Skip to main content

Sukkur Politicians Assets

خورشيد شاهه، ناصر شاهه، نصرت سحر سميت سکر جا 34 سياستدان ڪروڙ پتي، اڳوڻو يوسي ناظم نيڪ ڇڄڻ سڀ کان امير

ڇڄڻ جا 73 ڪروڙن جا اثاثا، محمد علي شيخ 21 ڪروڙ، ناصر شاهه 11 ڪروڙ، اويس قادر شاهه 20 ڪروڙ، فرخ شاهه هڪ ڪروڙ ۽ عنايت ٻرڙو هڪ ڪروڙ جو مالڪ

ديدار علي جتوئي 3 ڪروڙ 24 لک، ، ڊاڪٽر آغا شير هڪ ڪروڙ 91 لک ۽ امان کوسو 40 لک رپين جي ملڪيت ظاهر ڪئي
اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) سکر سان تعلق رکندڙ 34 سياستدان ڪروڙ پتي نڪتا آهن جڏهن ته سمورن سياستدانن مان سڀ کان وڌيڪ امير اڳوڻو يو سي ناظم نيڪ محمد ڇڄڻ آهي، جنهن وٽ 73 ڪروڙ رپين جا اثاثا آهن، اسلم شيخ وٽ 56 ڪروڙ، قومي خورشيد شاهه 3 ڪروڙ 69 لک، اويس قادر شاهه 20 ڪروڙ 26 لک، صوبائي وزير سيد ناصر شاهه 11 ڪروڙ 7 لک، محمد علي شيخ 21 ڪروڙ 93 لک، اسلم شيخ 56 ڪروڙ 5 لک، نصرت سحر عباسي 4 ڪروڙ 17 لک رپين جي ملڪيت جي مالڪ آهي. تفصيل موجب 2018ع جي عام چونڊن ۾نامزدگي فارم سان اميدوار طور اثاثا ظاهر ڪندي قومي اسيمبلي جي تڪ 206 سکر هڪ تي چونڊيل قومي اسيمبلي جي ميمبر سيد خورشيد احمد شاهه پاڻ کي 3 ڪروڙ 59 لک 15 هزار 359 رپين جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي، هن سکر جي ريجنٽ واري علائقي ۾ گهر، ميمڻ سوسائٽي سکر ۾ پلاٽ، اسلام آباد ۾ 2 ڪينالن جو پلاٽ، 123 ايڪڙ زرعي زمين، نارا ڪاٽن فيڪٽري ۾ 25 سيڪڙو حصو، 33 لک جون گاڏيون، هڪ ڪروڙ 27 لکن جو بينڪ بيلنس ظاهر ڪيو آهي، سيد خورشيد احمد شاهه جي پٽ سيدخ فرخ احمد شاهه پاڻ کي هڪ ڪروڙ 78 لک 21 هزار 811 رپين جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي، جنهن وٽ 50 ايڪڙ زمين، بنگلي ۾ 84 لک جو حصو، 21 لک جو بحريه ٽائون ڪراچي ۾ پلاٽ، سکر جي بندر روڊ تي پلاٽ، جي ايف ڪي ۾ 12 لک جي سيڙپڪاري، 33 لک جي گاڏي، 5 لک جا بانڊ، 8 لک 71 هزار روڪ رقم ڄاڻائي آهي، آفتاب سومري پاڻ کي 64 ايڪڙ زرعي زمين، 500 اسڪوائر فٽ جو پلاٽ، 2 گاڏيون، 100 تولا سون، علي گوهر خان انڍڙ پاڻ کي ڪل 25 لک 52 هزار، غلام مجتبيٰ 26 ايڪڙ زمين، 5 لک ماليت جو خريد ڪيل پلاٽ، جيپ، 8 تولا سون، 3 لک جو بينڪ بيلنس، حزب الله صديقي ڪاروبار ۾ اڍائي لک جي سيڙپ، 10 تولا سون، اڍائي لک کان وڌيڪ بينڪ بيلنس، عنايت الله ٻرڙو روهڙي ۾ پلاٽ، ٻرڙا ڪاٽن جننگ فيڪٽري، 30 تولا سون، 58 لک جو بينڪ بيلنس سميت پاڻ کي هڪ ڪروڙ 39 لک 72 هزار 157 رپين ۽ جمال عبدالناصر رهائشي گهر ۾ حصو، 38 هزار جو بينڪ بيلنس ڄاڻايو آهي. صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه جي پٽ سيد ڪميل حيدر شاهه پنهنجي اثاثن ۾ هڪ ڪروڙ 20 لک ماليت جي 16 ايڪڙ زمين، منظور حسين شر دڪان ۾ 3 لک جي سيڙپ، 3 تولا سون، 8 ايڪڙ زمين، محمد علي شيخ پاڻ کي 21 ڪروڙ 93 لک 37 هزار 291 رپين، محمد حيات 12 ايڪڙ زمين، 4 تولا سون، محمد مبين بلو 5 ايڪڙ زمين، ڳوٺ جو گهر، فلور مل، 25 تولا سون، ناهيد بيگم 30 تولا سون، 4 لک کان وڌيڪ بينڪ بيلنس سميت 37 لک 58 هزار 262 رپين جا اثاثا ظاهر ڪيا آهن. انهيءَ تڪ تي فارم ڀرائيندڙ نيڪ محمد ڇڄڻ پاڻ کي ڪل 73 ڪروڙ رپين جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي، سندس اثاثن ۾ ڪمرشل زمين 50 ڪروڙ جي، دڪان، شوروم، گدام 20 ڪروڙ ماليت جو، 3 ڪروڙ ماليت جا گهر، 5 لک جو فرنيچر ۽ 100 تولا سون شامل آهي، سنڌ اسيمبلي جي ميمبر نصرت سحر عباسي پاڻ کي 4 ڪروڙ 17 لک 52 هزار رپين جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي، وٽس 500 چورس گز جو حيدرآباد ۾ پلاٽ، ڊي ايڇ اي ڪراچي ۾ 2 بيڊ جو گهر هڪ ڪروڙ ماليت جو، 7 تولا سون آهي، اين اي 207 سکر 2 تي فارم ڀرائيندڙ شائسته ڌي عبدالغني 33 لک ماليت جي اثاثن جي مالڪ آهي، ديدار علي جتوئي پاڻ کي ڪل 3 ڪروڙ 24 لک 56 هزار 887 رپين جو مالڪ ڄاڻايو آهي، وٽس 153 ايڪڙ زرعي زمين به آهي، سندس پٽ مبين جتوئي ڪل 2 ڪروڙ 84 لک 93 هزار 887 رپين جا اثاثا ظاهر ڪيا آهن. ڊاڪٽر آغا شير وٽ 78 ايڪڙ زرعي زمين سميت هڪ ڪروڙ 91 لک رپيا، امان الله کوسو 40 لک، علي شير مهر پٽ محمد ابراهيم 82 لک 92 هزار، وزير علي جتوئي 3 ڪروڙ 16 لک رپيا ۽ 94 ايڪڙ زمين، نعمان اسلام شيخ 44 ايڪڙ زرعي زمين کان علاوه 77 لک 30 هزار 527 رپيا، محمد طاهر پٽ شيخ رحمت الله 88 لک 19 هزار، خورشيد افغان 2 لک جي لاڳت سان خريد ڪيل گهر، 3 لک 55 هزار جي لاڳت سان خريد ڪيل پلاٽ، سراج احمد خان 29 لک 90 هزار، سيد محمد ايوب پٽ آغا سيد محمد 69 لک، سعود افضل 5 لک 99 هزار، شوڪت علي بلوچ 6 ڪروڙ 35 لک، سيد نسيم احمد هاشمي 7 لک، غلام مرتضيٰ 11 لک 80 هزار، امير بخش عرف مير 6 ڪروڙ 54 لک، خدا ڏنو سانگي 13 لک، محمد جاويد جيولر 10 تولا سون، 15 لک جو بينڪ بيلنس، 11 لک جي ڪاروبار ۾ سيڙپڪاري، ضياءُ الدين ڀٽي 10 تولا سون، 10 لک بينڪ بيلنس اثاثن ۾ ڄاڻايو آهي، پي اي 22 سکر هڪ تي فارم ڀرائيندڙ اڪرام الله ڌاريجو 14 ڪروڙ 22 لک 87 هزار رپين جي اثاثن، ڄام آصف رزاق ڌاريجو 11 ڪروڙ 97 لک، ڄام سيف الله ڌاريجو 16 ڪروڙ 32 لک، سردار حاجي خان چاچڙ جي پٽ غلام گوهر مرتضيٰ چاچڙ 2 ڪروڙ 20 لک 70 هزار جو مالڪ ڄاڻايو آهي، جنهن ۾ پني عاقل ۾ ڏيڍ ڪروڙ جو پلاٽ، 50 ايڪڙ زمين، 2 ٽريڪٽر ٽراليون جن جي ماليت 32 لک، جڏهن ته 2 گاڏيون، 50 تولا سون ۽ 50 لک جو بينڪ بيلنس ڄاڻايو آهي، غلام علي عباس 2 ڪروڙ 29 لک 28 هزار رپين جو مالڪ آهي، امداد علي بلو 12 لک 70 هزار، سردار علي گوهر خان مهر 25 ڪروڙ 65 لک 59 هزار 969 رپين جو مالڪ آهي، امداد ڀٽو 8 لک 30 هزار رپين، حبيب الله صديقي 5 لک 41 هزار، لياقت علي پٽ شوڪت علي 6 لک 55 هزار، شاهنواز خان 2 ڪروڙ 85 لک 80 هزار، علي گوهر انڍڙ 75 لک 52 هزار، پي ايس 23 سکر 2 تي فارم ڀرائيندڙ گلداد خان 6 ايڪڙ زرعي زمين، تور ماپ وارو ڪانٽو، 5 لک بينڪ بيلنس، سيد اويس قادر شاهه 20 ڪروڙ 26 لک 17 هزار 768 رپين جو مالڪ آهي، اويس شاهه جي اثاثن ۾ 551 ايڪڙ زرعي زمين، سجاد ڪاٽن فيڪٽري صالح پٽ ۾ 45 سيڪڙو حصو، ڇهه سئو، ٽي سئو 60چورس گز جا سنڌي هائوسنگ سوسائٽي سکر ۾ پلاٽ، اڍائي سئو گز جا 3 ڪمرشل پلاٽ، 600 گز جا سنڌي هائوسنگ سوسائٽي سکر ۾ جا 2 بنگلا، سجاد فلور مل روهڙي ۾ 35 سيڪڙو حصو، 2 هزار گز جو ڊفينس فيز 8 ۾ بنگلو، هڪ ڪروڙ 18 لک جون گاڏيون، 73 لک 17 هزار جو بينڪ بلينس ڄاڻايو آهي، عرض محمد روشن آباد ۾ رهائشي گهر، 6 تولا سون، 3 لک 10 هزار جو بينڪ بيلنس، دين محمد هڪ لک 17 هزار رپين، غلام رضا ڀنڀرو 185 ايڪڙ زمين جو مالڪ آهي. مير اعجاز حسين ٽالپر هڪ ڪروڙ 19 لک 71 هزار 700 رپين جي اثاثن جو مالڪ آهي، محمد اسلم شيخ 56 ڪروڙ 5 لک 94 هزار 400 رپين جي اثاثن جو پاڻ کي مالڪ ڄاڻايو آهي، محمد قاسم ڪانڌڙو 4 هزار فوٽ جي گهر جي جاءِ، 2 لک 30 هزار بينڪ بيلنس سميت 6 لک رپين، شفيق احمد شاهه 19 لک 28 هزار، شفقت علي شاهه ٽنڊي مستي ۾ زرعي زمين 4 لک، گوليمار سکر ۾ 25 لک پين جو پلاٽ، اخوت نگر سوسائٽي ۾ 22 لک رپين جو پلاٽ، ڪاروبار ۾ 5 ڪروڙ 47 لک جي سيڙپ، هڪ ڪروڙ 30 کان کان وڌيڪ ماليت جو گاڏيون، 4 تولا سون، 25 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ بينڪ بيلنس اثاثن ۾ ڄاڻايو آهي، سيد علي رضا شاهه 10 لک رپين جو بينڪ بيلنس اثاثن ۾ ظاهر ڪيو آهي، سيد غضفر حسين 15 لک رپين جي ڪاروبار ۾ سيڙپڪاري، 15 لک جي گاڏي، سيد جاويد شاهه 13 لک جون گاڏيون، 20 لک جو بينڪ بيلنس، سيد طاهر حسين شاهه پاڻ کي 3 ڪروڙ 6 لک 57 هزار 994 رپين جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي، سيد ويرڪ شاهه 28 ايڪڙ زمين کانسواءِ ڪل 50 لک 3 هزار 115 رپين جا اثاثا ظاهر ڪيا آهن، يار محمد شيخ 7 ڪروڙ 75 لک 43 هزار رپين جو مالڪ آهي، پي ايس 24 سکر 3 تي فارم ڀرائيندڙ آغا ارسلان خان پٺاڻ وٽ 5 ڪروڙ 65 لک رپين جا اثاثا آهن جن ۾ 390 ايڪڙ زرعي زمين، دبئي ۽ لنڊن ۾ به 5 ڪروڙ 65 لک رپين جي ملڪيت شامل آهي، اظهر حسين 63 لک 32 هزار رپين جي ماليت جي اثاثن جو مالڪ آهي، مهتاب احمد گوليمار ۾ 3 صنعتي پلاٽ، بابرڪي بازار سکر ۾ اٽي جي چڪي سميت 37 لک 60 هزار رپين، جاويد ميمڻ 56 لک 57 هزار رپين، محمد طارق سلطان يوسفي 3 لک 72 هزار، محمد زبير حفيظ شيخ 10 تولا سون، 5 لک جو بينڪ بيلنس، سيد ناصر حسين شاهه ڪل 11 ڪروڙ 7 لک 76 هزار 732 رپين جو مالڪ ڄاڻايو آهي، جنهن ۾ هڪ ڪروڙ 76 لک جو چوپايو مال، راجا اورنگزيب فلور مل ۾ 33 سيڪڙو حصو، مهراڻ پرائيويٽ لميٽيڊ ۾ 50 سيڪڙو، سانگي ڪاٽن فيڪٽري ۾ 50 سيڪڙو، روهڙي تعلقي جي ديهه چيل ۾ 104 ايڪڙ، سنگرار ۾ 63 ايڪڙ زمين کان علاوه شاهه ڪاٽن ۾ فيڪٽري ۾ 50 سيڪڙو حصو، حسين ٻيلي ۾ سندس گهرواري جي نالي تي 40 ايڪڙ، سندس پٽ ڪميل حيدر نالي 6 ايڪڙ، 2 ڪروڙ 25 لک جا بانڊ، هڪ ڪروڙ 88 لک جو بينڪ بيلنس شامل آهي، پرويز عزيز چوهاڻ 11 لک جو بينڪ بيلنس، 40 لک جي گاڏي، سعود افضل 43 ايڪڙ غير آباد زمين، 15 لک جون گاڏيون، 2 تولا سون، 5 لک بينڪ بيلنس، شفيق ڪمبوهه 7 لک 64 هزار، وزير علي 3 ڪروڙ 16 لک 39 هزار، صفيه بلوچ 87 لک رپين جي اثاثن جي مالڪ آهي، پي ايس 25 سکر 4 تي فارم ڀرائيندڙ عبدالعزيز پنهنجي اثاثن ۾ ساهرن کان تحفي ۾ مليل 2 پلاٽ، 5 تولا سون، عبدالحق ٻرڙو 40 لک ماليت جو فليٽ، 10 تولا سون، آغا شير خان هڪ ڪروڙ 91 لک 10 هزار، احسن جتوئي 5 ڪروڙ 80 لک جو ڪاروبار، هڪ لک 25 هزار رپيا بينڪ بيلنس، غلام حسين چاچڙ 37 ايڪڙ زمين، 25 لک جو ڪاروبار، هڪ ڪروڙ 50 لک جا بانڊ، محمد ايوب فاروقي شاهي بازار سکر ۾ 3 دڪان11 لک جو بينڪ بيلنس، قربان ڪلوڙ 2 تولا سون، ربنواز ڪلوڙ 15 لک جي ڪاروبار ۾ سيڙپ، 5 لک جا سيونگ سرٽيفڪيٽ، 4 تولا سون ۽ صدر الدين مهيسر وت گهر ۽ 5 لک 10 هزار جو بينڪ بيلنس، ڄاڻايو آهي.

6 سياستدانن وٽ ڪو اثاثو ناهي، محسن شاهه، علي رضا، سهيل کوسو پڻ غريب

گوهر کوسو 4 پلاٽ هڪ جاءِ، حضور بخش ميراڻي 3 پلاٽ، 3 تولا سون،حميد مهر 50 هزار رپيا ظاهر ڪيا

اسلام آباد: سکر ۾ غريب سياستدان به آهن جن ۾ محسن حسين شاهه ڳوٺ ۾ رهائشي گهر، 2 تولا سون، 70 هزارن جو بينڪ بيلنس، سيد علي رضا 80 گز جو پلاٽ، 20 ايڪڙ زمين، سهيل نياز کوسو 2 تولا سون 25 هزار جو بينڪ بيلنس، علي گوهر کوسو 4 پلاٽ هڪ جاءِ، حضور بخش ميراڻي 3 پلاٽ، 3 تولا سون، عبدالحميد مهر پنهنجي اثاثن ۾ رڳو 50 هزار جو بينڪ بيلنس، شاهد علي راجپوت 6 تولا سون ۽ ڪاروبار، محمد شڪيل موٽرسائيڪل، 5 تولا سون ۽ 53 هزار رپيا بينڪ بيلنس، نظام الدين سومرو پنهنجي اثاثن ۾ 15 تولا سون، عبدالقيوم راجپوت سنوڪر جو دڪان، آغا محمد اڪرم دراني ٽانگا اسٽينڊ پراڻي سکر ۾ گهر، ريئل اسٽيٽ جو ڪاروبار، 5 تولا سون، الطاف احمد مهر 4 ايڪڙ زرعي زمين، منظور علي چوهاڻ 25 هزار جو بينڪ بيلنس، محمد دائود کوسو 13 ايڪڙ زمين، هڪ پلاٽ ظاهر ڪيو آهي. جڏهن ته ڪراچي مان سکر اچي فارم ڀرائيندڙ امان الله، محمد عامر شيخ، عتيق الرحمان انصاري، حاجي محمد رمضان، ظهور احمد ۽ سلطان احمد لاشاري پاڻ کي اثاثن کان محروم ڏيکاريو آهي.

سال اندر اسلم شيخ جا اثاثا 16 ڪروڙ ۽ علي گوهر مهر جا 26 لک وڌيا

اسلام آباد: نامزدگي فارم ۾ اثاثا ظاهر ڪندڙ محمد علي شيخ ڄاڻايو آهي ته 2017ع ۾ سندس اثاثن جي ماليت 21 ڪروڙ لک 37 هزار 291 رپيا هئي جڏهن ته ان کان سال اڳ اثاثا 17 ڪروڙ 42 لک 43 هزار 579 رپيا هئا، هڪ سال اندر اثاثن ۾ 4 ڪروڙ 50 لک 93 هزار 712 رپين جو اضافو ٿيو آهي. ديدار جتوئي جي 2016 ۾ 44 ايڪڙ زمين 2017ع دوران وڌي 153 ايڪڙ ۽ سندس پٽ مبين جتوئي جي 9 ايڪڙن مان 22 ايڪڙ ٿي آهي. اڪرام الله ڌاريجو جي اثاثن ۾ هڪ سال اندر 3 ڪروڙ 92 لک 50 هزار 425 رپين، ڄام سيف الله ڌاريجي جي اثاثن 5 ڪروڙ 25 هزار 769 رپين، علي گوهر خان مهر جي اثاثن ۾ 26 لک 42 هزار 464 رپين جي واڌ ٿي، اسلم شيخ جي سال 2016ع ۾ اثاثن جي ڪل ماليت 39 ڪروڙ 21 لک 83 هزار 447 هئي، جيڪا 2017ع ۾ وڌي 56 ڪروڙ 5 لک 95 هزار 400 رپيا ٿي وئي، اهڙي ريت هڪ سال دوران 16 ڪروڙ 84 لک 10 هزار 953 رپين جو اضافو ٿيو.

نيڪ محمد ڇڄڙ 3، مراد، اظهر انڍڙ، راشد سومرو ۽ خورشيد شاهه ٻه ٻه ڀيرا گهوٽ بڻيا

سکر: اين اي 206 سکر هڪ تان چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبر سيد خورشيد احمد شاهه جون 2 شاديون ٿيل آهن، نيڪ محمد ڇڄڙ جون 3 شاديون ٿيل آهن، جي يو آءِ سنڌ جو اڳواڻ راشد محمود سومرو، اين اي 207 سکر 2 تي فارم ڀرائيندڙ نئين پنڊ جي رهواسي محمد مراد پٽ عمر بخش، محمد ايوب پٽ آغا سيد محمد، حضور بخش ميراڻي، غلام مرتضيٰ پٽ ميهار خان، امير بخش عرف مير، پي ايس 22 سکر جي اظهر حسين انڍڙ، غلام علي عباس، پي ايس 23 جي عزيز الله پٽ لطيف ڏنو، محمد علي شيخ، محمد اسلم شيخ، شفيق احمد شاهه، پي ايس 24 سکر 3 جي امير بخش عرف مير، احسن جتوئي، غلام حسين چاچڙ جون ٻه ٻه شاديون ٿيل آهن.

جي ڊي اي اڳواڻ علي گوهر مهر وٽ ٻه اقاما

اسلام آباد: پي ايس 22 سکر هڪ تي فارم ڀرائيندڙ سردار علي گوهر خان مهر نامزدگي فارم سان گڏ جمع ڪرايل حلفيه بيان ۾ سعودي ۽ يو اي اي جو اقامو هجڻ جو اعتراف ڪيو آهي، ان حلف نامي ۾ ان ڄاڻايوآهي ته سعودي ۽ يو اي اي جو اقامو ان رڳو سفر لاءِ رکيو آهي، منهنجو پرڏيهه ۾ نه ڪاروبار نه ئي ڪا ملازمت آهي.

Comments

Popular posts from this blog

Badin- 29 millionaire politician

بدين ۾ 29 ڪروڙپتي سياستدان، ڪمال چانگ سڀ کان امير، ذوالفقار مرزا ۽ پپو شاهه وٽ گهروارين کان گهٽ دولت عبدالغفور نظاماڻي 20 ڪروڙ، غلام علي ٽالپر 19،محمد هاليپوٽو 17، فهميده مرزا 16 ڪروڙ ۽ اسماعيل راهو پوڻا 6 ڪروڙن جو مالڪ نڪتو محمد بشير 5، ظفر نظاماڻي پوڻا 5، سائين بخش جمالي ساڍا 4، حسنين مرزا ساڍا 3، صغير لغاري 3 ۽ رياض نظاماڻي سوا 3 ڪروڙ ظاهر ڪيا Posted on   May 7, 2019  (2:00 pm) اسلام آباد (رپورٽ:ايم بي سومرو) بدين ضلعي جي سياستدانن ۾ سڀ کان امير ڪمال چانگ 22 ڪروڙ 54 لک رپين جي اثاثن جو مالڪ ظاهر ٿيو آهي، جڏهن ته اڳوڻو صوبائي وزير ذوالفقار مرزا پنهنجي پٽ ۽ گهرواري کان به گهٽ اثاثا رکندڙ آهي، سيد پپو شاهه کان سندس گهرواري بي بي ياسمين شاهه وڌيڪ امير آهي. ضلعي ۾ 29 سياستدانن پاڻ کي ڪروڙ پتي ڄاڻايو آهي. 2018ع جي عام چونڊن ۾ نامزدگي فارم سان گڏ اين اي 229 بدين هڪ تي فارم ڀرائيندڙ عبدالستار لغاري پنهنجي نالي تي 109 ايڪڙ، گهر واري جي نالي 39 ايڪڙ زمين، 16 لک جون گاڏيون، 20 تولا سون پنهنجي اثاثن ۾ ظاهر ڪيو آهي، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي21 لک 84 هزار 930 رپين جي اثاثن ۾ 708 ايڪڙ

Matiari Politicians assets

مٽياري ۾ سياستدانن وٽ ڪروڙن جا اثاثا،امير علي شاهه وڌيڪ ملڪيت وارو، مخدوم رفيق الزمان به ڪروڙن جو مالڪ امير علي شاهه وٽ 26 ڪروڙ 54 لکن کان وڌيڪ اثاثا، مخدوم رفيق 16 ڪروڙ ملڪيت جو مالڪ Posted on   April 20, 2019  (1:16 pm) اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) مٽياري ضلعي سان تعلق رکندڙ سياستدان وٽ به ڪروڙن جا اثاثا آهن، سيد پير امير علي شاهه ضلعي ۾ سڀ کان وڌيڪ پئسي وارو سياستدان آهن. ان سلسلي ۾ 2018ع واري اليڪشن ۾ نامزدگي فارم سان گڏ جمع ڪرايل اثاثن مطابق اين اي 223 مٽياري تي اميدوار عبدالرزاق ميمڻ وٽ ڪل 7 ڪروڙ 97 لک 16 هزار 631 جا اثاثا آهن، جن 53 لک 80 هزار ماليت جي مختلف ملڪيت، 2 ڪروڙ 97 لک 50 هزار جو ڪاروبار، هڪ ڪروڙ 27 لک 55 هزار رپين جون گاڏيون، 100 تولا سون، 2 ڪروڙ 38 لک 15 هزار روپين جو بينڪ بيلنس شامل آهي، عبدالرزاق ميمڻ جون قاسم آباد حيدرآباد جي اقبال ولاز ۾ مختلف ملڪيتون، ميمڻ ٽائون قاسم آباد ۾ بنگلو، 180 ايڪڙ زمين، سي اين جي ۽ پيٽروليم ۾ 50 سيڪڙو حصو به ڄاڻايو آهي. ايڊووڪيٽ امير عباس لغاري پاڻ کي 4 ڪروڙ 46 لک روپين جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي، جنهن ۾ 25 لک جي گاڏي، 10

Thatta rich Politicians Assets

ٺٽي ضلعي جي سياستدانن مان نوابشاهه ڄائو علي حسن زرداري سڀ کان امير ايم پي اي علي حسن زرداري وٽ 41 ڪروڙ 72 لک ۽ ممتاز علي ميمڻ وٽ 20 ڪروڙ 57 لک رپين جا اثاثا محمود عالم شاهه 12 ڪروڙ 33 لک،پير غلام رحماني 3 ڪروڙ هڪ لک ۽ سسئي پليجو 2 ڪروڙ 47 لکن جا مالڪ Posted on   May 4, 2019  (1:52 pm) اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) ٺٽي ضلعي مان اليڪشن وڙهندڙ سياستدانن ۾ نوابشاهه ڄائو ايم پي اي علي حسن زرداري سڀني کان امير، وٽس 41 ڪروڙ 72 لک 59 هزار 373 رپين جا اثاثا، ممتاز علي ميمڻ 20 ڪروڙ 57 لک جي اثاثن جو مالڪ آهي. ان سلسلي ۾ ٺٽي ضلعي مان چونڊ وڙهندڙ سياستدانن طرفان ظاهر ڪيل اثاثن مطابق اين اي 232 ٺٽو تي فارم ڀرائيندڙ حسن بلوچ 68 لک 60 هزار جا اثاثا ۽ 17 ايڪڙ زمين به ڄاڻائي، عبدالواحد سومرو 62 لک 43 هزار رپين جي اثاثن ۾ 131 ايڪڙ زمين، 40 ايڪڙ ليز تي ورتل زمين ۽ 25 تولا سون به ظاهر ڪيو، علي محمد جوکيو 50 لک، ارسلان بخش بروهي 2 ڪروڙ 44 لک 74 هزار 692، دلدار احمد خاصخيلي هڪ ڪروڙ 80 لک جي اثاثن سميت 60 ايڪڙ زرعي زمين، گل محمد سمون ريڊار هڪ ڪروڙ 78 لک 68 هزار 220 رپين جي اثاثن سان گڏ 421 اي