Skip to main content

Tando Allahyar Politicians Assets Mir Khokhar, Zia Abbas Rizvi



ٽنڊي الهيار ۾ مير محمد کوکر ارب پتي سياستدان،ضياءَ عباس رضوي وڏو زميندار

مير محمد کوکر وٽ 94 ڪروڙ 27 لک جا اثاثا،ڳوٺ،حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ 5 گهر،گهرواري جي نالي 20 ڪروڙن جي ملڪيت

خير محمد کوکر 19 ڪروڙ،ضياءَ عباس رضوي 9 ڪروڙ، محسن عباسي 8 ڪروڙ، علي نواز شاهه 5 ڪروڙ رپين جا اثاثا ظاهر ڪيا
اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) ٽنڊو الهيار جي سياستدانن طرفان ظاهر ڪيل اثاثن مطابق اين اي 224 ٽنڊو الهيار تان چونڊيل ايم اين اي عبدالستار بچاڻي وٽ 2 ڪروڙ 51 لک 44 هزار 116 رپين جا اثاثا آهن. جن ۾ڪراچي ۾ 22 لک 50 هزار جو گهر، 22 لک جو پيٽرول پمپ، 25 لک 50 هزار جا بانڊ، 54 لک 88 هزار 980 رپيا جون گاڏيون، 540 تولاسون، هڪ ڪروڙ 50 لک جو بينڪ بيلنس ظاهر ڪيو آهي. ساڳئي تڪ تي فارم ڀرائيندڙ سيد علي نواز شاهه 5 ڪروڙ 44 لک 20 هزار 954 رپين جا اثاثا ظاهر ڪيا، جن ۾ هڪ ڪروڙ 14 لک رپيا جون گاڏيون، هڪ ڪروڙ 41 لک جو بينڪ بيلنس، 281 ايڪڙ زرعي زمين شامل آهي، علي محمد ولهاري هڪ ڪروڙ 39 لک 8 هزار 190 رپيا جي اثاثا ڄاڻايو آهن، علي احمد پلهه 73 ايڪڙ زمين، 21 لک جي گاڏي، هڪ ڪروڙ 73 لک 25 رپيا جو ڪراچي ۾ بنگلو، بينڪ بيلنس ۽ سون ظاهر ڪيو آهي، امير علي ٿيٻو 69 ايڪڙ زرعي زمين، 10 تولا سون کانسواءِ 16 لک 18 هزار رپيا جو بينڪ بيلنس ظاهر ڪيو آهي. ڀورو پٽ کيمچند 3 ايڪڙ زمين، 5 لک ماليت جو دڪان، 10 لک ماليت جو گڏيل گهر ۽ 10 تولا سون ظاهر ڪيو آهي، اسلام الدين خان 20 ايڪڙ زرعي زمين، گهر ۽ 4 تولا سون ظاهر ڪيو آهي، خالد حسين گهر، فليٽ، 52 لک 96 هزار رپيا جي ڪاروبار ۾ سيڙپ، 9 لک 70 هزار جي گاڏي، 15 تولا سون ظاهر ڪيو آهي، مير محمد کوکر پاڻ کي 94 ڪروڙ 27 لک رپيا جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي، جن ۾ 20 لک رپين جي سيڙپڪاري، 45 لک جون گاڏيون، هڪ ڪروڙ ماليت جو 200 تولا سون، ٽنڊي الهيار بس اسٽاپ تي 50 لک ماليت جي پلاٽ ۾ حصو، ڳوٺ غلام حسين کوکر ۾ 10 ڪروڙ رپيا جي ماليت جو خانداني گهر، حيدرآباد ۾ 10 ڪروڙ ماليت جي گهر ۾ حصو ، ڪراچي ۾ 20 ڪروڙ جو گهر، 20 ڪروڙ جي 183 ايڪڙ زرعي زمين، 3 ڪروڙ ماليت جو اپارٽمينٽ، گهرواريءَ جي نالي سان 198 ايڪڙ 20 ڪروڙ ماليت جي زرعي زمين به ظاهر ڪئي آهي، محمد محسن عباسي 2 ڪروڙ 17 لکن جو بينڪ بيلنس، 80 لک ماليت جو ڪراچي ۾ بنگلو، 4 ڪروڙ 51 لک 4 هزار رپيا جي زرعي زمين، ساڍا 8 لک رپيا جي زرعي مشينري سميت پاڻ کي 8 ڪروڙ 36 لک 24 هزار 364 رپيا جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي. نذير خان 545 ايڪڙ زرعي زمين، جنهن جي هڪ ڪل ماليت 71 لک 96 هزار ڄاڻائي آهي، ڪراچي ۾ 32 لک 60 هزار جو دڪان، ڪراچي ۾ 25 لک 80 هزار جو گهر، 45 لک جون گاڏيون، 100 تولا سون سميت 3 ڪروڙ 86 لک 56 هزار 800 رپيا جا اثاثا ظاهر ڪيا آهن. پير غلام نبي شاهه اثاثن ۾ 19 لک رپيا جي گاڏي ظاهر ڪئي آهي، سيد الطاف حسين شاهه 3 ڪروڙ رپين جي111 ايڪڙ زرعي زمين، 57 لک رپيا جون گاڏيون به ظاهر ڪيون آهن، سيد شبيع الحسن راشدي 25 لک جو پلاٽ، ڪميشن ايجنٽ جي ڪاروبار ۾ 10 لک رپيا جي سيڙپ، 17 لک رپيا جون گاڏيون، 5 تولا سون، 87 ايڪڙ زمين ڄاڻائي آهي. ولي محمد پاڻ کي ڪل 53 لک 47 هزار 266 رپيا جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي، جن ۾ 2 ايڪڙ زمين، 18 لک جون گاڏيون، 29 لک رپيا جو بينڪ بيلنس شامل آهي، اين اي 224 تان چونڊيل ايم اين اي ذوالفقار ستار بچاڻي 2 ڪروڙ 79 هزار 709 رپيا جا اثاثا ظاهر ڪيا آهن. جن ۾ هڪ ڪروڙ 66 لک رپيا جون گاڏيون، 60 تولا سون شامل آهي. پي ايس 60 ٽنڊوالهيار هڪ تي فارم ڀرائيندڙ غلام نبي شاهه 19 لک رپيا جي گاڏي ظاهر ڪئي آهي. 
گل حسن خاصخيلي 86 لک ماليت جي 21 ايڪڙ زمين، 2 لک جو بينڪ بيلنس، 3 تولا سون ظاهر ڪيو آهي. حبيب الله پلهه پاڻ کي 24 لک 42 هزار 725 رپيا جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي، جعفر حسين 10 لک جو گهر، 5 لک جو پلاٽ، سائيڪل اسٽور ۾ 3 لک 50 هزار جي سيڙپ، جاويد اصغر 11 ايڪڙ زرعي زمين، 5 تولا سون، خرم عباس قائمخاني بحريه ٽائون ڪراچي ۾ 2 ڪروڙن جا 5 پلاٽ، هڪ ڪروڙ 52 لک رپيا جي زمين، 15 لک جي گاڏي، 5 تولا سون ظاهر آهي، ڪشور ڪمار 51 ايڪڙ زمين، 2 ڪروڙ ماليت جا پلاٽ، سي اين جي ۾ 30 سيڪڙو حصو، 29 لک جون گاڏيون، 10 تولا سون ظاهر ڪيو آهي، جڏهن ته ايم پي اي سيد ضياءَ عباس رضوي پاڻ کي 1235 ايڪڙ زرعي زمين جو مالڪ ڄاڻايو آهي، جنهن جي ماليت هن 2 ڪروڙ 76 لک 12 هزار ڄاڻائي آهي، جڏهن ته 2 ڪروڙ 5 لک 55 هزار جو بنگلو ۽ پلاٽ، ساڍا 4 ڪروڙ روپيا ڪاروبار ۾ سيڙپ، 79 لک جون گاڏيون، 95 لک رپيا جو بينڪ بيلنس ظاهر ڪيو آهي، پي ايس 61 ٽنڊو الهيار 2 تي فارم ڀرائيندڙ عبدالحفيظ ڪاروبار ۾ 10 لک جي سيڙپ، 10 تولا سون، اعجاز علي گهر، 21 ايڪڙ زمين، 34 لک جو گاڏيون، 320 گرام سون اثاثن ۾ ظاهر ڪيو آهي، هدايت الله پلهه ڪيٽل فارم، 3 لک روڪ سميت 8 لک رپيا جا اثاثا ظاهر ڪيا آهن، ايم پي اي امداد علي پتافي 47 لک 23 هزار 707 رپيا جا اثاثا ظاهر ڪيا آهن، ان کانسواءِ هن پنهنجي اثاثن ۾ 17 ايڪڙ زرعي زمين، 235 گرام سون، 3600 اسڪوائر فٽ جا حيدرآباد ۾ 2 پلاٽ ظاهر ڪيا آهن. هن پاڻ کي گاڏي کان محروم ڄاڻايو آهي.خير محمد کوکر 19 ڪروڙ 80 هزار 657 رپيا جا اثاثا ظاهر ڪيا آهن. جن ۾ 769 ايڪڙ زمين، 16 ڪروڙ 53 لک 95 هزار 335 رپيا جو بينڪ بيلنس، 2 ڪروڙ رپيا جي ماليت جون گاڏيون، 10 هزار گرام سون، 15 لک 80 هزار جي الخير هائوسنگ ۾ سيڙپ اثاثن ۾ ڄاڻائي آهي، محمد صالح ڪنڀر پنهنجي اثاثن ۾ گهر، 9 لک ماليت جا 4 دڪان، اڍائي لکن جو سون، 2 لک 60 هزار جو بينڪ بيلنس ظاهر ڪيو آهي، محمد عمر لغاري پاڻ کي 60 لک 71 هزار 102 رپيا جي اثاثن کانسواءِ 13 ايڪڙ زرعي زمين جو مالڪ ڄاڻايو آهي، ذوالقرنين کوکر 75 رپيا جون گاڏيون، 39 لک رپيا جي بينڪ بيلنس سميت هڪ ڪروڙ 40 لک 26 هزار 804 رپيا جا اثاثا ظاهر ڪيا آهن.


ڪيترائي سياستدان معمولي اثاثن وارا، يا ملڪيت کان محروم

سڪندر شاهه، عنايت شاهه ، ڪليم الله، محبوب علي، ڌڻي بخش اثاثا ظاهر نه ڪيا

اسلام آباد: ٽنڊو الهيار مان 2018ع جي عام چونڊن ۾ حصو وٺندڙ ڪيترائي سياستدان تمام معمولي اثاثن جا مالڪ آهن. ڪيترائي سياسي ورڪر اثاثن کان محروم به آهن. اين اي 224 ٽنڊوالهيار تي فارم ڀرائيندڙ الطاف حسين 5 لک جو ڪاروبار ظاهر ڪيو آهي، اسد علي 10 لک جو پلاٽ، حسين بخش پلاٽ، 25 گرام سون، هڪ لک 52 هزار رپيا جو بينڪ بيلنس، محمد سڪندر شاهه، سيد عنايت علي شاهه رضوي، ڪليم الله، محبوب علي ڪوبه اثاثو ظاهر نه ڪيو آهي، پي ايس 60 ٽنڊو الهيار هڪ تي فارم ڀرائيندڙ ميمونه خاتون 5 تولا سون، هڪ لک جو فرنيچر، محمد جميل هڪ لک جو فرنيچر، اعجاز علي گهريلو سامان سان گڏ 23 رپيا روڪ، ڪاشف نصيب 2 تولا سون، 25 هزار بينڪ بيلنس، عبدالجبار 20 گرام سون، 40 هزار روڪ، 80 هزار جو فرنيچر ظاهر ڪيا آهن، پي ايس 61 فارم ڀرائيندڙ امرشي 80 هزار جو فرنيچر، ڏيڍ ڪلو چاندي، پي ايس 61 تي فارم ڀرائيندڙ ڌڻي بخش لغاري، فيض محمد لغاري، عبدالحفيظ لغاري، صدام حسين شاهه، صاحب علي ڪوبه اثاثو ظاهر نه ڪيو آهي، محمد اسلم هڪ لک رپيا روڪ پنهنجي اثاثن ۾ ڄاڻايا آهن.

ضياءَ عباس رضوي پاڻ کي ڏيڍ ڪروڙ جو قرضي ظاهر ڪيو

اسلام آباد: سڀني کان وڏي زميندار ضياءَ عباس رضوي پاڻ کي ڪروڙن جي ماليت جي اثاثن جي مالڪ ظاهر ڪيو آهي، ته ساڳئي وقت هن پاڻ کي هڪ ڪروڙ 41 لک 61 هزار 216 رپيا جو قرضي به ڄاڻايو آهي. هوڏانهن ذوالفقار ستار بچاڻي اثاثن ۾ 200 مينهون ظاهر ڪيون آهن، جيڪڏهن في مينهن جي ماليت 3 لک رپيا هجي ته به 6 ڪروڙ روپيا ماليت ٿئي ٿي.

2 اميدوارن لکو ۽ امريو پنهنجو پيشو مزدور ظاهر ڪيو

اسلام آباد: پي ايس 60 تي فارم ڀرائيندڙ لکو پنهنجو پيشو مزدوري ڄاڻايو آهي، هن پنهنجي اثاثن ۾ 2 ڪلو چاندي، هڪ لک جو فرنيچر ۽ 4 لک ماليت جو گهر ڄڻايو آهي، پي ايس 61 ٽنڊو الهيار 2 تي فارم ڀرائيندڙ امريو به پنهنجو پيشو مزدوري ڄاڻايو آهي، هن پنهنجي اثاثن ۾ هڪ لک جو فرنيچر، هڪ ڪلو چاندي ظاهر ڪئي آهي،

عبدالستار بچاڻي 2 شادين وارو سياستدان

اسلام آباد: ٽنڊي الهيار سان تعلق رکندڙ سياستدانن ۾ اڳوڻي قومي اسيمبلي جي ميمبر عبدالستار بچاڻي جون ٻه شاديون ٿيل آهن، ساڳئي تڪ تي فارم ڀرائيندڙ محمد محسن جون به 2 شاديون ٿيل آهن، جن جي نالن اڳيان هن طلاق ٿيل ڄاڻايو آهي،

Comments

Popular posts from this blog

“آخر هيءَ رات گذرڻي آ، تو ڇو گهٻرايو آ پيارا!”

“آخر هيءَ رات گذرڻي آ، تو ڇو گهٻرايو آ پيارا!” : “آخر هيءَ رات گذرڻي آ، تو ڇو گهٻرايو آ پيارا!” “آخر هيءَ رات گذرڻي آ، تو ڇو گهٻرايو آ پيارا!” Posted on   May 3, 2019  (1:09 pm) ملڪ ۾ جمھوريت ھجي يا نھ ھجي؟ ھجي تھ ڪيتري ۽ ڪھڙي ھجي؟ پاڪستان ۾ اھي سوال بنيادي نوعيت جا سوال رھيا آھن. جيئن تھ اظھار يا صحافت جي آزادي سڌي طرح سان عوام جي حق سان واڳيل آھي، ان ڪري اھا بھ جمھوريت جيان سدائين ڏچي ۾ رھي آھي. جيئن پاڪستان ۾ جمھوريت کي پوري آزادي سان ھلڻ نھ ڏنو ويو، تيئن پريس جي آزادي بھ سدائين حڪمران ڌرين جي اک ۾ ڪنڊو رھي آھي. اھوئي سبب آھي جو صحافت سينسرشپ جي ڪارن قانونن کان ويندي مختلف دٻائن، دٻڙ ڌؤنس ۽ ڏاڍ جو شڪار رھي آھي. جيتري بھ ۽ جڏھن بھ اھا آزادي ملي سا صحافين ۽ عوام جي جدوجھد جو ئي نتيجو ھئي. سٺ واري ڏھاڪي ۾ ايوب خان پريس اينڊ پبليڪيشن آرڊيننس لاڳو ڪري صحافت کي قيد ڪيو، تڏھن صرف من پسند ماڻھو ئي اخبار جو ڊڪليئريشن حاصل ڪري سگھندا ھئا. ھڪ ڀرپور عوامي تحريڪ جڏھن ايوب خان کي اقتدار کان ڌڪي پري ڪيو تھ چند مھينن لاءِ پريس کي آزادي ملي، ورنھ ان کان اڳ “پريس ايڊوائس” نالي انفرميشن ڊ...

12 millionaire Politicians of Jamshoro

ڄامشوري ۾ مراد شاهه، اسد سڪندر، جلال شاهه، کيئل داس، روشن ٻرڙي سميت 12 ڪروڙ پتي سياستدان، ديارام سڀ کان امير Posted on   April 28, 2019  (1:52 pm) اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) ڄامشوري ضلعي ۾ 12 سياستدان ڪروڙ پتي آهن جن مان ديارام 36 ڪروڙ 30 رپين جي اثاثن سان سڀ کان امير، ملڪ اسد سڪندر 26 ڪروڙ 29، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه 21 ڪروڙ 39 لک، سيد جلال محمود شاهه 3 ڪروڙ 37 لک جي اثاثن جو مالڪ آهي. تفصيل موجب 2018ع جي عام چونڊن جي نامزدگي فارمن ۾ اين اي 233 ڄامشورو تي اثاثا ظاهر ڪندي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه پاڻ کي ڪل 3 ڪروڙ 37 لک 29 هزار 457 رپين جي ماليت جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي، جن ۾ مانجهند ۾ 57 ايڪڙ زمين، 66 لک رپيا روڪ، 33 لک بينڪ بيلنس، 4 لک جو گهريلو سامان، 27 هزار رپين جا هٿيار. 64 لک 60 هزار جون گاڏيون، هڪ ڪروڙ 8 لک 90 هزار جو پٿر ڪريشنگ پلانٽ جو ڪاروبار، 89 لک 80 هزار رپين جي ماليت جي مختلف ملڪيت ظاهر ڪئي آهي.  ن ليگ جي ڪيسو مل کيئل داس ڪوهستاني جي اثاثن ۾ 15 لک جي ڪاروبار ۾ سيڙپ، 34 لک کان وڌيڪ جون گاڏيون، 14 تولا...

Tando Muhammad Khan Politicians Assets

ٽنڊي محمد خان جي سياستدانن ۾ ڪمال چانگ امير ترين،نويد قمر ٻئي نمبر تي ڪمال چانگ وٽ 22 ڪروڙ 54 لکن جا اثاثا، 80 تولا سون، 37 لکن جو بينڪ بيلنس، 11 لکن جا هٿيار شامل نويد قمر وٽ 263 ايڪڙ زمين، 67 لک جي گاڏيون. 50 تولا سون ۽ خانداني ملڪيت جي 20 سيڪڙو سميت 20 ڪروڙ 33 لکن جي ملڪيت Posted on   April 19, 2019  (4:10 pm) اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) ٽنڊي محمد خان ضلعي ۾ به سياست تي ڪروڙ پتي ۽ لک پتي سياستدان ڇانيل آهن، ڪمال چانگ سڀ کان وڌيڪ امير سياستدان، ٻئي نمبر تي نويد قمر آهي. ان سلسلي ۾اين اي 228 ٽنڊو محمد خان تي اثاثن جا تفصيل جمع ڪرائيندڙ عبدالباسط نظاماڻي پاڻ کي 2 لک 65 رپين جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي. جڏهن ته ان ئي تڪ تي فارم ڀرائيندڙ عبدالجبار ميمڻ 20 تولا سون،313 ايڪڙ زمين ۾ ويهه سيڪڙو حصو اسد عباس جو به آهي، 13 هزار جو بينڪ بيلنس، جڏهن ته غلام مرتضيٰ بينڪ اڪائوٽ نمبر ڏنا آهن انهن ۾ رقم جي موجودگي بابت ڪجهه ناهي ڄاڻايو. ڪشف الحسين شاهه 77 ايڪڙ زرعي زمين، گهر، 25 لکن جي ڪاروباري عمارت، 25 تولا سون، لعل بخش ڪلاريو گهر، ٻه تولا سون، لک رپيا روڪ، مير علي نو...