Skip to main content

Posts

Thar assets 2

ٿر جو غريب سياستدان به لکن ۾ کيڏندڙ، 3 عورتن فارم ڀرايا جلال الدين، رمضان، عبدالغني، ابراهيم، جئه شنڪر، ڀورو لال، ڍينگو، سرور به لکن جا مالڪ Posted on   May 6, 2019  (3:09 pm) اسلام آباد: ڏڪار سٽيل ٿرپارڪر ضلعي ۾ غريب ليکيا ويندڙ سياستدان به لکن جي ملڪيت جا مالڪ آهن، جن ۾ اين اي 221 ٿرپارڪر هڪ تي فارم ڀرائيندڙ جلال الدين 4 لک 40 هزار، اين اي 222 ٿرپارڪر 2 تي فارم ڀرائيندڙ محمد رمضان 2 لک 40 هزار، تلڇي ٻائي 3 لک 11 هزار، عبدالغني 9 لک 59 هزار 492، پي ايس 54 ٿرپارڪر هڪ تي فارم ڀرائيندڙ باگو 10 تولا سون، 15 لک جي ٻي پراپرٽي، 5 ڳئون، 20 ٻڪريون ۽ 2 اٺ، ابراهيم پٽ محمد عالم 11 لک 14 هزار رپين، جئه شنڪر 11 لک 50 هزار، پي ايس 55 ٿرپارڪر 2 تي فارم ڀرائيندڙ ڀورو لال 3 لک 40 هزار 250 رپين، ڍينگو 2 لک 65 هزار، غلام سرور 11 لک 12 هزار 98 روپيا، هيمون پٽ ڀورو مل 5 تولا سون، 2 لک 5 هزار روپيا بينڪ بيلنس، ڪريم ڏنو 5 تولا سون، 7 لک 75 هزار بينڪ بيلنس، ڳوٺ ۾ گهر ۽ زرعي زمين، نند لال 2 لک 50 هزار، نازيه انجم 15 لک 20 هزار 500 رپين، پي ايس 56 ٿرپارڪر 3 تي فارم ڀرائيندڙ عبدالغني پٽ جلال 19 لک
Recent posts

Thar politicians assets

ڏڪار سٽيل ٿر جا 95 سيڪڙو سياستدان امير، غريب ٿرين تي ڪروڙ پتي شاهه محمود، ارباب رحيم جي حڪمراني دلاور خان 5 ڪروڙ، شاهه محمود قريشي 28 ڪروڙ، نور محمد شاهه جيلاني 3 ڪروڙ، سڪندر علي هڪ ڪروڙ ڪرني سنگهه 3 ڪروڙ جو مالڪ راڻا همير سنگهه وٽ 6 ڪروڙ، ارباب غلام رحيم 6 ڪروڙ، ارباب ذڪاءُ الله 3 ڪروڙ، ارباب توڳاچي70 لک ۽ ارباب انور وٽ 8 ڪروڙ جا اثاثا Posted on   May 6, 2019  (3:09 pm) اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) هميشه ڏڪار جو شڪار رهندڙ ٿرپارڪر ضلعي جا 95 سيڪڙو اليڪشني سياستدان شاهوڪار نڪتا، ٿرپارڪر ضلعي جي سياستدانن ۾ سڀ کان امير فقير شير محمد بلالاڻي 38 ڪروڙ 74 لک جي اثاثن جو مالڪ آهي، جڏهن ته شاهه محمود قريشي، ارباب لطف،ارباب انور، قاسم سومرو، ارباب غلام رحيم، راڻا همير سنگهه، دلاور خان، رميش ڪمار وانڪواڻي، پير نور محمد شاهه، ارباب توڳاچي فواد رزاق سميت 27 امير سياستدان آهن. تفصيل موجب 2018ع جي عام چونڊن ۾ نامزدگي فارم سان گڏ اين اي 221 ٿرپارڪر هڪ تي اثاثا ظاهر ڪندي عبدالعزيز پٽ محمد عباس مجموعي طور تي 28 لک 10 هزار رپين، دلاور خان پاڻ کي 5 ڪروڙ 4 لک 42 هزار 624 رپين جو مالڪ

Badin- 29 millionaire politician

بدين ۾ 29 ڪروڙپتي سياستدان، ڪمال چانگ سڀ کان امير، ذوالفقار مرزا ۽ پپو شاهه وٽ گهروارين کان گهٽ دولت عبدالغفور نظاماڻي 20 ڪروڙ، غلام علي ٽالپر 19،محمد هاليپوٽو 17، فهميده مرزا 16 ڪروڙ ۽ اسماعيل راهو پوڻا 6 ڪروڙن جو مالڪ نڪتو محمد بشير 5، ظفر نظاماڻي پوڻا 5، سائين بخش جمالي ساڍا 4، حسنين مرزا ساڍا 3، صغير لغاري 3 ۽ رياض نظاماڻي سوا 3 ڪروڙ ظاهر ڪيا Posted on   May 7, 2019  (2:00 pm) اسلام آباد (رپورٽ:ايم بي سومرو) بدين ضلعي جي سياستدانن ۾ سڀ کان امير ڪمال چانگ 22 ڪروڙ 54 لک رپين جي اثاثن جو مالڪ ظاهر ٿيو آهي، جڏهن ته اڳوڻو صوبائي وزير ذوالفقار مرزا پنهنجي پٽ ۽ گهرواري کان به گهٽ اثاثا رکندڙ آهي، سيد پپو شاهه کان سندس گهرواري بي بي ياسمين شاهه وڌيڪ امير آهي. ضلعي ۾ 29 سياستدانن پاڻ کي ڪروڙ پتي ڄاڻايو آهي. 2018ع جي عام چونڊن ۾ نامزدگي فارم سان گڏ اين اي 229 بدين هڪ تي فارم ڀرائيندڙ عبدالستار لغاري پنهنجي نالي تي 109 ايڪڙ، گهر واري جي نالي 39 ايڪڙ زمين، 16 لک جون گاڏيون، 20 تولا سون پنهنجي اثاثن ۾ ظاهر ڪيو آهي، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي21 لک 84 هزار 930 رپين جي اثاثن ۾ 708 ايڪڙ

“آخر هيءَ رات گذرڻي آ، تو ڇو گهٻرايو آ پيارا!”

“آخر هيءَ رات گذرڻي آ، تو ڇو گهٻرايو آ پيارا!” : “آخر هيءَ رات گذرڻي آ، تو ڇو گهٻرايو آ پيارا!” “آخر هيءَ رات گذرڻي آ، تو ڇو گهٻرايو آ پيارا!” Posted on   May 3, 2019  (1:09 pm) ملڪ ۾ جمھوريت ھجي يا نھ ھجي؟ ھجي تھ ڪيتري ۽ ڪھڙي ھجي؟ پاڪستان ۾ اھي سوال بنيادي نوعيت جا سوال رھيا آھن. جيئن تھ اظھار يا صحافت جي آزادي سڌي طرح سان عوام جي حق سان واڳيل آھي، ان ڪري اھا بھ جمھوريت جيان سدائين ڏچي ۾ رھي آھي. جيئن پاڪستان ۾ جمھوريت کي پوري آزادي سان ھلڻ نھ ڏنو ويو، تيئن پريس جي آزادي بھ سدائين حڪمران ڌرين جي اک ۾ ڪنڊو رھي آھي. اھوئي سبب آھي جو صحافت سينسرشپ جي ڪارن قانونن کان ويندي مختلف دٻائن، دٻڙ ڌؤنس ۽ ڏاڍ جو شڪار رھي آھي. جيتري بھ ۽ جڏھن بھ اھا آزادي ملي سا صحافين ۽ عوام جي جدوجھد جو ئي نتيجو ھئي. سٺ واري ڏھاڪي ۾ ايوب خان پريس اينڊ پبليڪيشن آرڊيننس لاڳو ڪري صحافت کي قيد ڪيو، تڏھن صرف من پسند ماڻھو ئي اخبار جو ڊڪليئريشن حاصل ڪري سگھندا ھئا. ھڪ ڀرپور عوامي تحريڪ جڏھن ايوب خان کي اقتدار کان ڌڪي پري ڪيو تھ چند مھينن لاءِ پريس کي آزادي ملي، ورنھ ان کان اڳ “پريس ايڊوائس” نالي انفرميشن ڊپارٽمينٽ

Thatta rich Politicians Assets

ٺٽي ضلعي جي سياستدانن مان نوابشاهه ڄائو علي حسن زرداري سڀ کان امير ايم پي اي علي حسن زرداري وٽ 41 ڪروڙ 72 لک ۽ ممتاز علي ميمڻ وٽ 20 ڪروڙ 57 لک رپين جا اثاثا محمود عالم شاهه 12 ڪروڙ 33 لک،پير غلام رحماني 3 ڪروڙ هڪ لک ۽ سسئي پليجو 2 ڪروڙ 47 لکن جا مالڪ Posted on   May 4, 2019  (1:52 pm) اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) ٺٽي ضلعي مان اليڪشن وڙهندڙ سياستدانن ۾ نوابشاهه ڄائو ايم پي اي علي حسن زرداري سڀني کان امير، وٽس 41 ڪروڙ 72 لک 59 هزار 373 رپين جا اثاثا، ممتاز علي ميمڻ 20 ڪروڙ 57 لک جي اثاثن جو مالڪ آهي. ان سلسلي ۾ ٺٽي ضلعي مان چونڊ وڙهندڙ سياستدانن طرفان ظاهر ڪيل اثاثن مطابق اين اي 232 ٺٽو تي فارم ڀرائيندڙ حسن بلوچ 68 لک 60 هزار جا اثاثا ۽ 17 ايڪڙ زمين به ڄاڻائي، عبدالواحد سومرو 62 لک 43 هزار رپين جي اثاثن ۾ 131 ايڪڙ زمين، 40 ايڪڙ ليز تي ورتل زمين ۽ 25 تولا سون به ظاهر ڪيو، علي محمد جوکيو 50 لک، ارسلان بخش بروهي 2 ڪروڙ 44 لک 74 هزار 692، دلدار احمد خاصخيلي هڪ ڪروڙ 80 لک جي اثاثن سميت 60 ايڪڙ زرعي زمين، گل محمد سمون ريڊار هڪ ڪروڙ 78 لک 68 هزار 220 رپين جي اثاثن سان گڏ 421 اي

Shikarpur Assets Politicians

Larkana Politicians Assets

بلاول لاڙڪاڻي جو امير ترين سياستدان، فريال ٽالپر 32 ڪروڙ، آصف سومرو 8 ۽ اميربخش ڀٽو 4 ڪروڙن جو مالڪ پ پ چيئرمين هڪ ارب 54 ڪروڙ 48 لک 60 هزار 167 رپين جو مالڪ، سال ۾ 64 لکن جو اضافو، دبئي ۾ به 22 ملڪيتون پ پ ليديز ونگ سربراهه وٽ 52 لکن جا بانڊ، 3 لک جو سون، لينڊ ڪروزر، پراڻي مرسڊيز، ڪراچي، اسلام آباد، پنڊي بحريه ٽائون ۾ گهر Posted on   April 14, 2019  (9:04 pm) اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو)  لاڙڪاڻي ضلعي جي قومي توڙي صوبائي تڪن تي اميدوار طور فارم ڀرائيندڙن ۾ بلاول ڀٽو زرداري هڪ ارب 54 ڪروڙ 48 لک روپين جي اثاثن جو مالڪ آهي، جڏهن ته راشد محمود سومرو 22 لک 54 هزار، آصف علي سومرو 8 ڪروڙ 74 لک، عادل الطاف انڙ 81 لک 28 هزار، الله بخش انڙ هڪ ڪروڙ 64 لک، امير بخش خان ڀٽو 4 ڪروڙ 80 لک، فريال ٽالپر 32 ڪروڙ 31 لک، روپين جي اثاثن جا مالڪ آهن اين اي 200 لاڙڪاڻو هڪ تان چونديل پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڻ کي هڪ ارب 54 ڪروڙ 48 لک 60 هزار 167 روپين جو مالڪ ڄاڻايو آهي، وٽس 4 ڪروڙ 99 لک روڪ، دبئي ۾ 22 مختلف ملڪيتون، هڪ ارب 29 ڪروڙ روپيا وڪٽري انٽر پرائيز، رائل پراپرٽي انٽرنيشنل