Skip to main content

Maqbool billionaire, Imamudin Shoqeen, Fida Dero milionairs, Sanghar Politicians assets


سانگهڙ ۾ مقبول احمد امير سياستدان، امام الدين شوقين، فدا ڏيرو، ذوالفقار علي ڪروڙ پتي

مقبول احمد 5 ارب سيڙپ سميت 11 ڪروڙ،امام الدين شوقين 45 ڪروڙ ۽ فدا حسين ڏيرو 43 ڪروڙ ظاهر ڪيا

ذوالفقار علي روشن 30 ڪروڙ 13 لک، ڄام ذوالفقار 15 ڪروڙ 15 لک ۽ نصير ميمڻ 11 ڪروڙ 52 لک جا اثاثا رکن ٿا
اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) سانگهڙ ضلعي ۾مقبول احمد 5 ارب جي اثاثن سان سڀ کان وڌيڪ امير سياستدان، ٻئي نمبر تي سينيٽر امام الدين شوقين ۽ ٽئين نمبر تي فدا حسين ڏيرو آهن. 

 سياستدانن طرفان جمع ڪرايل اثاثن جي تفصيلن مطابق اين اي 215 سانگهڙ تان چونڊيل ايم اين اي نويد ڏيرو پاڻ کي مجموعي طور 2 ڪروڙ 69 لک 61 هزار رپين جي اثاثن جو مالڪ ظاهر ڪيو آهي، جن 298 ايڪڙ زمين، هڪ سئو تولا سون، هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ بئنڪ بيلنس، 40 لک رپين جو چوپايو مال. ٽنڊي آدم ۾ 32 لک ماليت جو بنگلو به شامل آهي، 
حاجي خدا بخش راڄڙ 10 ڪروڙ 76 لک 82 هزار 314 رپين جا اثاثا ڏيکاريا، جن ۾ 219 ايڪڙ زرعي زمين، سانگهڙ شگر مل جو ايم ڊي ۽ سي اي او به پاڻ کي ظاهر ڪندي حاجي خدا بخش راڄڙ هڪ ڪروڙ 89 لک رپين کان وڌيڪ بئنڪ بيلنس، 2 ڪروڙ 75 لک رپين جا بانڊ به ظاهر ڪيا آهن. 
علي غلام نظاماڻي 10 ڪروڙ 37 لک 12 هزار 870 رپين جي اثاثن ۾ 174 ايڪڙ زرعي زمين، 20 تولا سون، 70 لک رپين کان وڌيڪ بئنڪ بيلنس، هڪ ڪروڙ 9 لک رپين جي ماليت جو گاڏيون، 5 لک رپين جا بانڊ، 20 لک رپين جي ماليت جو چوپايو مال به ظاهر ڪيو آهي. 
راڻا عبدالستار 8 ڪروڙ 6 لک 86 هزار 577 رپين جي اثاثن ۾ 49 لک رپين کان وڌيڪ بئنڪ بيلنس، هڪ سئو تولا سون، 40 لک جي گاڏي، ڪاٽن فيڪٽري ۾ 70 سيڪڙو حصو، هڪ ٻي ڪاٽن فيڪٽري ۾ 25 سيڪڙو حصو، ڪراچي ڪلفٽن ۾ فليٽ، 29 ايڪڙ زرعي زمين شامل آهي. 
لکاڻو ڪاشف نظاماڻي 8 ڪروڙ 76 لک 94 هزار 656 رپين جي اثاثن ۾ 64 ايڪڙ زرعي زمين، 25 تولا سون، 4 پلاٽ، گهر به ظاهر ڪيو آهي، 
فيض عالم خان جوڻيجي 5 ڪروڙ 60 لک 8 هزار رپين جي اثاثن ۾ 37 لک رپين کان وڌيڪ بئنڪ بيلينس، 50 تولا سون، هڪ ڪروڙ 7 لک رپين جا بانڊ، ڪميشن ايجنٽ جي ڪاروبار ۾ هڪ ڪروڙ 69 لک 70 هزار 857 رپين جي سيڙپڪاري ، 154 ايڪڙ زرعي زمين به ظاهر ڪئي آهي. سومار فقير جي پٽ محمد قاسم 2 ڪروڙ 96 لک 47 هزار 380 رپين جي اثاثن ۾ 148 ايڪڙ زرعي زمين، 50 تولا سون، 67 لک رپين کان وڌيڪ بئنڪ بيلنس، راڻا راشد علي خان پٽ نذير محمد هڪ ڪروڙ 21 لک 92 هزار 992 رپين جي اثاثن ۾ ساڍا 16 لک جي گاڏي، 20 تولا سون، جهول ۾ دڪان، ڪراچي ۾ پلاٽ به ظاهر ڪيو آهي. 
اين اي 216 سانگهڙ 2 تان چونڊيل ايم اين اي شازيه مري 53 لک 40 هزار 429 رپين جي اثاثن جي ۾ 10 لک ماليت جو 20 تولا سون، 2 لک 69 هزار 98 روپيا بئنڪ بيلنس ظاهر ڪيو آهي، شازيه مري ذاتي گهر، گاڏي جا ڪي به تفصيل نه ڏنا آهن، انهيءَ تڪ تي فارم ڀرائيندڙ شازيه مري جي ڀاءُ علي محمد مري پنهنجي اثاثن ۾ 3 ڪروڙ 91 لک 5 هزار ماليت جي 78 ايڪڙ زمين، 14 لک رپين جي گاڏي، 20 تولا سون، 5 لک 10 هزار رپين جو بئنڪ بيلنس، ساڍا 7 لک رپين جو گهريلو سامان ظاهر ڪيو آهي ، 
شازيه مري جي ڀيڻ قرت العين مري 2 ڪروڙ 16 لک 94 هزار 430 رپين جا اثاثا ظاهر ڪيا، جن ۾ 263 ايڪڙ مقاطعي تي ورتل زمين به شامل آهي. 
روشن جوڻيجو جي پٽ عماد الدين جوڻيجو پنهنجي اثاثن ۾ 50 تولا سون، 5 لک جو گهريلو سامان، 67 ايڪڙ زرعي زمين ظاهر ڪئي آهي. جڏهن ته اصغر علي پٽ محمد خان جوڻيجي 47 لک 81 هزار 63 رپين جا اثاثا ظاهر ڪيا، اصغر علي جوڻيجي پنهنجي اثاثن 149 ايڪڙ زمين، هڪ ڪروڙ 77 لک رپين جو چوپايو مال، 2 لک 25 هزار ماليت جا هٿيار، 15 لک رپين کان وڌيڪ بئنڪ بيلنس، 50 تولا سون، ڳوٺ شاهنواز جوڻيجو ۾ بنگلو به ظاهر ڪيو آهي. 
شازيه مري جي ڀاءُ اورنگزيب مري مقاطي تي ورتل 45 ايڪڙ زمين، 5 لک جو گهريلو سامان، 70 تولا سون، 30 لک جي گاڏي ظاهر ڪئي آهي. 
فدا حسين ڏيري پاڻ کي 43 ڪروڙ 40 لک 34 هزار 745 رپين جي اثاثن ۾ 881 ايڪڙ زرعي زمين ظاهر ڪندي چيو وٽس سال 2015ع ۾ 567 ايڪڙ، سال 2016ع ۾ 789 ۽ سال 2017ع ۾ 881 ايڪڙ زرعي زمين آهي. هن 2 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ بئنڪ بيلنس، 240 تولا سون، 35 لک جون گاڏيون، هڪ لک جو چوپايو مال، ڳوٺ ۾ بنگلو ۽ پلاٽ به ظاهر ڪيو، 
ڄام فاروق علي خان 80 ايڪڙ زمين، 3 لک جو گهريلو سامان، ساڍا 3 لک بئنڪ بيلنس، 10 تولا سون، 25 لک جي گاڏي ظاهر ڪئي، ڄام نفيس علي خان 5 ڪروڙ 34 لک 58 هزار 782رپين جا اثاثا ظاهر ڪيا، جن ۾ 41 ايڪڙ زمين، 32 لک جون گاڏيون، 50 تولا سون به ڄاڻايو. 
خدا بخش هڪ ڪروڙ 72 لک 66 هزار 405 رپين جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي. جن ۾ سانگهڙ شگر مل ۾ شيئرز، 20 لک جا بانڊ، 60 تولا سون، 170 ايڪڙ زرعي به شامل آهي، ڪشنچند پارواڻي 7 ڪروڙ 78 لک 9 هزار 604 رپين جا اثاثا ظاهر ڪيا. جن ۾ 171 ايڪڙ زمين، 69 لک جي زرعي مشينري، هڪ ڪروڙ 58 لک 59 هزار 400 رپين جا بانڊ، ڏيڍ سئو تولا سون، 25 لک جي گاڏي، 2 ڪروڙ 60 لک جي سيڙپڪاري، ڪي ڪي ڪاٽن فيڪٽري به شامل آهي، ياسر علي پٽ نثار خان 2 ڪروڙ 24 لک 95 هزار رپين جا اثاثا ظاهر ڪيا. 
اين اي 217 سانگهڙ 3 تان چونڊيل روشن الدين جوڻيجي 3 ڪروڙ 10 لک 74 هزار 23 رپين جي اثاثن ۾ 64 ايڪڙ زمين، 62 لک جي گاڏي، هڪ هزار گرام سون، هڪ ڪروڙ 41 لک جو بئنڪ بيلنس ظاهر ڪيو آهي. عبدالرحمان پٽ گل محمد 2 ڪروڙ 6 لک 17 هزار، مهر علي عرف ماهي خان وساڻ 10 ڪروڙ 13 لک 81 هزار 748، نياز حسين پٽ غلام عباس 2 ڪروڙ 89 لک 60 هزار، پارس ڏيرو پٽ فدا حسين ڏيرو 4 ڪروڙ 12 لک 36 هزار، جن ۾322 ايڪڙ زرعي زمين، 130 تولا سون، 3 ڪروڙ 19 لک 25 هزار ماليت جي زمين، 42 لک ماليت جو گهر، 10 لک ماليت جو پلاٽ به شامل آهن، 
صلاح الدين جوڻيجو پٽ روشن جوڻيجو 96 لک 64 هزار 233 رپين، رانا سردار 85 لک جي 34 ايڪڙ زرعي زمين ۽ ٻي ملڪيت، شڪيل احمد عرف ڪريم داد مري 81 لک 10 هزار 970 رپين، ذوالفقار علي روشن 30 ڪروڙ 13 لک 50 هزار 447 رپين جا اثاثا ڄاڻايا، پي ايس 41 سانگهڙ هڪ تان چونڊيل علي غلام 10 ڪروڙ 37 لک 12 هزار 870 رپين جي اثاثن ۾ 174 ايڪڙ زمين، 20 تولا سون، هڪ ڪروڙ 9 لک جون گاڏيون به ظاهر ڪيون آهن، ساڳئي تڪ تي فارم ڀرائيندڙ آصف اعجاز 2 ڪروڙ 48 لک 74 هزار 574 رپين، معشوق علي هڪ ڪروڙ 19 لک 99 هزار، محمد عسن پٽ محراب خان 3 ڪروڙ 41 لک 70 هزار 900 رپين جي اثاثن سان گڏ 252 ايڪڙ زمين به ظاهر ڪئي. پي ايس 42 سانگهڙ 2 تي چونڊيل قاضي شمس الدين هڪ ڪروڙ 17 لک 61 هزار 805 رپين جي اثاثن ۾ 355 ايڪڙ زمين، 60 تولا سون، 11 لک بئنڪ بيلنس، 83 لک جون گاڏيون ۽ گهر ظاهر ڪيو آهي. 
پي ايس 43 سانگهڙ 3 تي چونڊيل ڄام مدد علي خان هڪ ڪروڙ 8 لک 30 هزار 542 رپين جي اثاثن 194 ايڪڙ زرعي زمين، 40 تولا سون ظاهر ڪيو آهي، 
ڄام شبير علي 196 ايڪڙ زمين، ڪاروبار ۾ سيڙپ، مختلف ملڪيتون، ڄام مدد جي پٽ ڄام ظهير علي خان مختلف ملڪيتن سان گڏ 40 تولا سون، 4 لک 70 هزار روڪ، هڪ لک 70 هزار جو چوپايو مال به ظاهر ڪيو آهي. ڄام صادق علي جي پٽ ڄام ذوالفقار علي 15 ڪروڙ 15 لک 41 هزار 677 رپين جي اثاثن ۾ 273 ايڪڙ زمين، 40 تولا سون، 3 ڪروڙ 85 لک جو بئنڪ بيلنس، هڪ ڪروڙ 42 لک جون گاڏيون به ظاهر ڪيون آهن، مير خان کوسو 29 ايڪڙ زمين، گهر ۾ 20 سيڪڙو حصو، ڏيڍ لک جو چوپايو مال، محمد قاسم پٽ سومار فقير 2 ڪروڙ 96 لک 47 هزار 380، 
پي ايس 44 سانگهڙ 4 تي چونڊيل فراز ڏيرو 9 ڪروڙ 75 لک 61 هزار 561 رپين جي اثاثن ۾ 112 ايڪڙ زرعي زمين، هڪ ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ماليت جون گاڏيون، انهيءَ تڪ تي فارم ڀرائيندڙ جهانگير خان 3 ڪروڙ 61 لک 75 هزار 199 رپين جا اثاثا ظاهر ڪيا آهن. 
سينيٽر امام الدين شوقين 45 ڪروڙ 2 لک 78 هزار 909 رپين جي ماليت جا اثاثا ظاهر ڪيا، جن جي پراڻي قيمت 24 ڪروڙ 51 لک 42 هزار 780 روپيا ڄاڻائي آهي، سندس اثاثن ۾ پاپولر فوڊ انڊسٽري، پاپولر پيڪيجنگ، پاپولر فيبرڪ ملز، پاپولر جوس انڊسٽري، پاپولر فيبرڪ، پاپولر شگر ملز، پاپولر ميٽلز ۾ 32 ڪروڙ 91 لک 210 رپين جي سيڙپڪاري به ظاهر ڪئي آهي، ان کاسواءِ 6 پلاٽ، 3 دڪان به ظاهر ڪيا آهن. 
غلام غوث ڏوگر هڪ ڪروڙ 60 لک جي زمين، 5 تولا سون، 50 لک جو گهر ۽ پلاٽ، پي ايس 45 سانگهڙ 5 تي چونڊيل شاهد ٿهيم 67 لک 63 هزار جي اثاثن ۾ 56 ايڪڙ ذاتي زمين، جڏهن ته 79 ايڪڙ زمين ۾ حصو ظاهر ڪيو آهي، عبدالرحيم ٿهيم 2 ڪروڙ 6 لک 17 هزار، علي مرتضيٰ ٿهيم 87 لک 21 هزار 722، شاهپور چاڪر جي گل محمد 4 ڪروڙ 85، حسين بخش پٽ جمال فقير 2 ڪروڙ 3 لک 54 هزار 863 رپين، حيدر علي زرداري 82 لک، جهانگير جوڻيجو 47 ايڪڙ زرعي زمين ۽ 75 لک 61 هزار، محمد رفيق هڪ ڪروڙ 40 لک، محمد شڪيل 45 لک، صغير محمد 67 ايڪڙ زرعي زمين سميت پ 11 ڪروڙ 52 لک، محمد بخش پٽ جمال فقير 217 ايڪڙ زمين سميت هڪ ڪروڙ 90 لک 35 هزار 683، 
پي ايس 46 سانگهڙ 6 تي چونڊيل وريام فقير 326 ايڪڙ زرعي زمين، 40 لک جي گاڏي، 20 تولا سون، 63 لک جي بئنڪ بيلنس سميت هڪ ڪروڙ 67 لک 17 هزار 768، انهيءَ تڪ تي فارم ڀرائيندڙ حضور بخش 4 ڪروڙ 4 لک 72 هزار، مير جواد افسر ٽالپر 5 ڪروڙ 94 لک 86 هزار، امير بخش عمراڻي ٽرانسپورٽ ۾ 50 لک جي سيڙپ سميت 53 لک 50 هزار، چوڌري افتخار 79 ايڪڙ زمين کانسواءِ 83 لکن جي مختلف ملڪيت، وريام فقير جي پٽ فقير ظفر الله 500 ايڪڙ زمين، 87 لک جو بئنڪ بيلنس، 15 تولا سون، 15 لک جون گاڏيون، 30 لک ماليت جو گهر، جاويد احمد ناياب 17 ايڪڙ زمين ۽ 19 لک ماليت جا اثاثا ظاهر ڪيا. مقبول احمد پاڻ کي ٺيڪيدار ڄاڻايو آهي، هن اثاثن ۾ تعميراتي ڪاروبار ۾ 5 ارب رپين جي سيڙپڪاري کانسواءِ11 ڪروڙ جا اثاثا ظاهر ڪيا.محمد هاشم 34 ايڪڙ زرعي زمين، 4 دڪان، فلنگ اسٽيشن، اوطاق ۽ گهر کانسواءِ حيدرآباد ۾ به گهر، پنهنجي گهرواري جي نالي تي 83 ايڪڙ زمين ۽ ڪراچي ۾ گهر ظاهر ڪيو آهي

ڪجهه سياستدانن لکن کان هزارن تائين ملڪيت ظاهر ڪئي

زرعي زمين، سون، چوپايو مال، ڪاروبار ۽ بئنڪ بئلنس اثاثن ۾ شامل

اسلام آباد: اين اي 215 تي نامزدگي فارم ڀريندڙ لکن جي ملڪيت رکندڙ سياستدانن ۾ نظاماڻي محلي وارڊ 6 جي رهواسي محمد اسحاق پاڻ کي11 لک 25 هزار رپين جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي، سانگهڙ جي وارڊ نمبر هڪ ۾ رهندڙ ممتاز حسين پٽ صدر الدين پنهنجي اثاثن ۾ 5 ايڪڙ زمين، چار لک رپين جو چوپايو مال، 12 هزار روپيا بئنڪ بيلنس ظاهر ڪندي پاڻ کي 2 لک 37 هزار جو قرضي به ظاهر ڪيو آهي، مشتاق پٽ ملهار 70 هزار جو گهريلو سامان، 40 هزار روپيا روڪ، هڪ تولو سون، سعيد خان نظاماڻي 72 لک 63 هزار 236، سعيد خان نظاماڻي 205 ايڪڙ زرعي زمين، وسيم اختر پٽ محمد اسحاق 10 ايڪڙ زمين، 30 تولا سون، 5 لک 62 هزار رپين جو بئنڪ بيلنس، اين اي 216 سانگهڙ 2 تي فارم ڀرائيندڙ محمد اسلم 25 تولا سون، موٽرسائيڪل، 53 هزار بئنڪ، محمد هاشم پٽ ننگر فقير 101 تولا سون ظاهر ڪيو، پير نويد علي شاهه 18 لک جي گاڏي، 5 تولا سون، 90 هزار جو بئنڪ بيلنس، سعيد احمد 62 لک 30 هزار، اين اي 217 سانگهڙ 3 تي فارم ڀرائيندڙ عبدالعزيز ٿهيم 4 ايڪڙ زرعي زمين، اڪبر حسين چغتائي 8 ايڪڙ زمين، 3 دڪان، غلام مجتبيٰ سومرو 40 لک ماليت جو گهر، 10 تولا سون، محمد مبين هڪ لک 80 هزار، محمد سليم سيد سٽي ۾ پلاٽ، ظفر علي پٽ عبدالسلام 5 ايڪڙ زمين، پي ايس 41 سانگهڙ هڪ تي فارم ڀرائيندڙ عابد فاروق 35 لک جا بانڊ، 5 لک 48 هزار جو بئنڪ بيلنس،حسن عسڪري 50 لک، ڪفايت علي لسڪاڻي 4 لک 30 هزار، ماجد علي 2 لک 90 هزار جا اثاثا ظاهر ڪيا، رفيق احمد 21 لک 38 هزار، محمد ناظم 36 لک 8 هزار، نصرالله 15 لک، شعيب فاروق هڪ لک 38 هزار، مقصوده بيبي 5 لک 85 هزار رپين جا اثاثا ظاهر ڪيا، پي ايس 42 سانگهڙ 2 تي فارم ڀرائيندڙ رياض حسين شاهه 43 لک 2 هزار، محمد خان 10 لک 72 هزار، محمد نواز درس ساڍا 5 لک، صدف سمون 2 تولا سون، پي ايس 43 سانگهڙ 3 تي فارم ڀرائيندڙ محمد صالح 3 لک 5 هزار، قربان علي 75 هزار، جڏهن ته رضا محمد 5 لک 35 هزار، پي ايس 44 سانگهڙ 4 تي فارم ڀرائيندڙ يوسف علي شاهه 22 ايڪڙ زمين سان گڏ مڇي فارم، مشتاق احمد عادل 4 تولا سون ۽ گهر ، غلام مصطفيٰ 31 لک، محمد سلطان بئنڪ ۾ رڳو 204 روپيا ۽ گهريلو سامان، دانش ديدار 19 لک 55 هزار، شفيع محمد گهر، لالا اسامه خان 12 ايڪڙ زمين، 5 تولا سون، فريد نواز ڀٽي 6 لک جو بئنڪ بيلنس، 36 گرام سون ۽ گهريلو سامان، ارشاد انصاري ڏيڍ تولو سون، 50 هزار روڪ، 10 لک جي ملڪيت، فرحان خان گهريلو سامان، پي ايس 45 سانگهڙ 5 تي فارم ڀرائيندڙ عبدالرحيم رڳو ذاتي گهر، عبدالرشيد 6 لک 45 هزار، عبدالرحمان راجپوت هڪ لک 8 هزار جون موٽرسائيڪلون، 50 هزار روڪ، ڏاڙهون مل 2 مينهون ۽ 4 ٻڪريون، غلام مصطفيٰ 11 ايڪڙ زمين، 50 گرام سون، مير بهادر 10 لک 30 هزار، محمد عظيم رڳو 5 هزار روپيا، محمد شڪيل 45 لک، نويد انجم 9 لک 80 هزار، محمد عاشف امين 50 هزار، عبدالجبار 5 لک 500 روپيا، پي ايس 46 سانگهڙ 6 تي فارم ڀرائيندڙ احمد حسن عباسي پاڻ کي پيش امام ڄاڻائيندي اثاثن ۾ 12 کان 15 لک ماليت جو گهر ۽ 8 کٽون ڄاڻايون آهن، خالد حسين 2 ايڪڙ زمين، 30 تولا سون، ميڊيڪل اسٽور ۾ هڪ لک رپين جي سيڙپ ظاهر ڪئي آهي. سانگهڙ جي پي ايس 44 سانگهڙ 4 تي فارم ڀرائيندر راڳي ديبا سحر کوسو پاڻ کي 4 پٽن، هڪ ڌيءَ جي ماءُ ڄاڻائيندي 3 لک جو سون، ٻه لک روڪ، سحر انٽرپرائيزز نالي ڪاروبار ۾ هڪ لک رپين جي سيڙپڪاري ظاهر ڪئي آهي.

Comments

Popular posts from this blog

Badin- 29 millionaire politician

بدين ۾ 29 ڪروڙپتي سياستدان، ڪمال چانگ سڀ کان امير، ذوالفقار مرزا ۽ پپو شاهه وٽ گهروارين کان گهٽ دولت عبدالغفور نظاماڻي 20 ڪروڙ، غلام علي ٽالپر 19،محمد هاليپوٽو 17، فهميده مرزا 16 ڪروڙ ۽ اسماعيل راهو پوڻا 6 ڪروڙن جو مالڪ نڪتو محمد بشير 5، ظفر نظاماڻي پوڻا 5، سائين بخش جمالي ساڍا 4، حسنين مرزا ساڍا 3، صغير لغاري 3 ۽ رياض نظاماڻي سوا 3 ڪروڙ ظاهر ڪيا Posted on   May 7, 2019  (2:00 pm) اسلام آباد (رپورٽ:ايم بي سومرو) بدين ضلعي جي سياستدانن ۾ سڀ کان امير ڪمال چانگ 22 ڪروڙ 54 لک رپين جي اثاثن جو مالڪ ظاهر ٿيو آهي، جڏهن ته اڳوڻو صوبائي وزير ذوالفقار مرزا پنهنجي پٽ ۽ گهرواري کان به گهٽ اثاثا رکندڙ آهي، سيد پپو شاهه کان سندس گهرواري بي بي ياسمين شاهه وڌيڪ امير آهي. ضلعي ۾ 29 سياستدانن پاڻ کي ڪروڙ پتي ڄاڻايو آهي. 2018ع جي عام چونڊن ۾ نامزدگي فارم سان گڏ اين اي 229 بدين هڪ تي فارم ڀرائيندڙ عبدالستار لغاري پنهنجي نالي تي 109 ايڪڙ، گهر واري جي نالي 39 ايڪڙ زمين، 16 لک جون گاڏيون، 20 تولا سون پنهنجي اثاثن ۾ ظاهر ڪيو آهي، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي21 لک 84 هزار 930 رپين جي اثاثن ۾ 708 ايڪڙ

Matiari Politicians assets

مٽياري ۾ سياستدانن وٽ ڪروڙن جا اثاثا،امير علي شاهه وڌيڪ ملڪيت وارو، مخدوم رفيق الزمان به ڪروڙن جو مالڪ امير علي شاهه وٽ 26 ڪروڙ 54 لکن کان وڌيڪ اثاثا، مخدوم رفيق 16 ڪروڙ ملڪيت جو مالڪ Posted on   April 20, 2019  (1:16 pm) اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) مٽياري ضلعي سان تعلق رکندڙ سياستدان وٽ به ڪروڙن جا اثاثا آهن، سيد پير امير علي شاهه ضلعي ۾ سڀ کان وڌيڪ پئسي وارو سياستدان آهن. ان سلسلي ۾ 2018ع واري اليڪشن ۾ نامزدگي فارم سان گڏ جمع ڪرايل اثاثن مطابق اين اي 223 مٽياري تي اميدوار عبدالرزاق ميمڻ وٽ ڪل 7 ڪروڙ 97 لک 16 هزار 631 جا اثاثا آهن، جن 53 لک 80 هزار ماليت جي مختلف ملڪيت، 2 ڪروڙ 97 لک 50 هزار جو ڪاروبار، هڪ ڪروڙ 27 لک 55 هزار رپين جون گاڏيون، 100 تولا سون، 2 ڪروڙ 38 لک 15 هزار روپين جو بينڪ بيلنس شامل آهي، عبدالرزاق ميمڻ جون قاسم آباد حيدرآباد جي اقبال ولاز ۾ مختلف ملڪيتون، ميمڻ ٽائون قاسم آباد ۾ بنگلو، 180 ايڪڙ زمين، سي اين جي ۽ پيٽروليم ۾ 50 سيڪڙو حصو به ڄاڻايو آهي. ايڊووڪيٽ امير عباس لغاري پاڻ کي 4 ڪروڙ 46 لک روپين جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي، جنهن ۾ 25 لک جي گاڏي، 10

Thatta rich Politicians Assets

ٺٽي ضلعي جي سياستدانن مان نوابشاهه ڄائو علي حسن زرداري سڀ کان امير ايم پي اي علي حسن زرداري وٽ 41 ڪروڙ 72 لک ۽ ممتاز علي ميمڻ وٽ 20 ڪروڙ 57 لک رپين جا اثاثا محمود عالم شاهه 12 ڪروڙ 33 لک،پير غلام رحماني 3 ڪروڙ هڪ لک ۽ سسئي پليجو 2 ڪروڙ 47 لکن جا مالڪ Posted on   May 4, 2019  (1:52 pm) اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) ٺٽي ضلعي مان اليڪشن وڙهندڙ سياستدانن ۾ نوابشاهه ڄائو ايم پي اي علي حسن زرداري سڀني کان امير، وٽس 41 ڪروڙ 72 لک 59 هزار 373 رپين جا اثاثا، ممتاز علي ميمڻ 20 ڪروڙ 57 لک جي اثاثن جو مالڪ آهي. ان سلسلي ۾ ٺٽي ضلعي مان چونڊ وڙهندڙ سياستدانن طرفان ظاهر ڪيل اثاثن مطابق اين اي 232 ٺٽو تي فارم ڀرائيندڙ حسن بلوچ 68 لک 60 هزار جا اثاثا ۽ 17 ايڪڙ زمين به ڄاڻائي، عبدالواحد سومرو 62 لک 43 هزار رپين جي اثاثن ۾ 131 ايڪڙ زمين، 40 ايڪڙ ليز تي ورتل زمين ۽ 25 تولا سون به ظاهر ڪيو، علي محمد جوکيو 50 لک، ارسلان بخش بروهي 2 ڪروڙ 44 لک 74 هزار 692، دلدار احمد خاصخيلي هڪ ڪروڙ 80 لک جي اثاثن سميت 60 ايڪڙ زرعي زمين، گل محمد سمون ريڊار هڪ ڪروڙ 78 لک 68 هزار 220 رپين جي اثاثن سان گڏ 421 اي