Skip to main content

Tando Allahyar Politicians Assets Mir Khokhar, Zia Abbas Rizvi



ٽنڊي الهيار ۾ مير محمد کوکر ارب پتي سياستدان،ضياءَ عباس رضوي وڏو زميندار

مير محمد کوکر وٽ 94 ڪروڙ 27 لک جا اثاثا،ڳوٺ،حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ 5 گهر،گهرواري جي نالي 20 ڪروڙن جي ملڪيت

خير محمد کوکر 19 ڪروڙ،ضياءَ عباس رضوي 9 ڪروڙ، محسن عباسي 8 ڪروڙ، علي نواز شاهه 5 ڪروڙ رپين جا اثاثا ظاهر ڪيا
اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) ٽنڊو الهيار جي سياستدانن طرفان ظاهر ڪيل اثاثن مطابق اين اي 224 ٽنڊو الهيار تان چونڊيل ايم اين اي عبدالستار بچاڻي وٽ 2 ڪروڙ 51 لک 44 هزار 116 رپين جا اثاثا آهن. جن ۾ڪراچي ۾ 22 لک 50 هزار جو گهر، 22 لک جو پيٽرول پمپ، 25 لک 50 هزار جا بانڊ، 54 لک 88 هزار 980 رپيا جون گاڏيون، 540 تولاسون، هڪ ڪروڙ 50 لک جو بينڪ بيلنس ظاهر ڪيو آهي. ساڳئي تڪ تي فارم ڀرائيندڙ سيد علي نواز شاهه 5 ڪروڙ 44 لک 20 هزار 954 رپين جا اثاثا ظاهر ڪيا، جن ۾ هڪ ڪروڙ 14 لک رپيا جون گاڏيون، هڪ ڪروڙ 41 لک جو بينڪ بيلنس، 281 ايڪڙ زرعي زمين شامل آهي، علي محمد ولهاري هڪ ڪروڙ 39 لک 8 هزار 190 رپيا جي اثاثا ڄاڻايو آهن، علي احمد پلهه 73 ايڪڙ زمين، 21 لک جي گاڏي، هڪ ڪروڙ 73 لک 25 رپيا جو ڪراچي ۾ بنگلو، بينڪ بيلنس ۽ سون ظاهر ڪيو آهي، امير علي ٿيٻو 69 ايڪڙ زرعي زمين، 10 تولا سون کانسواءِ 16 لک 18 هزار رپيا جو بينڪ بيلنس ظاهر ڪيو آهي. ڀورو پٽ کيمچند 3 ايڪڙ زمين، 5 لک ماليت جو دڪان، 10 لک ماليت جو گڏيل گهر ۽ 10 تولا سون ظاهر ڪيو آهي، اسلام الدين خان 20 ايڪڙ زرعي زمين، گهر ۽ 4 تولا سون ظاهر ڪيو آهي، خالد حسين گهر، فليٽ، 52 لک 96 هزار رپيا جي ڪاروبار ۾ سيڙپ، 9 لک 70 هزار جي گاڏي، 15 تولا سون ظاهر ڪيو آهي، مير محمد کوکر پاڻ کي 94 ڪروڙ 27 لک رپيا جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي، جن ۾ 20 لک رپين جي سيڙپڪاري، 45 لک جون گاڏيون، هڪ ڪروڙ ماليت جو 200 تولا سون، ٽنڊي الهيار بس اسٽاپ تي 50 لک ماليت جي پلاٽ ۾ حصو، ڳوٺ غلام حسين کوکر ۾ 10 ڪروڙ رپيا جي ماليت جو خانداني گهر، حيدرآباد ۾ 10 ڪروڙ ماليت جي گهر ۾ حصو ، ڪراچي ۾ 20 ڪروڙ جو گهر، 20 ڪروڙ جي 183 ايڪڙ زرعي زمين، 3 ڪروڙ ماليت جو اپارٽمينٽ، گهرواريءَ جي نالي سان 198 ايڪڙ 20 ڪروڙ ماليت جي زرعي زمين به ظاهر ڪئي آهي، محمد محسن عباسي 2 ڪروڙ 17 لکن جو بينڪ بيلنس، 80 لک ماليت جو ڪراچي ۾ بنگلو، 4 ڪروڙ 51 لک 4 هزار رپيا جي زرعي زمين، ساڍا 8 لک رپيا جي زرعي مشينري سميت پاڻ کي 8 ڪروڙ 36 لک 24 هزار 364 رپيا جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي. نذير خان 545 ايڪڙ زرعي زمين، جنهن جي هڪ ڪل ماليت 71 لک 96 هزار ڄاڻائي آهي، ڪراچي ۾ 32 لک 60 هزار جو دڪان، ڪراچي ۾ 25 لک 80 هزار جو گهر، 45 لک جون گاڏيون، 100 تولا سون سميت 3 ڪروڙ 86 لک 56 هزار 800 رپيا جا اثاثا ظاهر ڪيا آهن. پير غلام نبي شاهه اثاثن ۾ 19 لک رپيا جي گاڏي ظاهر ڪئي آهي، سيد الطاف حسين شاهه 3 ڪروڙ رپين جي111 ايڪڙ زرعي زمين، 57 لک رپيا جون گاڏيون به ظاهر ڪيون آهن، سيد شبيع الحسن راشدي 25 لک جو پلاٽ، ڪميشن ايجنٽ جي ڪاروبار ۾ 10 لک رپيا جي سيڙپ، 17 لک رپيا جون گاڏيون، 5 تولا سون، 87 ايڪڙ زمين ڄاڻائي آهي. ولي محمد پاڻ کي ڪل 53 لک 47 هزار 266 رپيا جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي، جن ۾ 2 ايڪڙ زمين، 18 لک جون گاڏيون، 29 لک رپيا جو بينڪ بيلنس شامل آهي، اين اي 224 تان چونڊيل ايم اين اي ذوالفقار ستار بچاڻي 2 ڪروڙ 79 هزار 709 رپيا جا اثاثا ظاهر ڪيا آهن. جن ۾ هڪ ڪروڙ 66 لک رپيا جون گاڏيون، 60 تولا سون شامل آهي. پي ايس 60 ٽنڊوالهيار هڪ تي فارم ڀرائيندڙ غلام نبي شاهه 19 لک رپيا جي گاڏي ظاهر ڪئي آهي. 
گل حسن خاصخيلي 86 لک ماليت جي 21 ايڪڙ زمين، 2 لک جو بينڪ بيلنس، 3 تولا سون ظاهر ڪيو آهي. حبيب الله پلهه پاڻ کي 24 لک 42 هزار 725 رپيا جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي، جعفر حسين 10 لک جو گهر، 5 لک جو پلاٽ، سائيڪل اسٽور ۾ 3 لک 50 هزار جي سيڙپ، جاويد اصغر 11 ايڪڙ زرعي زمين، 5 تولا سون، خرم عباس قائمخاني بحريه ٽائون ڪراچي ۾ 2 ڪروڙن جا 5 پلاٽ، هڪ ڪروڙ 52 لک رپيا جي زمين، 15 لک جي گاڏي، 5 تولا سون ظاهر آهي، ڪشور ڪمار 51 ايڪڙ زمين، 2 ڪروڙ ماليت جا پلاٽ، سي اين جي ۾ 30 سيڪڙو حصو، 29 لک جون گاڏيون، 10 تولا سون ظاهر ڪيو آهي، جڏهن ته ايم پي اي سيد ضياءَ عباس رضوي پاڻ کي 1235 ايڪڙ زرعي زمين جو مالڪ ڄاڻايو آهي، جنهن جي ماليت هن 2 ڪروڙ 76 لک 12 هزار ڄاڻائي آهي، جڏهن ته 2 ڪروڙ 5 لک 55 هزار جو بنگلو ۽ پلاٽ، ساڍا 4 ڪروڙ روپيا ڪاروبار ۾ سيڙپ، 79 لک جون گاڏيون، 95 لک رپيا جو بينڪ بيلنس ظاهر ڪيو آهي، پي ايس 61 ٽنڊو الهيار 2 تي فارم ڀرائيندڙ عبدالحفيظ ڪاروبار ۾ 10 لک جي سيڙپ، 10 تولا سون، اعجاز علي گهر، 21 ايڪڙ زمين، 34 لک جو گاڏيون، 320 گرام سون اثاثن ۾ ظاهر ڪيو آهي، هدايت الله پلهه ڪيٽل فارم، 3 لک روڪ سميت 8 لک رپيا جا اثاثا ظاهر ڪيا آهن، ايم پي اي امداد علي پتافي 47 لک 23 هزار 707 رپيا جا اثاثا ظاهر ڪيا آهن، ان کانسواءِ هن پنهنجي اثاثن ۾ 17 ايڪڙ زرعي زمين، 235 گرام سون، 3600 اسڪوائر فٽ جا حيدرآباد ۾ 2 پلاٽ ظاهر ڪيا آهن. هن پاڻ کي گاڏي کان محروم ڄاڻايو آهي.خير محمد کوکر 19 ڪروڙ 80 هزار 657 رپيا جا اثاثا ظاهر ڪيا آهن. جن ۾ 769 ايڪڙ زمين، 16 ڪروڙ 53 لک 95 هزار 335 رپيا جو بينڪ بيلنس، 2 ڪروڙ رپيا جي ماليت جون گاڏيون، 10 هزار گرام سون، 15 لک 80 هزار جي الخير هائوسنگ ۾ سيڙپ اثاثن ۾ ڄاڻائي آهي، محمد صالح ڪنڀر پنهنجي اثاثن ۾ گهر، 9 لک ماليت جا 4 دڪان، اڍائي لکن جو سون، 2 لک 60 هزار جو بينڪ بيلنس ظاهر ڪيو آهي، محمد عمر لغاري پاڻ کي 60 لک 71 هزار 102 رپيا جي اثاثن کانسواءِ 13 ايڪڙ زرعي زمين جو مالڪ ڄاڻايو آهي، ذوالقرنين کوکر 75 رپيا جون گاڏيون، 39 لک رپيا جي بينڪ بيلنس سميت هڪ ڪروڙ 40 لک 26 هزار 804 رپيا جا اثاثا ظاهر ڪيا آهن.


ڪيترائي سياستدان معمولي اثاثن وارا، يا ملڪيت کان محروم

سڪندر شاهه، عنايت شاهه ، ڪليم الله، محبوب علي، ڌڻي بخش اثاثا ظاهر نه ڪيا

اسلام آباد: ٽنڊو الهيار مان 2018ع جي عام چونڊن ۾ حصو وٺندڙ ڪيترائي سياستدان تمام معمولي اثاثن جا مالڪ آهن. ڪيترائي سياسي ورڪر اثاثن کان محروم به آهن. اين اي 224 ٽنڊوالهيار تي فارم ڀرائيندڙ الطاف حسين 5 لک جو ڪاروبار ظاهر ڪيو آهي، اسد علي 10 لک جو پلاٽ، حسين بخش پلاٽ، 25 گرام سون، هڪ لک 52 هزار رپيا جو بينڪ بيلنس، محمد سڪندر شاهه، سيد عنايت علي شاهه رضوي، ڪليم الله، محبوب علي ڪوبه اثاثو ظاهر نه ڪيو آهي، پي ايس 60 ٽنڊو الهيار هڪ تي فارم ڀرائيندڙ ميمونه خاتون 5 تولا سون، هڪ لک جو فرنيچر، محمد جميل هڪ لک جو فرنيچر، اعجاز علي گهريلو سامان سان گڏ 23 رپيا روڪ، ڪاشف نصيب 2 تولا سون، 25 هزار بينڪ بيلنس، عبدالجبار 20 گرام سون، 40 هزار روڪ، 80 هزار جو فرنيچر ظاهر ڪيا آهن، پي ايس 61 فارم ڀرائيندڙ امرشي 80 هزار جو فرنيچر، ڏيڍ ڪلو چاندي، پي ايس 61 تي فارم ڀرائيندڙ ڌڻي بخش لغاري، فيض محمد لغاري، عبدالحفيظ لغاري، صدام حسين شاهه، صاحب علي ڪوبه اثاثو ظاهر نه ڪيو آهي، محمد اسلم هڪ لک رپيا روڪ پنهنجي اثاثن ۾ ڄاڻايا آهن.

ضياءَ عباس رضوي پاڻ کي ڏيڍ ڪروڙ جو قرضي ظاهر ڪيو

اسلام آباد: سڀني کان وڏي زميندار ضياءَ عباس رضوي پاڻ کي ڪروڙن جي ماليت جي اثاثن جي مالڪ ظاهر ڪيو آهي، ته ساڳئي وقت هن پاڻ کي هڪ ڪروڙ 41 لک 61 هزار 216 رپيا جو قرضي به ڄاڻايو آهي. هوڏانهن ذوالفقار ستار بچاڻي اثاثن ۾ 200 مينهون ظاهر ڪيون آهن، جيڪڏهن في مينهن جي ماليت 3 لک رپيا هجي ته به 6 ڪروڙ روپيا ماليت ٿئي ٿي.

2 اميدوارن لکو ۽ امريو پنهنجو پيشو مزدور ظاهر ڪيو

اسلام آباد: پي ايس 60 تي فارم ڀرائيندڙ لکو پنهنجو پيشو مزدوري ڄاڻايو آهي، هن پنهنجي اثاثن ۾ 2 ڪلو چاندي، هڪ لک جو فرنيچر ۽ 4 لک ماليت جو گهر ڄڻايو آهي، پي ايس 61 ٽنڊو الهيار 2 تي فارم ڀرائيندڙ امريو به پنهنجو پيشو مزدوري ڄاڻايو آهي، هن پنهنجي اثاثن ۾ هڪ لک جو فرنيچر، هڪ ڪلو چاندي ظاهر ڪئي آهي،

عبدالستار بچاڻي 2 شادين وارو سياستدان

اسلام آباد: ٽنڊي الهيار سان تعلق رکندڙ سياستدانن ۾ اڳوڻي قومي اسيمبلي جي ميمبر عبدالستار بچاڻي جون ٻه شاديون ٿيل آهن، ساڳئي تڪ تي فارم ڀرائيندڙ محمد محسن جون به 2 شاديون ٿيل آهن، جن جي نالن اڳيان هن طلاق ٿيل ڄاڻايو آهي،

Comments

Popular posts from this blog

Badin- 29 millionaire politician

بدين ۾ 29 ڪروڙپتي سياستدان، ڪمال چانگ سڀ کان امير، ذوالفقار مرزا ۽ پپو شاهه وٽ گهروارين کان گهٽ دولت عبدالغفور نظاماڻي 20 ڪروڙ، غلام علي ٽالپر 19،محمد هاليپوٽو 17، فهميده مرزا 16 ڪروڙ ۽ اسماعيل راهو پوڻا 6 ڪروڙن جو مالڪ نڪتو محمد بشير 5، ظفر نظاماڻي پوڻا 5، سائين بخش جمالي ساڍا 4، حسنين مرزا ساڍا 3، صغير لغاري 3 ۽ رياض نظاماڻي سوا 3 ڪروڙ ظاهر ڪيا Posted on   May 7, 2019  (2:00 pm) اسلام آباد (رپورٽ:ايم بي سومرو) بدين ضلعي جي سياستدانن ۾ سڀ کان امير ڪمال چانگ 22 ڪروڙ 54 لک رپين جي اثاثن جو مالڪ ظاهر ٿيو آهي، جڏهن ته اڳوڻو صوبائي وزير ذوالفقار مرزا پنهنجي پٽ ۽ گهرواري کان به گهٽ اثاثا رکندڙ آهي، سيد پپو شاهه کان سندس گهرواري بي بي ياسمين شاهه وڌيڪ امير آهي. ضلعي ۾ 29 سياستدانن پاڻ کي ڪروڙ پتي ڄاڻايو آهي. 2018ع جي عام چونڊن ۾ نامزدگي فارم سان گڏ اين اي 229 بدين هڪ تي فارم ڀرائيندڙ عبدالستار لغاري پنهنجي نالي تي 109 ايڪڙ، گهر واري جي نالي 39 ايڪڙ زمين، 16 لک جون گاڏيون، 20 تولا سون پنهنجي اثاثن ۾ ظاهر ڪيو آهي، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي21 لک 84 هزار 930 رپين جي اثاثن ۾ 708 ايڪڙ

Matiari Politicians assets

مٽياري ۾ سياستدانن وٽ ڪروڙن جا اثاثا،امير علي شاهه وڌيڪ ملڪيت وارو، مخدوم رفيق الزمان به ڪروڙن جو مالڪ امير علي شاهه وٽ 26 ڪروڙ 54 لکن کان وڌيڪ اثاثا، مخدوم رفيق 16 ڪروڙ ملڪيت جو مالڪ Posted on   April 20, 2019  (1:16 pm) اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) مٽياري ضلعي سان تعلق رکندڙ سياستدان وٽ به ڪروڙن جا اثاثا آهن، سيد پير امير علي شاهه ضلعي ۾ سڀ کان وڌيڪ پئسي وارو سياستدان آهن. ان سلسلي ۾ 2018ع واري اليڪشن ۾ نامزدگي فارم سان گڏ جمع ڪرايل اثاثن مطابق اين اي 223 مٽياري تي اميدوار عبدالرزاق ميمڻ وٽ ڪل 7 ڪروڙ 97 لک 16 هزار 631 جا اثاثا آهن، جن 53 لک 80 هزار ماليت جي مختلف ملڪيت، 2 ڪروڙ 97 لک 50 هزار جو ڪاروبار، هڪ ڪروڙ 27 لک 55 هزار رپين جون گاڏيون، 100 تولا سون، 2 ڪروڙ 38 لک 15 هزار روپين جو بينڪ بيلنس شامل آهي، عبدالرزاق ميمڻ جون قاسم آباد حيدرآباد جي اقبال ولاز ۾ مختلف ملڪيتون، ميمڻ ٽائون قاسم آباد ۾ بنگلو، 180 ايڪڙ زمين، سي اين جي ۽ پيٽروليم ۾ 50 سيڪڙو حصو به ڄاڻايو آهي. ايڊووڪيٽ امير عباس لغاري پاڻ کي 4 ڪروڙ 46 لک روپين جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي، جنهن ۾ 25 لک جي گاڏي، 10

Thatta rich Politicians Assets

ٺٽي ضلعي جي سياستدانن مان نوابشاهه ڄائو علي حسن زرداري سڀ کان امير ايم پي اي علي حسن زرداري وٽ 41 ڪروڙ 72 لک ۽ ممتاز علي ميمڻ وٽ 20 ڪروڙ 57 لک رپين جا اثاثا محمود عالم شاهه 12 ڪروڙ 33 لک،پير غلام رحماني 3 ڪروڙ هڪ لک ۽ سسئي پليجو 2 ڪروڙ 47 لکن جا مالڪ Posted on   May 4, 2019  (1:52 pm) اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) ٺٽي ضلعي مان اليڪشن وڙهندڙ سياستدانن ۾ نوابشاهه ڄائو ايم پي اي علي حسن زرداري سڀني کان امير، وٽس 41 ڪروڙ 72 لک 59 هزار 373 رپين جا اثاثا، ممتاز علي ميمڻ 20 ڪروڙ 57 لک جي اثاثن جو مالڪ آهي. ان سلسلي ۾ ٺٽي ضلعي مان چونڊ وڙهندڙ سياستدانن طرفان ظاهر ڪيل اثاثن مطابق اين اي 232 ٺٽو تي فارم ڀرائيندڙ حسن بلوچ 68 لک 60 هزار جا اثاثا ۽ 17 ايڪڙ زمين به ڄاڻائي، عبدالواحد سومرو 62 لک 43 هزار رپين جي اثاثن ۾ 131 ايڪڙ زمين، 40 ايڪڙ ليز تي ورتل زمين ۽ 25 تولا سون به ظاهر ڪيو، علي محمد جوکيو 50 لک، ارسلان بخش بروهي 2 ڪروڙ 44 لک 74 هزار 692، دلدار احمد خاصخيلي هڪ ڪروڙ 80 لک جي اثاثن سميت 60 ايڪڙ زرعي زمين، گل محمد سمون ريڊار هڪ ڪروڙ 78 لک 68 هزار 220 رپين جي اثاثن سان گڏ 421 اي