Skip to main content

Matiari Politicians assets


مٽياري ۾ سياستدانن وٽ ڪروڙن جا اثاثا،امير علي شاهه وڌيڪ ملڪيت وارو، مخدوم رفيق الزمان به ڪروڙن جو مالڪ

امير علي شاهه وٽ 26 ڪروڙ 54 لکن کان وڌيڪ اثاثا، مخدوم رفيق 16 ڪروڙ ملڪيت جو مالڪ

اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) مٽياري ضلعي سان تعلق رکندڙ سياستدان وٽ به ڪروڙن جا اثاثا آهن، سيد پير امير علي شاهه ضلعي ۾ سڀ کان وڌيڪ پئسي وارو سياستدان آهن. ان سلسلي ۾ 2018ع واري اليڪشن ۾ نامزدگي فارم سان گڏ جمع ڪرايل اثاثن مطابق اين اي 223 مٽياري تي اميدوار عبدالرزاق ميمڻ وٽ ڪل 7 ڪروڙ 97 لک 16 هزار 631 جا اثاثا آهن، جن 53 لک 80 هزار ماليت جي مختلف ملڪيت، 2 ڪروڙ 97 لک 50 هزار جو ڪاروبار، هڪ ڪروڙ 27 لک 55 هزار رپين جون گاڏيون، 100 تولا سون، 2 ڪروڙ 38 لک 15 هزار روپين جو بينڪ بيلنس شامل آهي، عبدالرزاق ميمڻ جون قاسم آباد حيدرآباد جي اقبال ولاز ۾ مختلف ملڪيتون، ميمڻ ٽائون قاسم آباد ۾ بنگلو، 180 ايڪڙ زمين، سي اين جي ۽ پيٽروليم ۾ 50 سيڪڙو حصو به ڄاڻايو آهي. ايڊووڪيٽ امير عباس لغاري پاڻ کي 4 ڪروڙ 46 لک روپين جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي، جنهن ۾ 25 لک جي گاڏي، 100 تولا سون، نيو سبزي منڊي حيدرآباد ۾ پلاٽ، زمزمه ڪراچي ۾ فليٽ، ڄامشوري ۾ بنگلو، ديهه ٻيلي والا ۾ 64 ايڪڙ زمين، 250 ايڪڙ باراني زمين، 9 ايڪڙ ڪيٽي بندر ۾ زمين آهي. جڏهن ته سي اين جي اسٽيشن ۾ 25 سيڪڙو حصو آهي، علي دوست لغاري وٽ 5 ايڪڙ ذاتي ۽ 30 ايڪڙ ليز تي ورتل زمين، 62 لک روپين جي ماليت جو گهر، 20 تولا سون آهي، هن پنهنجو پيشو مولوي، پيش امام ۽ زميندار ڄاڻايو آهي، گلشير ساريو 20 لک ماليت جو گهر، 43 هزار جي موٽرسائيڪل، هڪ لک 76 هزار جو بينڪ بيلنس ڄاڻايو آهي، ايم اين اي مخدوم جميل الزمان 2 ڪروڙ 59 لک 85 هزار 142 روپين جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي، جنهن ۾ 220 ايڪڙ زرعي زمين، ڪراچي سي ويو ۾ گهر، 500 گرام سون، 79 لک روپين جو بينڪ بيلنس شامل آهي، جڏهن ته پي ايس 58 مٽياري هڪ تان ڪامياب ٿيندڙ مخدوم محبوب الزمان پاڻ کي ڪل 38 لک 51 هزار 227 روپين جو مالڪ ڄاڻايو آهي، جنهن ۾ 30 لک جو چوپايو مال، 5 لک 50 هزار جو بينڪ بيلنس، 7 دڪان ۽ 4 کان وڌيڪ پلاٽ به شامل آهن، مخدوم سعيد الزمان ڪل 11 ڪروڙ 93 لک 83 هزار 455 روپين جي ملڪيت ڄاڻائي آهي، جنهن ۾ ننگرپارڪر ۾ 134 ايڪڙ زمين، ڏيپلي تعلقي ۾ 144 ايڪڙ زمين کان سواءِ ٻئي ٿر ۾ 51 ايڪڙ، هالا ۾ 2 ايڪڙ، سعيد آباد ۾ 3 ايڪڙ زمين ڄاڻائي آهي، جڏهن ته 110 تولا سون، 62 لک روپين جو بينڪ بيلنس، گهر ۽ پلاٽن سميت 18 ملڪيتن جي قيمت 3 ڪروڙ 40 لک ۽ 31 گاڏيون ظاهر ڪيون آهن، جن جي ماليت 5 ڪروڙ 72 لک 90 هزارن کان وڌيڪ آهي، مخدوم شهزاد علي ڪل 63 لک روپين جي اثاثا ڄاڻايا آهن، جنهن ۾ 15 ايڪڙ زمين، رهائشي پلاٽ، گهر به شامل آهن. مخدوم زاهد علي ڄاڻايو آهي ته انهن جي ملڪيت تقسيم ٿيل ناهي، سندن اثاثن ۾ 11 ايڪڙ زمين، ڏيڍ لک جو فرنيچر آهي. محمد علي ابڙو پاڻ کي 74 لک 33 هزار 205 روپين جي ماليت جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي، جن ۾ هڪ لک 50 هزار ماليت جو گهر، 14 لک جو فليٽ، 5 لک جي گاڏي، 21 لک روڪ، 9 لک جا بانڊ ۽ 37 تولا سون شامل آهي، پيرل مجيداڻو اثاثن ۾ 5 لک ماليت جو گهر، اڍائي لک جو فليٽ، 15 لکن جي زمين، 5 تولا سون ۽ 7 لک روپيا بينڪ بيلنس ڄاڻايو آهي، رميش ڪمار 70 لک جو حيدرآباد ۾ بنگلوي، 30 لک جي ڪاروبار ۾ سيڙپ، 30 تولا سون، هڪ لک 61 هزار جو بينڪ بيلنس، 6 لک 60 هزار روپين جي حيدرآباد ۾ خريد ڪيل زمين ڄاڻائي آهي، سيد فرمان علي شاهه 5 ڪروڙ ماليت جي 47 ايڪڙ زمين، 80 تولا سون ۽ 5 لک روپيا روڪ ڄاڻايا آهن، سيد شاهه محمد شاهه پاڻ کي 19 ايڪڙ زمين، گڏيل خانداني گهر ۾ 50 سيڪڙو، 400 اسڪوائر گز پلاٽ، 20 تولا سون ۽ 5 لک روڪ اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي، سندس پٽ سيد ياسر احمد شاهه پنهنجي اثاثن ڪراچي جي گهر ۾ 50 سيڪڙو حصو، 15 لک جي گاڏي، 50 تولا سون سميت پاڻ کي 65 لک 20 هزار روپين جي اثاثن جو مالڪ آهي، سيد تيمور علي شاهه ڄاموٽ پاڻ کي ڪل 8 ڪروڙ 48 لک 75 هزار 724روپين جي ملڪيتن جو مالڪ ڄاڻايو آهي، جن ۾ ڊي ايڇ اي لاهور ۾ 33 لک 75 هزار ماليت جو پلاٽ، حيدرآباد جي گهر ۾ حصو، راولپنڊي ۾ 2 پلاٽ، 148 ايڪڙ زرعي زمين، 22 لک جون گاڏيون، 5 ڪروڙ 8 لک 76 هزار جو بينڪ بيلنس، 19 لک جو جنريٽر به ظاهر ڪيو آهي، ذوالفقار علي 3 تولا سون ۽ هڪ لک روڪ ظاهر ڪيا آهن، امير الدين ابڙو پلاٽ، 65 لک جو بينڪ بيلنس، دوست علي 5 ايڪڙ زمين، گهر ۽ حيدرآباد ۾ پلاٽ ظاهر ڪيا آهن، گلشير ڪاڪا 10 لک جي زمين، 2 تولا سون، حضور بخش خاصخيلي ذاتي گهر، ڏيڍ لک بينڪ بيلنس ظاهر ڪيو آهي. مخدوم فضل حسين 11 ڪروڙ 37 لک 89 هزار روپين جا اثاثا ظاهر ڪيا آهن. جن ۾ 3 ڪروڙ 58 لک جي مختلف ملڪيت، 3 ڪروڙ 78 لک جي ڪاروبار ۾ سيڙپ، 48 لک جون گاڏيون، 1875 گرام سون ظاهر ڪيو آهي، منتظر بشير پاڻ کي ڪل 6 ڪروڙ 48 لک 27 هزار 20 روپين جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي، محمد جمن پاڻ کي 22 لک 18 هزار روپين جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي، نصير احمد ميمڻ 11 ڪروڙ 52 لک 50 هزار روپين جي اثاثن جو مالڪ آهي، سچل شاهه ڪو به اثاثو ظاهر نه ڪيو آهي، شمس الدين ميمڻ پنهنجي اثاثن ۾ هڪ پلاٽ ظاهر ڪيو آهي، ولي محمد جتوئي ڏيڍ ڪروڙ جي ملڪيت، 3 تولا سون، 7 لک جون گاڏيون ظاهر ڪيون آهن. پير امير علي شاهه پاڻ کي مجموعي طور تي 26 ڪروڙ 54 لک 38 هزار 228 روپين جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي، جنهن ۾ هن غير زرعي ملڪيت جي ماليت 25 ڪروڙ 85 لک ڄاڻائي آهي، ان کانسواءِ 126 ايڪڙ زرعي زمين به ڄاڻائي آهي، سيد مير علي شاهه 80 لک ماليت جا 2 فليٽ ۽ 50 لک ماليت جو پلاٽ ڏيکاريو آهي، سيد مير ڪاظم شاهه پاڻ کي ڪل 3 ڪروڙ 40 لک ملڪيت جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي، هن ڪاروبار ۾ 10 روپين جي سيڙپ به ڄاڻائي آهي، سيد جلال شاهه ڄاموٽ پاڻ کي ڪل 12 ڪروڙ 55 لک 57 هزار 522 روپين جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي، سارنگ منگواڻو ڏيڍ ڪروڙ جو پلاٽ، 49 ايڪڙ زرعي زمين ۽ گهر ڄاڻايو آهي، سيد علي حسين شاهه 62 ايڪڙ زرعي زمين، 50 تولا سون، 24 لکن جي گاڏي، گهر، پلاٽ ظاهر ڪيا آهن، نواب طارق حسين پاڻ کي 40 لک 62 هزار 153 روپين جي ماليت جو مالڪ ڄاڻايو آهي، سعيد احمد جڳدل هڪ ڪروڙ 20 لک روپين جي ملڪيت ڄاڻائي آهي، محمد صديق 25 لک جي زرعي زمين ۽ گهر ظاهر ڪيو آهي، محمد صالح جکرو 5 تولا سون، 3 لک جو فرنيچر ظاهر ڪيو آهي، محمد شعيب 12 ايڪڙ زرعي زمين ڄاڻائي آهي، پي ايس 59 مٽياري 2 تان ڪامياب ٿيل مخدوم رفيق الزمان پاڻ کي 16 ڪروڙ 32 لک 53 هزار 384 روپين جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي، کيس لنڊن ۾ فليٽ به آهي، مخدوم رفيق الزمان پاران جاري ڪيل اثاثن ۾ پورٽ قاسم تي هڪ ايڪڙ جو صنعتي پلاٽ، حسين آباد حيدرآباد ۾ بنگلو، سندس گهرواريءَ جي نالي تي پورٽ قاسم تي 4 ايڪڙ پلاٽ، ٺٽي ۾ 116 ايڪڙ زمين، هالا ۾ 106 ايڪڙ زمين، جڏهن ته پٽ جي نالي تي هالا ۾ 84 ايڪڙ زمين، شجاع آباد ۾ 37 ايڪڙو زمين، ديهه امير بخش جمالي ٺٽي ۾ 259 ايڪڙ زمين ڄاڻائي آهي، مخدوم فخر الزمان پنهنجي اثاثن ۾ 140 ايڪڙ زرعي زمين، هڪ ڪروڙ 25 لک بينڪ بيلنس، 550 گرام سون ڄاڻايو آهي، سيد خير محمد شاهه 80 تولا سون، هڪ ڪروڙ جي زمين ۽ پلاٽ ڄاڻايو آهي، امتياز علي ابڙو 3 ايڪڙ زمين، 17 تولا سون ۽ فليٽ ظاهر ڪيو آهي، غلام مصطفيٰ شاهه 10 لک جي بلڊنگ، 20 لک جي ڪاوربار ۾ سيڙپ، 23 لک جون گاڏيون، 4 لک جو بينڪ بيلنس ڄاڻايو آهي، غلام محي الدين شاهه 55 ايڪڙو زمين، 20 تولا سون، 22 لک بينڪ بيلنس ڄاڻايو آهي، اويس گل ميمڻ پنهنجي اثاثن ۾ گهريلو ملڪيتن ۾ حصو، ڏيڍ لک روپين جي ڪاروبار ۾ سيڙپ، هڪ لک 10 هزار روپين جو بينڪ بيلنس ڄاڻايو آهي، الطاف حسين بڙدي ڪو به اثاثو ظاهر نه ڪيو آهي، علي شير پنهنجي اثاثن ۾ رڳو هڪ لک 50 هزار روپين جو بينڪ بيلنس ڄاڻايو آهي، اختر حسين پنهنجي اثاثن ۾ 14 لک ماليت جو گهر ، مني فلور مل ڄاڻائي آهي، عبدالرزاق کوسو پنهنجي اثاثن ۾ 5 تولا سون، 3 لک روپين جو بينڪ بيلنس ظاهر ڪيو آهي


عورت اميدوار نرگس ناز رڳو 20 هزار رپيا روڪ ظاهر ڪيا

اسلام آباد: اين اي 223ع تي فارم ڀرائيندڙ عورت اميدوار فرحت ياسمين پنهنجي اثاثن ۾ 5 تولا سون ظاهر ڪيو آهي، قومي اسيمبلي ۾ مخصوص سيٽن تي چونڊيل ميمبر ۽ انهيءَ تڪ تي فارم ڀرائيندڙ شگفته جمالي حيدرآباد ۾ 400 گز جو 2 لک 60 هزار ماليت جو پلاٽ، حيدرآباد ۾ 200 گز جو ٻيو پلاٽ، اسلام آباد ۾ پلاٽ، 73 لک ماليت جو گهر، 100 تولا سون، 21 لک روڪ، 73 لک رپين جا بانڊ به ظاهر ڪيا آهن، ساڳئي تڪ تي فارم ڀرائيندڙ نرگس ناز پنهنجي اثاثن ۾ 20 هزار روپيا روڪ پنهنجي ملڪيت ۾ ظاهر ڪيا آهن، پي ايس 58 مٽياري هڪ تي فارم ڀرائيندڙ ثناءَ ملوکاڻي هڪ ڪمري جو گهر، 3 ايڪڙ زمين ۽ 3 تولا سون ظاهر ڪيو آهي،

مخدوم محبوب، سعيد الزمان، محمد علي ابڙو، فرمان شاهه ۽ ٻين پاڻ کي مالدار ظاهر ڪيو

اسلام آباد: پي ايس 58 مٽياري هڪ تان ڪامياب ٿيل سنڌ اسيمبلي جي ميمبر مخدوم محبوب الزمان وٽ 30 لک جو چوپايو مال آهي، جڏهن ته اين اي 223 مٽياري تي فارم ڀرائيندڙ مخدوم سعيد الزمان وٽ هڪ ڪروڙ 93 لک روپين جو چوپايو مال آهي، محمد علي ابڙو پنهنجي اثاثن ۾ 10 لک ماليت جو چوپايو مال ڄاڻايو آهي، سيد فرمان علي شاهه اڍائي ڪروڙ ماليت جون 100 مينهون، ڏيڍ ڪروڙ جي لڳ ڀڳ ماليت جون 100 ڍڳيون، 35 لک روپين جي ماليت جون 140 ٻڪريون به ظاهر ڪيون آهن، محمد صالح جکرو 3 لک روپين جو مينهن واڙو به پنهنجي ملڪيت ۾ ظاهر ڪيو آهي. سيد خير محمد شاهه 30 لک جون 14 مينهون ۽ 14 لکن جون 10 ڍڳيون ڄاڻايون آهن.اختر حسين 25 لکن جون 10 مينهون، ساڍا 7 لکن جون 5 ڍڳيون، 6 لک 75 هزار روپين جو 27 ٻڪريون ظاهر ڪيون آهن.

نويد قمر جي شادي بابت وضاحت

اسلام آباد: روزاني “پنهنجي اخبار” جي 19 اپريل واري اشاعت ۾ پ پ ايم اين اي نويد قمر جي شادي بابت خبر جي وضاحت ڪجي ٿي ته نويد قمر جي نامزدگي فارمن ۾ سندس هڪ ئي شادي لکيل آهي، جڏهن ته عبداللطيف سومري جون ٻه شاديون ڄاڻايل آهن. ان غلطي تي نويد قمر ۽ سندس حمايتين کان معذرت ڪجي ٿي.

Comments

Popular posts from this blog

“آخر هيءَ رات گذرڻي آ، تو ڇو گهٻرايو آ پيارا!”

“آخر هيءَ رات گذرڻي آ، تو ڇو گهٻرايو آ پيارا!” : “آخر هيءَ رات گذرڻي آ، تو ڇو گهٻرايو آ پيارا!” “آخر هيءَ رات گذرڻي آ، تو ڇو گهٻرايو آ پيارا!” Posted on   May 3, 2019  (1:09 pm) ملڪ ۾ جمھوريت ھجي يا نھ ھجي؟ ھجي تھ ڪيتري ۽ ڪھڙي ھجي؟ پاڪستان ۾ اھي سوال بنيادي نوعيت جا سوال رھيا آھن. جيئن تھ اظھار يا صحافت جي آزادي سڌي طرح سان عوام جي حق سان واڳيل آھي، ان ڪري اھا بھ جمھوريت جيان سدائين ڏچي ۾ رھي آھي. جيئن پاڪستان ۾ جمھوريت کي پوري آزادي سان ھلڻ نھ ڏنو ويو، تيئن پريس جي آزادي بھ سدائين حڪمران ڌرين جي اک ۾ ڪنڊو رھي آھي. اھوئي سبب آھي جو صحافت سينسرشپ جي ڪارن قانونن کان ويندي مختلف دٻائن، دٻڙ ڌؤنس ۽ ڏاڍ جو شڪار رھي آھي. جيتري بھ ۽ جڏھن بھ اھا آزادي ملي سا صحافين ۽ عوام جي جدوجھد جو ئي نتيجو ھئي. سٺ واري ڏھاڪي ۾ ايوب خان پريس اينڊ پبليڪيشن آرڊيننس لاڳو ڪري صحافت کي قيد ڪيو، تڏھن صرف من پسند ماڻھو ئي اخبار جو ڊڪليئريشن حاصل ڪري سگھندا ھئا. ھڪ ڀرپور عوامي تحريڪ جڏھن ايوب خان کي اقتدار کان ڌڪي پري ڪيو تھ چند مھينن لاءِ پريس کي آزادي ملي، ورنھ ان کان اڳ “پريس ايڊوائس” نالي انفرميشن ڊ...

12 millionaire Politicians of Jamshoro

ڄامشوري ۾ مراد شاهه، اسد سڪندر، جلال شاهه، کيئل داس، روشن ٻرڙي سميت 12 ڪروڙ پتي سياستدان، ديارام سڀ کان امير Posted on   April 28, 2019  (1:52 pm) اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) ڄامشوري ضلعي ۾ 12 سياستدان ڪروڙ پتي آهن جن مان ديارام 36 ڪروڙ 30 رپين جي اثاثن سان سڀ کان امير، ملڪ اسد سڪندر 26 ڪروڙ 29، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه 21 ڪروڙ 39 لک، سيد جلال محمود شاهه 3 ڪروڙ 37 لک جي اثاثن جو مالڪ آهي. تفصيل موجب 2018ع جي عام چونڊن جي نامزدگي فارمن ۾ اين اي 233 ڄامشورو تي اثاثا ظاهر ڪندي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه پاڻ کي ڪل 3 ڪروڙ 37 لک 29 هزار 457 رپين جي ماليت جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي، جن ۾ مانجهند ۾ 57 ايڪڙ زمين، 66 لک رپيا روڪ، 33 لک بينڪ بيلنس، 4 لک جو گهريلو سامان، 27 هزار رپين جا هٿيار. 64 لک 60 هزار جون گاڏيون، هڪ ڪروڙ 8 لک 90 هزار جو پٿر ڪريشنگ پلانٽ جو ڪاروبار، 89 لک 80 هزار رپين جي ماليت جي مختلف ملڪيت ظاهر ڪئي آهي.  ن ليگ جي ڪيسو مل کيئل داس ڪوهستاني جي اثاثن ۾ 15 لک جي ڪاروبار ۾ سيڙپ، 34 لک کان وڌيڪ جون گاڏيون، 14 تولا...

Tando Muhammad Khan Politicians Assets

ٽنڊي محمد خان جي سياستدانن ۾ ڪمال چانگ امير ترين،نويد قمر ٻئي نمبر تي ڪمال چانگ وٽ 22 ڪروڙ 54 لکن جا اثاثا، 80 تولا سون، 37 لکن جو بينڪ بيلنس، 11 لکن جا هٿيار شامل نويد قمر وٽ 263 ايڪڙ زمين، 67 لک جي گاڏيون. 50 تولا سون ۽ خانداني ملڪيت جي 20 سيڪڙو سميت 20 ڪروڙ 33 لکن جي ملڪيت Posted on   April 19, 2019  (4:10 pm) اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) ٽنڊي محمد خان ضلعي ۾ به سياست تي ڪروڙ پتي ۽ لک پتي سياستدان ڇانيل آهن، ڪمال چانگ سڀ کان وڌيڪ امير سياستدان، ٻئي نمبر تي نويد قمر آهي. ان سلسلي ۾اين اي 228 ٽنڊو محمد خان تي اثاثن جا تفصيل جمع ڪرائيندڙ عبدالباسط نظاماڻي پاڻ کي 2 لک 65 رپين جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي. جڏهن ته ان ئي تڪ تي فارم ڀرائيندڙ عبدالجبار ميمڻ 20 تولا سون،313 ايڪڙ زمين ۾ ويهه سيڪڙو حصو اسد عباس جو به آهي، 13 هزار جو بينڪ بيلنس، جڏهن ته غلام مرتضيٰ بينڪ اڪائوٽ نمبر ڏنا آهن انهن ۾ رقم جي موجودگي بابت ڪجهه ناهي ڄاڻايو. ڪشف الحسين شاهه 77 ايڪڙ زرعي زمين، گهر، 25 لکن جي ڪاروباري عمارت، 25 تولا سون، لعل بخش ڪلاريو گهر، ٻه تولا سون، لک رپيا روڪ، مير علي نو...