Skip to main content

“آخر هيءَ رات گذرڻي آ، تو ڇو گهٻرايو آ پيارا!”

“آخر هيءَ رات گذرڻي آ، تو ڇو گهٻرايو آ پيارا!”: “آخر هيءَ رات گذرڻي آ، تو ڇو گهٻرايو آ پيارا!”







“آخر هيءَ رات گذرڻي آ، تو ڇو گهٻرايو آ پيارا!”

ملڪ ۾ جمھوريت ھجي يا نھ ھجي؟ ھجي تھ ڪيتري ۽ ڪھڙي ھجي؟ پاڪستان ۾ اھي سوال بنيادي نوعيت جا سوال رھيا آھن. جيئن تھ اظھار يا صحافت جي آزادي سڌي طرح سان عوام جي حق سان واڳيل آھي، ان ڪري اھا بھ جمھوريت جيان سدائين ڏچي ۾ رھي آھي. جيئن پاڪستان ۾ جمھوريت کي پوري آزادي سان ھلڻ نھ ڏنو ويو، تيئن پريس جي آزادي بھ سدائين حڪمران ڌرين جي اک ۾ ڪنڊو رھي آھي. اھوئي سبب آھي جو صحافت سينسرشپ جي ڪارن قانونن کان ويندي مختلف دٻائن، دٻڙ ڌؤنس ۽ ڏاڍ جو شڪار رھي آھي. جيتري بھ ۽ جڏھن بھ اھا آزادي ملي سا صحافين ۽ عوام جي جدوجھد جو ئي نتيجو ھئي.
سٺ واري ڏھاڪي ۾ ايوب خان پريس اينڊ پبليڪيشن آرڊيننس لاڳو ڪري صحافت کي قيد ڪيو، تڏھن صرف من پسند ماڻھو ئي اخبار جو ڊڪليئريشن حاصل ڪري سگھندا ھئا. ھڪ ڀرپور عوامي تحريڪ جڏھن ايوب خان کي اقتدار کان ڌڪي پري ڪيو تھ چند مھينن لاءِ پريس کي آزادي ملي، ورنھ ان کان اڳ “پريس ايڊوائس” نالي انفرميشن ڊپارٽمينٽ مان آيل ھڪ فون ھوندو هو، جنھن ۾ ھدايت ڪئي ويندي ھئي تھ فلاڻي خبر ڇاپڻي آھي تھ ڪيتري ۽ ڪيئن؟ ۽ فلاڻي خبر ناھي ڇاپڻي. شفٽ انچارج فون تي ڏنل سرڪاري ھدايت نامو ھڪ رجسٽر ۾ نوٽ ڪري واسطيدار آفيسر جو نالو ۽ وقت لکي پنھنجي صحي ڪندو ھو. اھو سلسلو ڪنھن نھ ڪنھن شڪل ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي ڏينھن ۾ به جاري رھيو. 70ع واري ڏھاڪي جي پڇاڙڪن سالن ۾ ضياءُالحق جي مارشل حڪومت سوين صحافين کي گرفتار ڪيو. ڊزن کان مٿي صحافين کي ڦٽڪا پڻ ھنيا ويا. ضياءُالحق جي ئي مارشل لا حڪومت ۾ باقاعدھ سينسرشپ لاڳو ٿي، جنھن تحت اھو لازم ھو تھ اخبار جي تيار ٿيل ڪاپي انفرميشن آفيسر چيڪ ڪري ان تي صحي ڪري، ان کانپوءِ اھا ڇپجڻ لاءِ پريس کي موڪلي ويندي ھئي. پوءِ ٿيندو ايئن ھو تھ شھر ۾گندگي يا پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ واريون خبرون بھ شايع ٿيڻ نه ڏنيون وينديون ھيون. پڇڻ تي ٻڌايو ويندو ھو تھ، “مٿان کان آرڊر آھي.” ٽائون ڪاميٽي يا ميونسپل ڪاميٽي بھ سرڪاري ادارو آھي، ان خلاف خبر ڇپجڻ معنيٰ حڪومت جي خلاف ڇپڻ ٿيو. نتيجي ۾ بٽر پيپر تي لي آئوٽ سان پيسٽ ٿيل خبرون قئنچيءَ سان ڪوري ڪڍيون وينديون ھيون. ظاھر آھي تھ انھن جي جاءِ تي ٻيون خبرون ھٿ ڪرڻ ۽ لڳائڻ مشڪل ھوندو ھو. ايئن ڪٽيل خبرن واري جاءِ خالي ڇڏي ويندي ھئي. اڳتي ھلي مارشل لا حڪومت کي احساس ٿيو تھ خالي جاءِ ڇڏڻ جو تاثر صحيح ناھي، ايئن ڄڻ اخباري ڪارڪنن کي ڏيڍ اخبار جيترو مواد ٺاھڻو ھوندو ھو ته نه ڄاڻ ڪيتريون خبرون سينسر جي نذر ٿي وڃن.
مشرف دور کان صحافت ۽ صحافين تي گھڻ پاسائو دٻاءُ پيو. رياست صحافت تي دٻاءُ جا ڪيئي طريقا اختيار ڪيا. ڪيترن ئي معاملن ۾ صحافين کي بي يارو مددگار ڇڏيو ويو، جنھن سبب اھي وڌيڪ خطري ۾ اچي ويا. گذريل پندرھن سالن دوران پاڪستان انھن ملڪن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو، جتي صحافي خطري ۾ آھن. مشرف دور جي 2002ع کان وٺي 2018ع تائين پاڪستان ۾ 72 صحافي قتل ٿيا. پنجن ڪيسن کان علاوھ باقي 67 ڪيس حل نھ ٿي سگھيا يا وري جوابدارن کي ڪا سزا نھ ملي. حڪومتون صحافين جي قتل ڪيسن جي جاچ ڪرائڻ کان ڊنل رھيون. ان کانپوءِ صحافين جي گرفتاري، ڪيس داخل ڪرڻ، توھين عدالت نوٽيس، ڏنڊ، مارڪٽ جا ھر سال ڊزن ڏيڍ واقعا ٿيندا رھيا. ڪراچي ۽ حيدرآباد پريس ڪلبن جي تاريخ ۾ پھريون دفعو ھٿياربند اندر گھڙي آيا. ڪجھھ ھنڌن تي صحافين ۽ ميڊيا ادارن تي بھ حملا ٿيا، جنھن ۾ صاف نظر اچي رھيو ھو تھ صحافي نھ آفيس ۾ نھ روڊ تي ھلندي ۽ نه پريس ڪلب ۾ محفوظ آھي، بلڪھ گھر ۾ بھ محفوظ ناھي ڇاڪاڻ جو مثال قائم ڪرڻ لاءِ ڪجھھ صحافين جي گھرن تي بھ حملا ڪيا ويا. ايئن صحافي پنھنجي گھرڀاتين کي بھ غير محفوظ سمجهڻ لڳو.
گذريل ھڪ سال کان سيلف سينسر شپ سان گڏوگڏ اشتھار ۽ انھن جا پئسا روڪڻ جي وسيلي ميڊيا انڊسٽري جي معاشي ناڪابندي ھلي رھي آھي. جيڪي ادارا ۽ صحافي رياستي بيانيي کان ھٽيل آھن، اھي سختين کي منھن ڏئي رھيا آھن. ڊان اخبار جي سرڪيوليشن روڪي ويئي، جيو چينل کي آف ڪيو ويو، نواءِ وقت بھ ڀڄي جند ڇڏائي. ان معاشي ناڪابندي ۽ اڻ اعلانيل سينسرشپ سبب ميڊيا جي ادارن پنھنجا پڙھندڙ وڃايا تھ وري پئسا ۽ اشتھار بھ. مٿان وري عدالت جو ھٿوڙو وڳو، جنھن انفرادي ڪيسن ۾ فيصلو ڏنو، جنھن سان ڪن فردن کي فائدو پھتو يا وري ان آرڊر جي ڊپ کان ميڊيا جا ادارا ڊڄي ويا، جنھن جو فائدو بھ حڪومت کنيو، جو ان وٽ ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ھڪ ٻيو ادارو ھٿ اچي ويو. پوءِ ڇا ٿيو؟ منظر سڀني جي سامھون آھي. اخبارون ۽ چئنل ڊزن جي حساب سان بند ٿيا، سوين تعداد ۾ صحافي بيروزگار ٿيا، ھزار کان مٿي صحافين جون پگھارون 20 کان 25 سيڪڙو تائين گھٽايون ويون. ڪيترن مکيھ چئنلن ملڪ جي اندرين علائقن ۾ پنھنجون سموريون آفيسون بند ڪري ڇڏيون، نمائندن کي ڪڍي ڇڏيو. ايئن ملڪ جي عام ماڻھو جي ڪوريج بند ٿي ويئي.
رڳو ايترو ئي نھ پر حڪومت پراڻن اشتھارن جا نھ رڳو پئسابند ڪيا، بلڪھ اشتھار جاري ڪرڻ بند ڪرڻ سان گڏوگڏ اشتھارن جا اگھھ بھ گھٽائي ڇڏيا. تحريڪ انصاف جي حڪومت پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ آن لائين ميڊيا کي ريگيوليٽ ڪرڻ لاءِ ھڪ سخت گڏيل ادارو جوڙڻ چاھي ٿي، جيڪو موثر طريقي سان ميڊيا کي ڪنٽرول ڪري. ميڊيا ادارن کي ڪجھ اشوز رپورٽ ڪرڻ کان منع ڪئي ويئي آھي، رياستي بيانيو اھو آھي تھ ھڪڙا سياستدان ڪرپٽ آھن ٻيا غير محب وطن يا ملڪي سلامتي لاءِ خطرو آھن. ميڊيا انھن جي ڪيسن کي ھاءِ لائيٽ ڪري ھاءِ پروفائيل ڪيس ٺاھي سگھي ٿي، ڪوبھ سوال ناھي پڇڻو. جڏھن سوال پڇي نھ سگھي تھ پوءِ صحافت ئي ختم آھي. ايئن جيئن اختلاف راءِ رکڻ يا سوال پڇڻ کان روڪڻ تي جمھوريت ختم ھوندي آھي. ڊان اخبار جي ايڊيٽر ظفر عباس چواڻي تھ “اڻ اعلانيل سينسرشپ کان تھ اعلانيل سينسرشپ بھتر ھئي، جنھن ۾ روڪڻ يا ڇپڻ جي ذميواري واسطيدار انفرميشن آفيسر کي ھئي، اڄ وڌيڪ ٻوسٽ آھي.” ھڪ ٻيو سينيئر صحافي چوي ٿو تھ “نھ ڇُپ سڪتا ھي، نھ ڇَپ سڪتا ھي.” مزاحمتي صحافت ۽ تحقيقاتي صحافت پوين پساھن ۾ آھي. ھونئن پاڪستان ۾ ميڊيا جي آزادي جو مستقبل ڌنڌلو نظر اچي ٿو پر ڪنھن ڏاھي چيو آھي تھ “خوشي يا تڪليف ٻنھي جو دور گذري ئي ويندو آھي.” ھي دور بھ گذرڻو آھي، ڇاڪاڻ جو پاڪستان کي بھرحال جمھوري ۽ عوام جي امنگن ۽ خواھشن مطابق ٿيڻو آھي سو ضرور ٿيندو. بقول اياز جي ته؛
“آخر هيءَ رات گذرڻي آ، تو ڇو گهٻرايو آ پيارا!”

Comments

Popular posts from this blog

Badin- 29 millionaire politician

بدين ۾ 29 ڪروڙپتي سياستدان، ڪمال چانگ سڀ کان امير، ذوالفقار مرزا ۽ پپو شاهه وٽ گهروارين کان گهٽ دولت عبدالغفور نظاماڻي 20 ڪروڙ، غلام علي ٽالپر 19،محمد هاليپوٽو 17، فهميده مرزا 16 ڪروڙ ۽ اسماعيل راهو پوڻا 6 ڪروڙن جو مالڪ نڪتو محمد بشير 5، ظفر نظاماڻي پوڻا 5، سائين بخش جمالي ساڍا 4، حسنين مرزا ساڍا 3، صغير لغاري 3 ۽ رياض نظاماڻي سوا 3 ڪروڙ ظاهر ڪيا Posted on   May 7, 2019  (2:00 pm) اسلام آباد (رپورٽ:ايم بي سومرو) بدين ضلعي جي سياستدانن ۾ سڀ کان امير ڪمال چانگ 22 ڪروڙ 54 لک رپين جي اثاثن جو مالڪ ظاهر ٿيو آهي، جڏهن ته اڳوڻو صوبائي وزير ذوالفقار مرزا پنهنجي پٽ ۽ گهرواري کان به گهٽ اثاثا رکندڙ آهي، سيد پپو شاهه کان سندس گهرواري بي بي ياسمين شاهه وڌيڪ امير آهي. ضلعي ۾ 29 سياستدانن پاڻ کي ڪروڙ پتي ڄاڻايو آهي. 2018ع جي عام چونڊن ۾ نامزدگي فارم سان گڏ اين اي 229 بدين هڪ تي فارم ڀرائيندڙ عبدالستار لغاري پنهنجي نالي تي 109 ايڪڙ، گهر واري جي نالي 39 ايڪڙ زمين، 16 لک جون گاڏيون، 20 تولا سون پنهنجي اثاثن ۾ ظاهر ڪيو آهي، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي21 لک 84 هزار 930 رپين جي اثاثن ۾ 708 ايڪڙ

Matiari Politicians assets

مٽياري ۾ سياستدانن وٽ ڪروڙن جا اثاثا،امير علي شاهه وڌيڪ ملڪيت وارو، مخدوم رفيق الزمان به ڪروڙن جو مالڪ امير علي شاهه وٽ 26 ڪروڙ 54 لکن کان وڌيڪ اثاثا، مخدوم رفيق 16 ڪروڙ ملڪيت جو مالڪ Posted on   April 20, 2019  (1:16 pm) اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) مٽياري ضلعي سان تعلق رکندڙ سياستدان وٽ به ڪروڙن جا اثاثا آهن، سيد پير امير علي شاهه ضلعي ۾ سڀ کان وڌيڪ پئسي وارو سياستدان آهن. ان سلسلي ۾ 2018ع واري اليڪشن ۾ نامزدگي فارم سان گڏ جمع ڪرايل اثاثن مطابق اين اي 223 مٽياري تي اميدوار عبدالرزاق ميمڻ وٽ ڪل 7 ڪروڙ 97 لک 16 هزار 631 جا اثاثا آهن، جن 53 لک 80 هزار ماليت جي مختلف ملڪيت، 2 ڪروڙ 97 لک 50 هزار جو ڪاروبار، هڪ ڪروڙ 27 لک 55 هزار رپين جون گاڏيون، 100 تولا سون، 2 ڪروڙ 38 لک 15 هزار روپين جو بينڪ بيلنس شامل آهي، عبدالرزاق ميمڻ جون قاسم آباد حيدرآباد جي اقبال ولاز ۾ مختلف ملڪيتون، ميمڻ ٽائون قاسم آباد ۾ بنگلو، 180 ايڪڙ زمين، سي اين جي ۽ پيٽروليم ۾ 50 سيڪڙو حصو به ڄاڻايو آهي. ايڊووڪيٽ امير عباس لغاري پاڻ کي 4 ڪروڙ 46 لک روپين جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي، جنهن ۾ 25 لک جي گاڏي، 10

Thatta rich Politicians Assets

ٺٽي ضلعي جي سياستدانن مان نوابشاهه ڄائو علي حسن زرداري سڀ کان امير ايم پي اي علي حسن زرداري وٽ 41 ڪروڙ 72 لک ۽ ممتاز علي ميمڻ وٽ 20 ڪروڙ 57 لک رپين جا اثاثا محمود عالم شاهه 12 ڪروڙ 33 لک،پير غلام رحماني 3 ڪروڙ هڪ لک ۽ سسئي پليجو 2 ڪروڙ 47 لکن جا مالڪ Posted on   May 4, 2019  (1:52 pm) اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) ٺٽي ضلعي مان اليڪشن وڙهندڙ سياستدانن ۾ نوابشاهه ڄائو ايم پي اي علي حسن زرداري سڀني کان امير، وٽس 41 ڪروڙ 72 لک 59 هزار 373 رپين جا اثاثا، ممتاز علي ميمڻ 20 ڪروڙ 57 لک جي اثاثن جو مالڪ آهي. ان سلسلي ۾ ٺٽي ضلعي مان چونڊ وڙهندڙ سياستدانن طرفان ظاهر ڪيل اثاثن مطابق اين اي 232 ٺٽو تي فارم ڀرائيندڙ حسن بلوچ 68 لک 60 هزار جا اثاثا ۽ 17 ايڪڙ زمين به ڄاڻائي، عبدالواحد سومرو 62 لک 43 هزار رپين جي اثاثن ۾ 131 ايڪڙ زمين، 40 ايڪڙ ليز تي ورتل زمين ۽ 25 تولا سون به ظاهر ڪيو، علي محمد جوکيو 50 لک، ارسلان بخش بروهي 2 ڪروڙ 44 لک 74 هزار 692، دلدار احمد خاصخيلي هڪ ڪروڙ 80 لک جي اثاثن سميت 60 ايڪڙ زرعي زمين، گل محمد سمون ريڊار هڪ ڪروڙ 78 لک 68 هزار 220 رپين جي اثاثن سان گڏ 421 اي