Skip to main content

Tando Muhammad Khan Politicians Assets


ٽنڊي محمد خان جي سياستدانن ۾ ڪمال چانگ امير ترين،نويد قمر ٻئي نمبر تي

ڪمال چانگ وٽ 22 ڪروڙ 54 لکن جا اثاثا، 80 تولا سون، 37 لکن جو بينڪ بيلنس، 11 لکن جا هٿيار شامل

نويد قمر وٽ 263 ايڪڙ زمين، 67 لک جي گاڏيون. 50 تولا سون ۽ خانداني ملڪيت جي 20 سيڪڙو سميت 20 ڪروڙ 33 لکن جي ملڪيت
ٽنڊي محمد خان جي سياستدانن ۾ ڪمال چانگ امير ترين،نويد قمر ٻئي نمبر تي
اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) ٽنڊي محمد خان ضلعي ۾ به سياست تي ڪروڙ پتي ۽ لک پتي سياستدان ڇانيل آهن، ڪمال چانگ سڀ کان وڌيڪ امير سياستدان، ٻئي نمبر تي نويد قمر آهي. ان سلسلي ۾اين اي 228 ٽنڊو محمد خان تي اثاثن جا تفصيل جمع ڪرائيندڙ عبدالباسط نظاماڻي پاڻ کي 2 لک 65 رپين جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي. جڏهن ته ان ئي تڪ تي فارم ڀرائيندڙ عبدالجبار ميمڻ 20 تولا سون،313 ايڪڙ زمين ۾ ويهه سيڪڙو حصو اسد عباس جو به آهي، 13 هزار جو بينڪ بيلنس، جڏهن ته غلام مرتضيٰ بينڪ اڪائوٽ نمبر ڏنا آهن انهن ۾ رقم جي موجودگي بابت ڪجهه ناهي ڄاڻايو. ڪشف الحسين شاهه 77 ايڪڙ زرعي زمين، گهر، 25 لکن جي ڪاروباري عمارت، 25 تولا سون، لعل بخش ڪلاريو گهر، ٻه تولا سون، لک رپيا روڪ، مير علي نواز ٽالپر 4 لک 10هزار ماليت جو ڪراچي ۾ گهر، جڏهن ته 2 ڪروڙ 30 لک 88 هزار جو هڪ ٻيو تحفي ۾ مليل گهر ۽ گهرواري جي نالي زمين، 11 لک جي گاڏي، 10 تولا سون اثاثن ۾ ظاهر ڪيو آهي. مير سجاد علي ٽالپر زينت ڪالوني ۾ 6 هزار 550 فوٽن جو 32 لک ماليت جو پلاٽ، خانداني ورثي ۾ ٽنڊو محمد خان ۾ بنگلو ۽ 111 ايڪڙ زرعي زمين ڄاڻائي آهي. سيد ميران محمد شاهه 138 ايڪڙ زرعي زمين، 2 لک جو چوپايو مال، ساڍا 5 لک بينڪ بلينس، 15 لک جا بانڊ ۽ والدين نالي ملڪيت ۾ 25 سيڪڙو حصو، سندس ماءُ پيءَ جي نالي ڪلفٽن ۾ بنگلو، حيدرآباد لطيف آباد ۾ گهر، ٽنڊي محمد خان ۾ زمين ڄاڻائي آهي جنهن ۾ سندس پنجويهه سيڪڙو حصو آهي. جڏهن ته ايم اين اي سيد نويد قمر پاڻ کي ڪل 20 ڪروڙ 33 لک 62 هزار 485 رپين جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي. جن ۾ 263 ايڪڙ زرعي زمين، 67 لک جون گاڏيون. پنجاهه تولا سون به ظاهر ڪيو آهي. هن پنهنجي ماءُ پيءُ جي نالي ملڪيت ۾ به ويهه سيڪڙو حصو ڄاڻايو آهي. سيد ذوالفقار علي شاهه پاڻ کي 7 ڪروڙ 72 لک پنجٽيهه هزار رپين جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي. پي ايس 68 تي فارم ڀرائيندڙ عبدالعزيز ٻه پلاٽ هڪ اپارٽمينٽ ڪلينڪ ۾ 80 هزار جي سيڙپ، ڏهه تولا سون، 8 لک جو بينڪ بلينس، احمد نوناري 134 ايڪڙ زمين ڳوٺ ۾ گهر کانسواءِ ست لک رپين جي ملڪيت ڄاڻائي آهي. علي مرتضيٰ شاهه رهائشي پلاٽ ۽ 13 لک جي زمين سميت ڪل 19 لک 13 هزار جا اثاثا ڄاڻايا آهي. حسين علي موٽرسائيڪل، هڪ لک 14 هزار جي بينڪ بيلنس سميت چار لک پنجويهه هزار رپين جا اثاثا ظاهر ڪيا آهن. عبدالجبار ميمڻ زرعي زمين ۾ ويهه سيڪڙو حصو، ويهه تولا سون، جان محمد ڀٽي 48 لکن جي مختلف ملڪيت، ٻه ڪروڙ 75 لک 30 هزار 266 رپين جي ڪاروبار ۾ سيڙپ، هڪ ڪروڙ ستر لک جا بانڊ، اٺهتر ايڪڙ زمين، ويهه تولا سون سميت ڪل پنج ڪروڙ 68 لک 3 هزار 139 رپين جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي. جواد علي ٽالپر 121 ايڪڙ زمين جي ماليت پنج ڪروڙ پنجهتر لک ۽ ڇويهه لک جون گاڏيون، ويهه تولا سون، الطاف نظاماڻي 190 ايڪڙ زمين، پنج لک جو بينڪ بيلنس ۽ 31 لکن جي مختلف ملڪيت ظاهر ڪئي آهي. محمد عرفان نظاماڻي پاڻ کي ڪل ٻه ڪروڙ 32 لک 98 هزار 221 رپين جو مالڪ ڄاڻايو آهي. محمد خان اثاثن ۾ 10 تولا سون، 17 لک جي گاڏي، چاليهه لک جو بنگلو، پنج لک بينڪ بيلينس، سيد اعجاز حسين شاهه پاڻ کي هڪ ڪروڙ 30 لک 30 هزار رپين جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي. هن پنهنجي اثاثن ۾ 65 ايڪڙ زمين به ڏني آهي. يار محمد مگسي 4 لک جو گهر، ٻه لک جو بينڪ بيلنس، علي انور جعفري 50 لک جي سيڙپڪاري، مير علي حيدر ٽالپر 5 لک جو بينڪ بيلنس، مير علي نواز ٽالپر 5 ڪروڙ 45 لک جي ملڪيت، 11 لک جي گاڏين سميت ڪل 6 ڪروڙ 70 لک 55 هزار رپين جي اثاثن جو مالڪ آهي. محمد جمن ڪيهر 64 لک 14 هزار جو مالڪ آهي. قادر بخش نظاماڻي 28 ايڪڙ زمين اثاثن ۾ ڄاڻائي آهي. راءِ سنگهه چار پلاٽ، 14 لک جو بينڪ بيلنس ۽ ٻيا اثاثا ظاهر ڪيا آهن. شفيق ڀٽي 8 لک ايڪٽيهه هزار جي اثاثن جو مالڪ آهي ان کانسواءِ هن وٽ ستاويهه ايڪڙ زمين آهي. وحيده شاهه 23 لک 14 هزار 6 سئو 69 رپين جي اثاثن جي مالڪ آهي ان کانسواءِ هن 85 ايڪڙ زرعي زمين به ڄاڻائي آهي. پي ايس 69 تي فارم ڀرائيندڙ عبدالقادر سومري پاڻ کي هڪ ڪروڙ چاليهه لک ويهه هزار ۽ عبدالعليم مگسي پاڻ کي ڪل پنج لک رپين جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي. هن پنهنجي اثاثن ۾ پنج تولا سون به ڄاڻايو آهي. عبدالڪريم سومري پاڻ کي 2 ڪروڙ 29 لک 1480رپين جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي. جنهن ۾ 56 ايڪڙ زرعي زمين، 28 لک جون گاڏيون ۽ ٽيهه لک جو سون، هڪ ڪروڙ جي لڳ ڀڳ بينڪ بيلنس ۽ چار لک جا بانڊ ظاهر شامل آهن. عبدالرحيم ڪاتيار پنهنجي اثاثن ۾ 174 ايڪڙ زرعي زمين ظاهر ڪئي آهي. علي احمد لنڊ پاڻ کي 12 ڪروڙ 21 لک 64 هزار رپين جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي، جن ۾ 288 ايڪڙ زرعي زمين به شامل آهي. فياض الرحيم ڪاتيار هڪ سئو 49 ايڪڙ زرعي زمين، پنجاهه تولا سون ظاهر ڪيو آهي. ڪمال خان چانگ پاڻ کي 22 ڪروڙ 54 لک 60 هزار 655 رپين جي اثاثن جو مالڪ ظاهر ڪيو آهي. جنهن ۾ 80 تولا سون 37 لک جو بينڪ بيلنس، 11 لک جا هٿيار شامل آهن، خرم ڪريم سومرو پاڻ کي 70 لک 98 هزار 900 رپين جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي. جن ۾ 31 ايڪڙ زرعي زمين ۽ 30 لک جا بانڊ، 12 لک پنجاهه هزار جي گاڏي، 12 لک جو بينڪ بيلنس ۽ 8 لک پنجهتر هزار رپين جو ڪاروبار شامل آهي، رحيم بخش صديقي پنهنجي اثاثن ۾ ويهه تولا سون، 25 لک جو بينڪ بيلنس ڄاڻايو آهي. سيد محمد ڪامل شاهه پاڻ کي 58 لک 2 هزار 8 سئو 66 رپين جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي. جنهن ۾ 2 سئو 75 ايڪڙ زرعي زمين ۽ 7 لک پنجٽيهه هزار جا هٿيار به ڄاڻايا آهن.

عورت سياستدان سمعيه عبدالقادر ڪا ملڪيت ظاهر نه ڪئي

اسلام آباد: سمعيه عبدالقادر پنهنجي اثاثن ۾ ڪا ملڪيت ظاهر ناهي ڪئي. جڏهن ته غلام رسول ميربحر پنهنجي اثاثن ۾ رڳو هڪ تولوسون ظاهر ڪيو آهي. مسمات ڪاوش باغ علي پنهنجي اثاثن ۾ پنجاهه هزار روڪ ۽ بينڪ ۾ پيل ڪجهه هزار جي رقم ظاهر ڪئي آهي.

Bookmark the permalink.
79Shares

Comments

Popular posts from this blog

Tando Allahyar Politicians Assets Mir Khokhar, Zia Abbas Rizvi

ٽنڊي الهيار ۾ مير محمد کوکر ارب پتي سياستدان،ضياءَ عباس رضوي وڏو زميندار مير محمد کوکر وٽ 94 ڪروڙ 27 لک جا اثاثا،ڳوٺ،حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ 5 گهر،گهرواري جي نالي 20 ڪروڙن جي ملڪيت خير محمد کوکر 19 ڪروڙ،ضياءَ عباس رضوي 9 ڪروڙ، محسن عباسي 8 ڪروڙ، علي نواز شاهه 5 ڪروڙ رپين جا اثاثا ظاهر ڪيا Posted on   April 21, 2019  (1:24 pm) اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) ٽنڊو الهيار جي سياستدانن طرفان ظاهر ڪيل اثاثن مطابق اين اي 224 ٽنڊو الهيار تان چونڊيل ايم اين اي عبدالستار بچاڻي وٽ 2 ڪروڙ 51 لک 44 هزار 116 رپين جا اثاثا آهن. جن ۾ڪراچي ۾ 22 لک 50 هزار جو گهر، 22 لک جو پيٽرول پمپ، 25 لک 50 هزار جا بانڊ، 54 لک 88 هزار 980 رپيا جون گاڏيون، 540 تولاسون، هڪ ڪروڙ 50 لک جو بينڪ بيلنس ظاهر ڪيو آهي. ساڳئي تڪ تي فارم ڀرائيندڙ سيد علي نواز شاهه 5 ڪروڙ 44 لک 20 هزار 954 رپين جا اثاثا ظاهر ڪيا، جن ۾ هڪ ڪروڙ 14 لک رپيا جون گاڏيون، هڪ ڪروڙ 41 لک جو بينڪ بيلنس، 281 ايڪڙ زرعي زمين شامل آهي، علي محمد ولهاري هڪ ڪروڙ 39 لک 8 هزار 190 رپيا جي اثاثا ڄاڻايو آهن، علي احمد پلهه 73 ايڪڙ زمين، 21 لک جي ...

Matiari Politicians assets

مٽياري ۾ سياستدانن وٽ ڪروڙن جا اثاثا،امير علي شاهه وڌيڪ ملڪيت وارو، مخدوم رفيق الزمان به ڪروڙن جو مالڪ امير علي شاهه وٽ 26 ڪروڙ 54 لکن کان وڌيڪ اثاثا، مخدوم رفيق 16 ڪروڙ ملڪيت جو مالڪ Posted on   April 20, 2019  (1:16 pm) اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) مٽياري ضلعي سان تعلق رکندڙ سياستدان وٽ به ڪروڙن جا اثاثا آهن، سيد پير امير علي شاهه ضلعي ۾ سڀ کان وڌيڪ پئسي وارو سياستدان آهن. ان سلسلي ۾ 2018ع واري اليڪشن ۾ نامزدگي فارم سان گڏ جمع ڪرايل اثاثن مطابق اين اي 223 مٽياري تي اميدوار عبدالرزاق ميمڻ وٽ ڪل 7 ڪروڙ 97 لک 16 هزار 631 جا اثاثا آهن، جن 53 لک 80 هزار ماليت جي مختلف ملڪيت، 2 ڪروڙ 97 لک 50 هزار جو ڪاروبار، هڪ ڪروڙ 27 لک 55 هزار رپين جون گاڏيون، 100 تولا سون، 2 ڪروڙ 38 لک 15 هزار روپين جو بينڪ بيلنس شامل آهي، عبدالرزاق ميمڻ جون قاسم آباد حيدرآباد جي اقبال ولاز ۾ مختلف ملڪيتون، ميمڻ ٽائون قاسم آباد ۾ بنگلو، 180 ايڪڙ زمين، سي اين جي ۽ پيٽروليم ۾ 50 سيڪڙو حصو به ڄاڻايو آهي. ايڊووڪيٽ امير عباس لغاري پاڻ کي 4 ڪروڙ 46 لک روپين جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي، جنهن ۾ 25 لک جي...

“آخر هيءَ رات گذرڻي آ، تو ڇو گهٻرايو آ پيارا!”

“آخر هيءَ رات گذرڻي آ، تو ڇو گهٻرايو آ پيارا!” : “آخر هيءَ رات گذرڻي آ، تو ڇو گهٻرايو آ پيارا!” “آخر هيءَ رات گذرڻي آ، تو ڇو گهٻرايو آ پيارا!” Posted on   May 3, 2019  (1:09 pm) ملڪ ۾ جمھوريت ھجي يا نھ ھجي؟ ھجي تھ ڪيتري ۽ ڪھڙي ھجي؟ پاڪستان ۾ اھي سوال بنيادي نوعيت جا سوال رھيا آھن. جيئن تھ اظھار يا صحافت جي آزادي سڌي طرح سان عوام جي حق سان واڳيل آھي، ان ڪري اھا بھ جمھوريت جيان سدائين ڏچي ۾ رھي آھي. جيئن پاڪستان ۾ جمھوريت کي پوري آزادي سان ھلڻ نھ ڏنو ويو، تيئن پريس جي آزادي بھ سدائين حڪمران ڌرين جي اک ۾ ڪنڊو رھي آھي. اھوئي سبب آھي جو صحافت سينسرشپ جي ڪارن قانونن کان ويندي مختلف دٻائن، دٻڙ ڌؤنس ۽ ڏاڍ جو شڪار رھي آھي. جيتري بھ ۽ جڏھن بھ اھا آزادي ملي سا صحافين ۽ عوام جي جدوجھد جو ئي نتيجو ھئي. سٺ واري ڏھاڪي ۾ ايوب خان پريس اينڊ پبليڪيشن آرڊيننس لاڳو ڪري صحافت کي قيد ڪيو، تڏھن صرف من پسند ماڻھو ئي اخبار جو ڊڪليئريشن حاصل ڪري سگھندا ھئا. ھڪ ڀرپور عوامي تحريڪ جڏھن ايوب خان کي اقتدار کان ڌڪي پري ڪيو تھ چند مھينن لاءِ پريس کي آزادي ملي، ورنھ ان کان اڳ “پريس ايڊوائس” نالي انفرميشن ڊ...