Skip to main content

Badin- 29 millionaire politician

بدين ۾ 29 ڪروڙپتي سياستدان، ڪمال چانگ سڀ کان امير، ذوالفقار مرزا ۽ پپو شاهه وٽ گهروارين کان گهٽ دولت

عبدالغفور نظاماڻي 20 ڪروڙ، غلام علي ٽالپر 19،محمد هاليپوٽو 17، فهميده مرزا 16 ڪروڙ ۽ اسماعيل راهو پوڻا 6 ڪروڙن جو مالڪ نڪتو

محمد بشير 5، ظفر نظاماڻي پوڻا 5، سائين بخش جمالي ساڍا 4، حسنين مرزا ساڍا 3، صغير لغاري 3 ۽ رياض نظاماڻي سوا 3 ڪروڙ ظاهر ڪيا
اسلام آباد (رپورٽ:ايم بي سومرو) بدين ضلعي جي سياستدانن ۾ سڀ کان امير ڪمال چانگ 22 ڪروڙ 54 لک رپين جي اثاثن جو مالڪ ظاهر ٿيو آهي، جڏهن ته اڳوڻو صوبائي وزير ذوالفقار مرزا پنهنجي پٽ ۽ گهرواري کان به گهٽ اثاثا رکندڙ آهي، سيد پپو شاهه کان سندس گهرواري بي بي ياسمين شاهه وڌيڪ امير آهي. ضلعي ۾ 29 سياستدانن پاڻ کي ڪروڙ پتي ڄاڻايو آهي. 2018ع جي عام چونڊن ۾ نامزدگي فارم سان گڏ اين اي 229 بدين هڪ تي فارم ڀرائيندڙ عبدالستار لغاري پنهنجي نالي تي 109 ايڪڙ، گهر واري جي نالي 39 ايڪڙ زمين، 16 لک جون گاڏيون، 20 تولا سون پنهنجي اثاثن ۾ ظاهر ڪيو آهي، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي21 لک 84 هزار 930 رپين جي اثاثن ۾ 708 ايڪڙ زرعي زمين به آهي، غلام علي نظاماڻي جي 2 ڪروڙ 51 لک 2 هزار 800 رپين جي اثاثن ۾ 206 ايڪڙ زمين به شامل آهي، ڪمال چانگ جي 22 ڪروڙ 54 لک 60 هزار 658 رپينجي اثاثن ۾ 972 ايڪڙ، منصور احمد لغاري جي 22 لک 78 هزار 700 رپين جي اثاثن ۾ 70 ايڪڙ، مير غلام علي ٽالپر جي 18 ڪروڙ 98 لک 27 هزار 587 رپين جي اثاثن ۾ 98 ايڪڙ زمين، مير غلام شاهه وٽ 2 ڪروڙ 20 لک جو بينڪ بيلنس، 110 تولا سون، ڪراچي ۾ بنگلو ۽ 210 ايڪڙ زرعي آهي، مير راحيل ٽالپر وٽ 16 ڪروڙ کان وڌيڪ جااثاثا آهن، جنهن ۾ 2 ڪروڙ 62 لک جو بينڪ بيلنس، 40 تولا سون، هڪ ڪروڙ ماليت جون گاڏيون ۽ هٿيار، ساڍا 12 ڪروڙ ماليت جا ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ گهر ۽ 161 ايڪڙ زرعي زمين آهي، محمد بشير پٽ الله بخش 5 ڪروڙ 17 لک 87 هزار 328 رپين، محمد عيسيٰ پٽ عبدالرحيم 20 لک جي گاڏي، 10 لک 52 هزار جو بينڪ بيلنس، حسام مرزا جي 83 لک 63 هزار 834 رپين جي اثاثن ۾ 411 ايڪڙ زرعي زمين، محمد ابراهيم ڪمبوهه ٻه ماڙ گهر، 8 لک بينڪ بيلنس، 11 تولا سون ۽ 4 ايڪڙ زرعي زمين، ظفر علي نظاماڻي جي 4 ڪروڙ 76 هزار 552 رپين جي اثاثن ۾ 212 ايڪڙ زمين، اين اي 230 بدين 2 تي فارم ڀرائيندڙ بي بي ياسمين شاهه جي 2 ڪروڙ 48 لک 50 هزار جي اثاثن ۾ 90 لک جون گاڏيون ۽ 525 گرام سون به ظاهر ڪيو آهي. وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا جي 16 ڪروڙ 19 لک 76 هزار 608 رپين جي اثاثن ۾ ساڍا 49 لک سيڙپڪاري، 75 لک جا ريگيولر انڪم سرٽيفڪيٽ، ڪراچي ۾ گهر، 21 لک جون گاڏيون، 2 ڪروڙ 76 لک 71 هزار رپين جو بينڪ بيلنس ۽ انعامي بانڊ، 446 ايڪڙ زمين، رسول بخش چانڊيو جي 2 ڪروڙ 92 لک 18 هزار 430 رپين جي اثاثن ۾ 160 ايڪڙ زمين، مولوي فتح محمد مهيري 28 لک 10 هزار 23 رپين، محمد نواز چانڊيو جي هڪ ڪروڙ 90 لک 22 هزار رپين جي اثاثن ۾ 232 ايڪڙ زمين، سجاد علي چانڊيو جي 2 ڪروڙ 40 لک 5 هزار رپين جي اثاثن ۾ 174 ايڪڙ زرعي زمين به ظاهر ڪئي آهي. پي ايس 70 بدين هڪ تي فارم ڀرائيندڙ عبدالغفور نظاماڻي 20 ڪروڙ 10 لک 56 هزار 185 رپين، بشير احمد هاليپوٽو جي هڪ ڪروڙ 72 لک 64 هزار 189 رپين جي اثاثن ۾ 10 لک ماليت جو پراڻو رهائشي گهر، 15لک جي اوطاق، محمد هاليپوٽو 16 ڪروڙ 93 لک 33 هزار 373 رپين، محمد حنيف پٽ پير بخش جي هڪ ڪروڙ 80 لک جي اثاثن ۾ موٽر سائيڪل، 20 گرام سون، 2 لک بينڪ بيلنس ۽ پلاٽ، محمد صالح هاليپوٽو هڪ ڪروڙ 99 لک 10 هزار 689 رپين، صغير احمد لغاري 3 ڪروڙ 40 لک 74 هزار، شاهد احمد هڪ ڪروڙ 54 لک 10 هزار، تيمور احمد لغاري 12 لک 80 هزار جي گاڏي، 50 هزار جو بينڪ بيلنس، ماتلي ۾ پلاٽ، رياض احمد نظاماڻي جي 3 ڪروڙ 36 لک رپين، غلام حيدر جي 40 لک 52 هزار 593 رپين جي اثاثن ۾ 8 تولا سون ۽ 35 لک 80 هزار رپين جا بانڊ به ظاهر ڪيا آهن، پي ايس 71 بدين 2 تي فارم ڀرائيندڙ سائين بخش جمالي 4 ڪروڙ 58 لک 64 هزار 232 رپين، مير الله بخش ٽالپر جي هڪ ڪروڙ 61 لک 38 هزار 950 رپين، مير عرفان ٽالپر جي 67 لک 79 هزار جي اثاثن ۾ ڳوٺ ۾ گهر ۽ 30 تولا سون، شبير احمد جمالي 2 ڪروڙ جو حيدرآباد ۾ گهر، 28 لک جي گاڏي، 30 لک رپين جو بينڪ بيلنس، پي ايس 72 بدين 3 تي فارم ڀرائيندڙ حافظ عبدالواحد فاروقي 56 لک 12 هزار 588 رپين، حسنين علي مرزا 3 ڪروڙ 53 لک 87 هزار 866 رپين ۽ محمد طيب عباس 30 لک جا اثاثا ظاهر ڪيا آهن. سيد علي بخش شاهه عرف پپو شاهه هڪ ڪروڙ 73 لک 50 هزار، سڪندر علي شاهه 24 ايڪڙ زمين، 20 تولا سون ۽ 2 لک روپيا بينڪ بيلنس، پي ايس 73 بدين 4 تي فارم ڀرائيندڙ عبدالرحمان پٽ محمد عثمان گاڏهي 65 لک 56 هزار 300 رپين، الله بچايو ميمڻ 38 لک 20 هزار رپين، انور علي ملاح 34 لک، گل محمد جکراڻي جي هڪ ڪروڙ 28 لک 91 هزار 126 رپين جي اثاثن ۾ گهر، اسلام آباد ۾ بڪ ٿيل پلاٽ، محمد رمضان چانڊيو 68 لک 10 هزار، خالده سڪندر منڌرو 25 لک جو مال، حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ گهر ۽ 2 ڪروڙ رپين جو بينڪ بيلنس، محمد انور ڪنڀار 25 لک جون گاڏيون، 7 لک بينڪ بيلنس، 14 دڪان، گهر، هڪ ايڪڙ زمين، 10 لک جي ڪاروبار ۾ سيڙپ، محمد صديق ملاح 60 لک، نيڪ محمد جي 42 لک جي اثاثن ۾ 30 لک جي سيڙپڪاري، 20 تولا سون، تاج محمد ملاح جي65 لک 13 هزار 487 رپين جي اثاثن ۾ 2 لک 72 هزار جا بانڊ ۽ 5 تولا سون، پي ايس 74 بدين 5 تي فارم ڀرائيندڙ فياض پٽ نور محمد 79 لک 50 هزار، عمران شاهه جي 29 لک 25 هزار جي اثاثن ۾10 تولا سون، 2 لک روپيا روڪ، خليل الرحمان 95 لک رپين ۽ محمد اسلم راهو هڪ ڪروڙ 15 لک 51 هزار 283 رپين جا اثاثا ظاهر ڪيا آهن. صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو جي 5 ڪروڙ 78 لک45 هزار 356 جي اثاثن ۾ 100 تولا سون، 3 ڪروڙ 15 لک 42 هزار 880 رپين جو بينڪ بيلنس ۽ دائود شاهه هڪ ڪروڙ 67 لک 60 هزار رپين جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي.
Bookmark the permalink.
4Shares


مرزا خاندان ضلعي جو سڀ کان وڏو زميندار، 2 هزار ايڪڙن جو مالڪ

ڪمال چانگ وٽ 972، ذوالفقار مرزا وٽ 708 ۽ محمد هاليپوٽي وٽ 339 ايڪڙ زمين

اسلام آباد: بدين جي سياستدانن ۾ سڀ کان وڏو زميندار به ڪمال چانگ، ٻئي نمبر تي ذوالفقار مرزا، ٽئين تي سائين بخش جمالي ۽ چوٿين تي حسنين مرزا آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر فهميده مرزا، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ سندن ٻن پٽن جي گڏيل زرعي زمين ضلعي جي سمورن سياسي گهراڻن کان وڌيڪ آهي جن وٽ 2057 ايڪڙ زمين آهي، عبدالستار لغاري پنهنجي نالي تي 109 ايڪڙ، گهر واري جي نالي 39 ايڪڙ، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا 708 ايڪڙ، غلام علي نظاماڻي 206 ايڪڙ، حسنين مرزا 492، ڪمال چانگ 972، منصور لغاري 70، مير غلام علي ٽالپر 98، مير غلام شاهه 210، مير راحيل ٽالپر 161، حسام مرزا 411، محمد ابراهيم ڪمبوهه 4، ظفر نظاماڻي 212، ڊاڪٽر فهميده مرزا 446، رسول بخش چانڊيو 160، محمد نواز چانڊيو 232، سجاد علي چانڊيو 174 ايڪڙ زرعي زمين ظاهر ڪئي آهي. پي ايس 70 بدين هڪ تي فارم ڀرائيندڙ عبدالغفور نظاماڻي 67 ايڪڙ، بشير احمد هاليپوٽوهڪ ڪروڙ ماليت جي 212 ايڪڙ، گهرواريءَ جي نالي 20 لک 40 هزار ماليت جي 67 ايڪڙ، محمد هاليپوٽو 339 ، محمد حنيف پٽ پير بخش 80، محمد صالح هاليپوٽو 197، تيمور احمد لغاري 65، رياض احمد نظاماڻي 133، سائين بخش جمالي 676، مير الله بخش ٽالپر 145، مير عرفان ٽالپر 30 ، پي ايس 73 بدين 4 تي فارم ڀرائيندڙ الله بچايو ميمڻ 16، گل محمد جکراڻي 3 ايڪڙ، خالده سڪندر منڌر 372، پي ايس 73 بدين 4 تان چونڊيل تاج محمد ملاح 142، عمران شاهه 27 ۽ محمد اسلم راهو 140 ايڪڙ زمين ظاهر ڪئي آهي.

Comments

Popular posts from this blog

Matiari Politicians assets

مٽياري ۾ سياستدانن وٽ ڪروڙن جا اثاثا،امير علي شاهه وڌيڪ ملڪيت وارو، مخدوم رفيق الزمان به ڪروڙن جو مالڪ امير علي شاهه وٽ 26 ڪروڙ 54 لکن کان وڌيڪ اثاثا، مخدوم رفيق 16 ڪروڙ ملڪيت جو مالڪ Posted on   April 20, 2019  (1:16 pm) اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) مٽياري ضلعي سان تعلق رکندڙ سياستدان وٽ به ڪروڙن جا اثاثا آهن، سيد پير امير علي شاهه ضلعي ۾ سڀ کان وڌيڪ پئسي وارو سياستدان آهن. ان سلسلي ۾ 2018ع واري اليڪشن ۾ نامزدگي فارم سان گڏ جمع ڪرايل اثاثن مطابق اين اي 223 مٽياري تي اميدوار عبدالرزاق ميمڻ وٽ ڪل 7 ڪروڙ 97 لک 16 هزار 631 جا اثاثا آهن، جن 53 لک 80 هزار ماليت جي مختلف ملڪيت، 2 ڪروڙ 97 لک 50 هزار جو ڪاروبار، هڪ ڪروڙ 27 لک 55 هزار رپين جون گاڏيون، 100 تولا سون، 2 ڪروڙ 38 لک 15 هزار روپين جو بينڪ بيلنس شامل آهي، عبدالرزاق ميمڻ جون قاسم آباد حيدرآباد جي اقبال ولاز ۾ مختلف ملڪيتون، ميمڻ ٽائون قاسم آباد ۾ بنگلو، 180 ايڪڙ زمين، سي اين جي ۽ پيٽروليم ۾ 50 سيڪڙو حصو به ڄاڻايو آهي. ايڊووڪيٽ امير عباس لغاري پاڻ کي 4 ڪروڙ 46 لک روپين جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي، جنهن ۾ 25 لک جي گاڏي، 10

Thatta rich Politicians Assets

ٺٽي ضلعي جي سياستدانن مان نوابشاهه ڄائو علي حسن زرداري سڀ کان امير ايم پي اي علي حسن زرداري وٽ 41 ڪروڙ 72 لک ۽ ممتاز علي ميمڻ وٽ 20 ڪروڙ 57 لک رپين جا اثاثا محمود عالم شاهه 12 ڪروڙ 33 لک،پير غلام رحماني 3 ڪروڙ هڪ لک ۽ سسئي پليجو 2 ڪروڙ 47 لکن جا مالڪ Posted on   May 4, 2019  (1:52 pm) اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) ٺٽي ضلعي مان اليڪشن وڙهندڙ سياستدانن ۾ نوابشاهه ڄائو ايم پي اي علي حسن زرداري سڀني کان امير، وٽس 41 ڪروڙ 72 لک 59 هزار 373 رپين جا اثاثا، ممتاز علي ميمڻ 20 ڪروڙ 57 لک جي اثاثن جو مالڪ آهي. ان سلسلي ۾ ٺٽي ضلعي مان چونڊ وڙهندڙ سياستدانن طرفان ظاهر ڪيل اثاثن مطابق اين اي 232 ٺٽو تي فارم ڀرائيندڙ حسن بلوچ 68 لک 60 هزار جا اثاثا ۽ 17 ايڪڙ زمين به ڄاڻائي، عبدالواحد سومرو 62 لک 43 هزار رپين جي اثاثن ۾ 131 ايڪڙ زمين، 40 ايڪڙ ليز تي ورتل زمين ۽ 25 تولا سون به ظاهر ڪيو، علي محمد جوکيو 50 لک، ارسلان بخش بروهي 2 ڪروڙ 44 لک 74 هزار 692، دلدار احمد خاصخيلي هڪ ڪروڙ 80 لک جي اثاثن سميت 60 ايڪڙ زرعي زمين، گل محمد سمون ريڊار هڪ ڪروڙ 78 لک 68 هزار 220 رپين جي اثاثن سان گڏ 421 اي