28, 2019 (1:54 pm) اسلام آباد: ڄامشوري ضلعي ۾ غريب ۽ لک پتي سياستدان به آهن جن ۾ پي ايس 80 ڄامشورو هڪ تي فارم ڀرائيندڙ عبدالعليم پنهيار پنهنجي اثاثن ۾ 50 هزار بينڪ بيلنس، اعجاز علي لاشاري دڪانداري ۾ 50هزار سيڙپ، هڪ تولو سون، ڏيڍ لک جو بينڪ بيلنس، الطاف حسين بروهي 3 لک ماليت جو گهر، 50 هزار جي موٽرسائيڪل، 2 تولا سون، 3 لک 20 هزار رپين جو بينڪ بيلنس ظاهر ڪيو. فهيم خاصخيلي پنهنجي اثاثن جا ڪي به تفصيل ناهن ڄاڻايا، مقبول پنهور پنهنجي اثاثن ۾ 90 هزار روڪ، 3 تولا سون، ۽ گهر، محمود الرحمان هاليپوٽو 10 لک رپين جي ماليت جو گهر، 4 تولا سون، 3 لک روڪ، قربان علي سولنگي 2 تولا سون، 4 لک رپيا بينڪ بيلنس ظاهر ڪيو. پي ايس 81 ڄامشورو 2 تي فارم ڀرائيندڙ عبدالله پالاري 3 لک ماليت جو گهر، علي شير نوحاڻي 65 هزار جي موٽرسائيڪل، 20 هزار جا هٿيار، گلبهار پنهنجي اثاثن ۾ درزڪو دڪان، 2 تولا سون، 4 لک روڪ ظاهر ڪيو. جاويد اختر پنهنجي اثاثن ۾ ڄاڻايو آهي ته هو ڪرائي جي گهر ۾ رهي ٿو، ان وٽ هڪ تول...