Skip to main content

“آخر هيءَ رات گذرڻي آ، تو ڇو گهٻرايو آ پيارا!”

“آخر هيءَ رات گذرڻي آ، تو ڇو گهٻرايو آ پيارا!”: “آخر هيءَ رات گذرڻي آ، تو ڇو گهٻرايو آ پيارا!”







“آخر هيءَ رات گذرڻي آ، تو ڇو گهٻرايو آ پيارا!”

ملڪ ۾ جمھوريت ھجي يا نھ ھجي؟ ھجي تھ ڪيتري ۽ ڪھڙي ھجي؟ پاڪستان ۾ اھي سوال بنيادي نوعيت جا سوال رھيا آھن. جيئن تھ اظھار يا صحافت جي آزادي سڌي طرح سان عوام جي حق سان واڳيل آھي، ان ڪري اھا بھ جمھوريت جيان سدائين ڏچي ۾ رھي آھي. جيئن پاڪستان ۾ جمھوريت کي پوري آزادي سان ھلڻ نھ ڏنو ويو، تيئن پريس جي آزادي بھ سدائين حڪمران ڌرين جي اک ۾ ڪنڊو رھي آھي. اھوئي سبب آھي جو صحافت سينسرشپ جي ڪارن قانونن کان ويندي مختلف دٻائن، دٻڙ ڌؤنس ۽ ڏاڍ جو شڪار رھي آھي. جيتري بھ ۽ جڏھن بھ اھا آزادي ملي سا صحافين ۽ عوام جي جدوجھد جو ئي نتيجو ھئي.
سٺ واري ڏھاڪي ۾ ايوب خان پريس اينڊ پبليڪيشن آرڊيننس لاڳو ڪري صحافت کي قيد ڪيو، تڏھن صرف من پسند ماڻھو ئي اخبار جو ڊڪليئريشن حاصل ڪري سگھندا ھئا. ھڪ ڀرپور عوامي تحريڪ جڏھن ايوب خان کي اقتدار کان ڌڪي پري ڪيو تھ چند مھينن لاءِ پريس کي آزادي ملي، ورنھ ان کان اڳ “پريس ايڊوائس” نالي انفرميشن ڊپارٽمينٽ مان آيل ھڪ فون ھوندو هو، جنھن ۾ ھدايت ڪئي ويندي ھئي تھ فلاڻي خبر ڇاپڻي آھي تھ ڪيتري ۽ ڪيئن؟ ۽ فلاڻي خبر ناھي ڇاپڻي. شفٽ انچارج فون تي ڏنل سرڪاري ھدايت نامو ھڪ رجسٽر ۾ نوٽ ڪري واسطيدار آفيسر جو نالو ۽ وقت لکي پنھنجي صحي ڪندو ھو. اھو سلسلو ڪنھن نھ ڪنھن شڪل ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي ڏينھن ۾ به جاري رھيو. 70ع واري ڏھاڪي جي پڇاڙڪن سالن ۾ ضياءُالحق جي مارشل حڪومت سوين صحافين کي گرفتار ڪيو. ڊزن کان مٿي صحافين کي ڦٽڪا پڻ ھنيا ويا. ضياءُالحق جي ئي مارشل لا حڪومت ۾ باقاعدھ سينسرشپ لاڳو ٿي، جنھن تحت اھو لازم ھو تھ اخبار جي تيار ٿيل ڪاپي انفرميشن آفيسر چيڪ ڪري ان تي صحي ڪري، ان کانپوءِ اھا ڇپجڻ لاءِ پريس کي موڪلي ويندي ھئي. پوءِ ٿيندو ايئن ھو تھ شھر ۾گندگي يا پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ واريون خبرون بھ شايع ٿيڻ نه ڏنيون وينديون ھيون. پڇڻ تي ٻڌايو ويندو ھو تھ، “مٿان کان آرڊر آھي.” ٽائون ڪاميٽي يا ميونسپل ڪاميٽي بھ سرڪاري ادارو آھي، ان خلاف خبر ڇپجڻ معنيٰ حڪومت جي خلاف ڇپڻ ٿيو. نتيجي ۾ بٽر پيپر تي لي آئوٽ سان پيسٽ ٿيل خبرون قئنچيءَ سان ڪوري ڪڍيون وينديون ھيون. ظاھر آھي تھ انھن جي جاءِ تي ٻيون خبرون ھٿ ڪرڻ ۽ لڳائڻ مشڪل ھوندو ھو. ايئن ڪٽيل خبرن واري جاءِ خالي ڇڏي ويندي ھئي. اڳتي ھلي مارشل لا حڪومت کي احساس ٿيو تھ خالي جاءِ ڇڏڻ جو تاثر صحيح ناھي، ايئن ڄڻ اخباري ڪارڪنن کي ڏيڍ اخبار جيترو مواد ٺاھڻو ھوندو ھو ته نه ڄاڻ ڪيتريون خبرون سينسر جي نذر ٿي وڃن.
مشرف دور کان صحافت ۽ صحافين تي گھڻ پاسائو دٻاءُ پيو. رياست صحافت تي دٻاءُ جا ڪيئي طريقا اختيار ڪيا. ڪيترن ئي معاملن ۾ صحافين کي بي يارو مددگار ڇڏيو ويو، جنھن سبب اھي وڌيڪ خطري ۾ اچي ويا. گذريل پندرھن سالن دوران پاڪستان انھن ملڪن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو، جتي صحافي خطري ۾ آھن. مشرف دور جي 2002ع کان وٺي 2018ع تائين پاڪستان ۾ 72 صحافي قتل ٿيا. پنجن ڪيسن کان علاوھ باقي 67 ڪيس حل نھ ٿي سگھيا يا وري جوابدارن کي ڪا سزا نھ ملي. حڪومتون صحافين جي قتل ڪيسن جي جاچ ڪرائڻ کان ڊنل رھيون. ان کانپوءِ صحافين جي گرفتاري، ڪيس داخل ڪرڻ، توھين عدالت نوٽيس، ڏنڊ، مارڪٽ جا ھر سال ڊزن ڏيڍ واقعا ٿيندا رھيا. ڪراچي ۽ حيدرآباد پريس ڪلبن جي تاريخ ۾ پھريون دفعو ھٿياربند اندر گھڙي آيا. ڪجھھ ھنڌن تي صحافين ۽ ميڊيا ادارن تي بھ حملا ٿيا، جنھن ۾ صاف نظر اچي رھيو ھو تھ صحافي نھ آفيس ۾ نھ روڊ تي ھلندي ۽ نه پريس ڪلب ۾ محفوظ آھي، بلڪھ گھر ۾ بھ محفوظ ناھي ڇاڪاڻ جو مثال قائم ڪرڻ لاءِ ڪجھھ صحافين جي گھرن تي بھ حملا ڪيا ويا. ايئن صحافي پنھنجي گھرڀاتين کي بھ غير محفوظ سمجهڻ لڳو.
گذريل ھڪ سال کان سيلف سينسر شپ سان گڏوگڏ اشتھار ۽ انھن جا پئسا روڪڻ جي وسيلي ميڊيا انڊسٽري جي معاشي ناڪابندي ھلي رھي آھي. جيڪي ادارا ۽ صحافي رياستي بيانيي کان ھٽيل آھن، اھي سختين کي منھن ڏئي رھيا آھن. ڊان اخبار جي سرڪيوليشن روڪي ويئي، جيو چينل کي آف ڪيو ويو، نواءِ وقت بھ ڀڄي جند ڇڏائي. ان معاشي ناڪابندي ۽ اڻ اعلانيل سينسرشپ سبب ميڊيا جي ادارن پنھنجا پڙھندڙ وڃايا تھ وري پئسا ۽ اشتھار بھ. مٿان وري عدالت جو ھٿوڙو وڳو، جنھن انفرادي ڪيسن ۾ فيصلو ڏنو، جنھن سان ڪن فردن کي فائدو پھتو يا وري ان آرڊر جي ڊپ کان ميڊيا جا ادارا ڊڄي ويا، جنھن جو فائدو بھ حڪومت کنيو، جو ان وٽ ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ھڪ ٻيو ادارو ھٿ اچي ويو. پوءِ ڇا ٿيو؟ منظر سڀني جي سامھون آھي. اخبارون ۽ چئنل ڊزن جي حساب سان بند ٿيا، سوين تعداد ۾ صحافي بيروزگار ٿيا، ھزار کان مٿي صحافين جون پگھارون 20 کان 25 سيڪڙو تائين گھٽايون ويون. ڪيترن مکيھ چئنلن ملڪ جي اندرين علائقن ۾ پنھنجون سموريون آفيسون بند ڪري ڇڏيون، نمائندن کي ڪڍي ڇڏيو. ايئن ملڪ جي عام ماڻھو جي ڪوريج بند ٿي ويئي.
رڳو ايترو ئي نھ پر حڪومت پراڻن اشتھارن جا نھ رڳو پئسابند ڪيا، بلڪھ اشتھار جاري ڪرڻ بند ڪرڻ سان گڏوگڏ اشتھارن جا اگھھ بھ گھٽائي ڇڏيا. تحريڪ انصاف جي حڪومت پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ آن لائين ميڊيا کي ريگيوليٽ ڪرڻ لاءِ ھڪ سخت گڏيل ادارو جوڙڻ چاھي ٿي، جيڪو موثر طريقي سان ميڊيا کي ڪنٽرول ڪري. ميڊيا ادارن کي ڪجھ اشوز رپورٽ ڪرڻ کان منع ڪئي ويئي آھي، رياستي بيانيو اھو آھي تھ ھڪڙا سياستدان ڪرپٽ آھن ٻيا غير محب وطن يا ملڪي سلامتي لاءِ خطرو آھن. ميڊيا انھن جي ڪيسن کي ھاءِ لائيٽ ڪري ھاءِ پروفائيل ڪيس ٺاھي سگھي ٿي، ڪوبھ سوال ناھي پڇڻو. جڏھن سوال پڇي نھ سگھي تھ پوءِ صحافت ئي ختم آھي. ايئن جيئن اختلاف راءِ رکڻ يا سوال پڇڻ کان روڪڻ تي جمھوريت ختم ھوندي آھي. ڊان اخبار جي ايڊيٽر ظفر عباس چواڻي تھ “اڻ اعلانيل سينسرشپ کان تھ اعلانيل سينسرشپ بھتر ھئي، جنھن ۾ روڪڻ يا ڇپڻ جي ذميواري واسطيدار انفرميشن آفيسر کي ھئي، اڄ وڌيڪ ٻوسٽ آھي.” ھڪ ٻيو سينيئر صحافي چوي ٿو تھ “نھ ڇُپ سڪتا ھي، نھ ڇَپ سڪتا ھي.” مزاحمتي صحافت ۽ تحقيقاتي صحافت پوين پساھن ۾ آھي. ھونئن پاڪستان ۾ ميڊيا جي آزادي جو مستقبل ڌنڌلو نظر اچي ٿو پر ڪنھن ڏاھي چيو آھي تھ “خوشي يا تڪليف ٻنھي جو دور گذري ئي ويندو آھي.” ھي دور بھ گذرڻو آھي، ڇاڪاڻ جو پاڪستان کي بھرحال جمھوري ۽ عوام جي امنگن ۽ خواھشن مطابق ٿيڻو آھي سو ضرور ٿيندو. بقول اياز جي ته؛
“آخر هيءَ رات گذرڻي آ، تو ڇو گهٻرايو آ پيارا!”

Comments

Popular posts from this blog

12 millionaire Politicians of Jamshoro

ڄامشوري ۾ مراد شاهه، اسد سڪندر، جلال شاهه، کيئل داس، روشن ٻرڙي سميت 12 ڪروڙ پتي سياستدان، ديارام سڀ کان امير Posted on   April 28, 2019  (1:52 pm) اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) ڄامشوري ضلعي ۾ 12 سياستدان ڪروڙ پتي آهن جن مان ديارام 36 ڪروڙ 30 رپين جي اثاثن سان سڀ کان امير، ملڪ اسد سڪندر 26 ڪروڙ 29، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه 21 ڪروڙ 39 لک، سيد جلال محمود شاهه 3 ڪروڙ 37 لک جي اثاثن جو مالڪ آهي. تفصيل موجب 2018ع جي عام چونڊن جي نامزدگي فارمن ۾ اين اي 233 ڄامشورو تي اثاثا ظاهر ڪندي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه پاڻ کي ڪل 3 ڪروڙ 37 لک 29 هزار 457 رپين جي ماليت جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي، جن ۾ مانجهند ۾ 57 ايڪڙ زمين، 66 لک رپيا روڪ، 33 لک بينڪ بيلنس، 4 لک جو گهريلو سامان، 27 هزار رپين جا هٿيار. 64 لک 60 هزار جون گاڏيون، هڪ ڪروڙ 8 لک 90 هزار جو پٿر ڪريشنگ پلانٽ جو ڪاروبار، 89 لک 80 هزار رپين جي ماليت جي مختلف ملڪيت ظاهر ڪئي آهي.  ن ليگ جي ڪيسو مل کيئل داس ڪوهستاني جي اثاثن ۾ 15 لک جي ڪاروبار ۾ سيڙپ، 34 لک کان وڌيڪ جون گاڏيون، 14 تولا...

Badin- 29 millionaire politician

بدين ۾ 29 ڪروڙپتي سياستدان، ڪمال چانگ سڀ کان امير، ذوالفقار مرزا ۽ پپو شاهه وٽ گهروارين کان گهٽ دولت عبدالغفور نظاماڻي 20 ڪروڙ، غلام علي ٽالپر 19،محمد هاليپوٽو 17، فهميده مرزا 16 ڪروڙ ۽ اسماعيل راهو پوڻا 6 ڪروڙن جو مالڪ نڪتو محمد بشير 5، ظفر نظاماڻي پوڻا 5، سائين بخش جمالي ساڍا 4، حسنين مرزا ساڍا 3، صغير لغاري 3 ۽ رياض نظاماڻي سوا 3 ڪروڙ ظاهر ڪيا Posted on   May 7, 2019  (2:00 pm) اسلام آباد (رپورٽ:ايم بي سومرو) بدين ضلعي جي سياستدانن ۾ سڀ کان امير ڪمال چانگ 22 ڪروڙ 54 لک رپين جي اثاثن جو مالڪ ظاهر ٿيو آهي، جڏهن ته اڳوڻو صوبائي وزير ذوالفقار مرزا پنهنجي پٽ ۽ گهرواري کان به گهٽ اثاثا رکندڙ آهي، سيد پپو شاهه کان سندس گهرواري بي بي ياسمين شاهه وڌيڪ امير آهي. ضلعي ۾ 29 سياستدانن پاڻ کي ڪروڙ پتي ڄاڻايو آهي. 2018ع جي عام چونڊن ۾ نامزدگي فارم سان گڏ اين اي 229 بدين هڪ تي فارم ڀرائيندڙ عبدالستار لغاري پنهنجي نالي تي 109 ايڪڙ، گهر واري جي نالي 39 ايڪڙ زمين، 16 لک جون گاڏيون، 20 تولا سون پنهنجي اثاثن ۾ ظاهر ڪيو آهي، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي21 لک 84 هزار 930 رپين جي اثاثن ۾ ...

Maqbool billionaire, Imamudin Shoqeen, Fida Dero milionairs, Sanghar Politicians assets

سانگهڙ ۾ مقبول احمد امير سياستدان، امام الدين شوقين، فدا ڏيرو، ذوالفقار علي ڪروڙ پتي مقبول احمد 5 ارب سيڙپ سميت 11 ڪروڙ،امام الدين شوقين 45 ڪروڙ ۽ فدا حسين ڏيرو 43 ڪروڙ ظاهر ڪيا ذوالفقار علي روشن 30 ڪروڙ 13 لک، ڄام ذوالفقار 15 ڪروڙ 15 لک ۽ نصير ميمڻ 11 ڪروڙ 52 لک جا اثاثا رکن ٿا Posted on   May 2, 2019  (1:47 pm)  Maqbool billionaire, Imamudin Shoqeen, Fida Dero milionairs, Sanghar Politicians assets اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) سانگهڙ ضلعي ۾مقبول احمد 5 ارب جي اثاثن سان سڀ کان وڌيڪ امير سياستدان، ٻئي نمبر تي سينيٽر امام الدين شوقين ۽ ٽئين نمبر تي فدا حسين ڏيرو آهن.   سياستدانن طرفان جمع ڪرايل اثاثن جي تفصيلن مطابق اين اي 215 سانگهڙ تان چونڊيل ايم اين اي نويد ڏيرو پاڻ کي مجموعي طور 2 ڪروڙ 69 لک 61 هزار رپين جي اثاثن جو مالڪ ظاهر ڪيو آهي، جن 298 ايڪڙ زمين، هڪ سئو تولا سون، هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ بئنڪ بيلنس، 40 لک رپين جو چوپايو مال. ٽنڊي آدم ۾ 32 لک ماليت جو بنگلو به شامل آهي،  حاجي خدا بخش راڄڙ 10 ڪروڙ 76 لک 82 هزار 314 رپين جا اثاثا ڏي...