Skip to main content

Thar assets 2

ٿر جو غريب سياستدان به لکن ۾ کيڏندڙ، 3 عورتن فارم ڀرايا

جلال الدين، رمضان، عبدالغني، ابراهيم، جئه شنڪر، ڀورو لال، ڍينگو، سرور به لکن جا مالڪ

اسلام آباد: ڏڪار سٽيل ٿرپارڪر ضلعي ۾ غريب ليکيا ويندڙ سياستدان به لکن جي ملڪيت جا مالڪ آهن، جن ۾ اين اي 221 ٿرپارڪر هڪ تي فارم ڀرائيندڙ جلال الدين 4 لک 40 هزار، اين اي 222 ٿرپارڪر 2 تي فارم ڀرائيندڙ محمد رمضان 2 لک 40 هزار، تلڇي ٻائي 3 لک 11 هزار، عبدالغني 9 لک 59 هزار 492، پي ايس 54 ٿرپارڪر هڪ تي فارم ڀرائيندڙ باگو 10 تولا سون، 15 لک جي ٻي پراپرٽي، 5 ڳئون، 20 ٻڪريون ۽ 2 اٺ، ابراهيم پٽ محمد عالم 11 لک 14 هزار رپين، جئه شنڪر 11 لک 50 هزار، پي ايس 55 ٿرپارڪر 2 تي فارم ڀرائيندڙ ڀورو لال 3 لک 40 هزار 250 رپين، ڍينگو 2 لک 65 هزار، غلام سرور 11 لک 12 هزار 98 روپيا، هيمون پٽ ڀورو مل 5 تولا سون، 2 لک 5 هزار روپيا بينڪ بيلنس، ڪريم ڏنو 5 تولا سون، 7 لک 75 هزار بينڪ بيلنس، ڳوٺ ۾ گهر ۽ زرعي زمين، نند لال 2 لک 50 هزار، نازيه انجم 15 لک 20 هزار 500 رپين، پي ايس 56 ٿرپارڪر 3 تي فارم ڀرائيندڙ عبدالغني پٽ جلال 19 لک 6 هزار، عبدالڪريم پٽ فتح محمد 2 لک 40 هزار رپيا، پي ايس 56 ٿرپارڪر 3 تي فارم ڀرائيندڙ دليپ ڪمار پٽ سارنگ 4 لک 90 هزار، بهاري پٽ روپ چند ڪل 6 لک 50 هزار، دليپ ڪمار پٽ هميرو 11 لک 50 هزار ، کمپل داس پٽ سوڀو 13 لک 93 هزار رپين، لجپت راءِ پٽ چمن سنگهه 5 لک رپين ، لجپت راءِ پٽ ڪولجي مل 17 لک 35 هزار 992 رپين، مير محمد پٽ محمد حسن 11 لک 49 هزار 200 رپين، محبتو پٽ پڌو 2 لک 70 هزار، قربان علي 14 لک 80 هزار، سنيتا ٻائي 17 لک 19 هزار 441 جا اثاثا ظاهر ڪيا آهن، پي ايس 57 ٿرپاڪر 4 تي فارم ڀرائيندڙ عزيز الله 6 لک 20 هزار، چيتن لال 16 لک جي گاڏي، گجو پٽ ديوو هڪ لک رپين ، قيمت راءِ ولاسائي 11 لک، روشن ڪمار 4 لک، سجاد گل ساڍا 3 لک، سوڀراج 2 لک، سنيل شتروگهن 2 تولا سون، 10 تولا چاندي، 45 هزر رپيا روڪ، محرم علي پٽ ولي محمد صرف 10 هزار رپين جا اثاثا ظاهر ڪيا آهن.

ٿر جهڙي پرامن علائقي ۾ به سياستدانن کي خوف، لکن جي هٿيارن جا مالڪ

اسلام آباد: سنڌ ۾ پرامن ضلعو تصور ٿيندڙ ٿرپارڪر ضلعي جي سياستدانن وٽ ججهي تعداد ۾ هٿيار هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ارباب رحيم وٽ رائفل، جي ٿري ۽ پسٽل، ارباب ذڪاءُ الله وٽ موجود 15 هٿيارن ۾ 4 شارٽ گنون، 2 پسٽل، هڪ ريوالور، 2 رائفلون، هڪ ايم پي فائيو رائيفل، 7.62 ايم ايم جون 4 رائفلون، جي ٿري، اي – ٿري رائفل، ارباب توڳاچي فواد رزاق وٽ 2 پسٽل، 2 شارٽ گنون، 2 رائفلون، ڪلاشنڪوف، فقير فيض محمد بلالاڻي شارٽ گن ۽ پسٽل، ڪرني سنگهه سوڍي وٽ 2 شارٽ گنون، هڪ رائيفل، هڪ پسٽل، راڻا همير سنگهه وٽ 5 پسٽل، 4 رائفل، ۽ هڪ شارٽ گن، پي ايس 54 ٿرپارڪر هڪ تان چونڊيل عبدالرزاق راهمون وٽ 2 شارٽ گنون، 2 رائفلون، 2 پسٽل، فقير شير محمد بلالاڻي وٽ 2 شارٽ گنون، پسٽل، 2 رائفلون آهن.


ٿر جا سياستدان منفرد، اثاثن ۾ ڳئون، مينهون، رڍون، ٻڪريون، اٺ ۽ گهوڙا به شامل

اسلام آباد: ٿرپاڪر ضلعي جي سياستدانن وٽ ڪروڙن جو چوپايو مال اٺ ۽گهوڙا به آهن، دلاور خان وٽ 20 مينهون، 40 ڳئون، 80 ٻڪريون، 65 رڍون ۽ 4 اٺ، ڪرني سنگهه وٽ 3 سئو ڍور، راڻا همير سنگهه وٽ 500 ڍور، مُطلب پٽ يوسف وٽ 8 مينهون، 13 ڳئون، 100 ٻڪريون، 50 رڍون ۽ 5 اٺ، ڪنور ڪمار وٽ 10 ڳئون، 100 ٻڪريون، ارباب رحيم وٽ 82 مينهون، 103 ٻڪريون، ارباب ذڪاءُ الله وٽ 590 مينهون، 710 ڳئون، 5500 ٻڪريون، هڪ هزار رڍون، 7 گهوڙا، 55 اٺ، ارباب توڳاڇي فواد رزاق وٽ 80 مينهون، 60 ڳئون، 95 ٻڪريون، 8 اٺ، سينيٽر گيانچند وٽ 20 لک جو چوپايو مال، فقير فيض محمد بلالاڻي وٽ 13 اٺ، 30 مينهون، 30 ڳئون، 80 ٻڪريون، 2 گهوڙا، ارباب لطف الله وٽ 3 ڪروڙ 15 لک ماليت جون 350 مينهون، 2 ڪروڙ 2 لک 50 هزار ماليت جون 450 ڳئون، 8 لک 25 هزار ماليت جون 110 ٻڪريون، 52 لک رپين جي ماليت جا 52 اٺ، ارباب امير امان الله وٽ 2 ڪروڙ 16 لک جون 240 مينهون، هڪ ڪروڙ 30 لک 50 هزار جون 290 ڳئون، 7 لک 50 هزار جون 150 ٻڪريون، 35 لک جا 50 اٺ، عبدالرزاق راهمون وٽ 18 لک جون 18 مينهون، 28 لک 80 هزار جون 48 ڳئون، 15 لک 12 هزار جون 189 ٻڪريون، 3 لک 80 هزار جون 76 رڍون، 6 لک جا 3 اٺ، محمد عيسيٰ پٽ چنيسر وٽ 60 ڏاند، 2 اٺ، 15 رڍون، عبدالغني خان فتح علي وٽ 25 لک جا 28 اٺ، 35 لک جون 35 مينهون، 27 لک جون 45 ڳئون، 16 لک 80 هزار جون 240 ٻڪريون ۽ رڍون، 3 لک 20 هزار جا 4 گهوڙا، ارباب فاورق ستار وٽ هڪ ڪروڙ 37 لک 50 هزار رپين جو چوپايو مال، محمد هارون 10 ڳئون، 50 ٻڪريون، 2 اٺ، 50 رڍون، سردار خان پٽ غلام مصطفيٰ وٽ 6 مينهون، 40 ڳئون، 130 ٻڪريون، عمران خان پٽ ارباب عطاءُ الله وٽ 78 لک جون 101 ميهون، 61 لک جون 129 ڳئون، 5 لک 60 هزار رپين 350 ٻڪريون ۽ رڍون ۽ 64 لک رپين جا 56 اٺ، لڄپت راءِ وٽ 8 لک 60 هزار 9 اٺ، 9 لک رپين جون 11 مينهون، 7 لک 75 هزار رپين جون 15 ڳئون، 3 لک 80 هزار جون 80 ٻڪريون، هڪ لک 80 هزار جون 30 رڍون، ڏيڍ جا 2 گهوڙو گهوڙي، فقير شير محمد بلالاڻي وٽ 15 لک جا 15 اٺ، 30 لک جون 35 مينهون، 25 لکن جون 50 ڳئون، 8 لک جون 129 ٻڪريون، هڪ لک جون 60 رڍون آهن.

پرديپ ميگهواڙ جا اثاثا هڪ سال ۾ هڪ ڪروڙ 32 لک رپيا وڌي ويا

اسلام آباد: پي ايس 56 ٿرپارڪر 3 تي فارم ڀرائيندڙ پرديپ ميگهواڙ پاڻ کي ڪل هڪ ڪروڙ 50 لک 4 هزار 952 رپين جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي، هن پنهنجي اثاثن ۾ ڄاڻايو آهي ته هڪ سال اڳ 30 جون تي وٽس ڪل 17 لک 80 هزار رپين جا اثاثا هئا، هڪ سال اندر سندس اثاثن ۾ هڪ ڪروڙ 32 لک 24 هزار 912 رپين جو اضافو ٿيو آهي

غربت جي ماريل ٿر جو ايم اين اي مهيش ملاڻي اينگرو جي خرچ تي چين گهمي آيو

اسلام آباد: اين اي 222 ٿرپارڪر 2 تان چونڊيل قومي اسيمبلي جي ميمبر مهيش ڪمار ملاڻي سنڌ اينگرو ڪول مائيننگ ڪمپني جي خرچ تي 5 ڏينهن جو چين جو دورو ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي، هن پنهنجي اثاثن ۾ ڄاڻايو آهي ته هن 2014ع ۾ 12 ڏينهن جا 2 غير ملڪي دورا ڪيا، سال 2015ع ۾ 24 ڏينهن جا 5 غير ملڪي دورا ڪيا، جن مان 5 ڏينهن جو چين جو دورو هن سنڌ اينگرو ڪول مائيننگ ڪمپني جي خرچ تي ڪيو، جڏهن ته 2016ع ۾ هن 15 ڏينهن جا 2 غير ملڪي دورا ڪيا.

مهراڻ ۽ الله رکيو ڪو اثاثو نه هجڻ جا دعويدار

اسلام آباد: ڏڪار سٽيل ٿرپارڪر ضلعي جا غريب ۽ اثاثن کان محروم سياستدان رڳو 2 سامهون آيا آهن، جن ۾ پي ايس 54 ٿرپارڪر هڪ تي فارم ڀرائيندڙ مهراڻ پٽ عبدالمجيد، پي ايس 57 ٿرپرڪر 4 تي فارم ڀرائيندڙ الله رکيو پاڻ کي اثاثن کان محروم ڄاڻايو آهي.

همير سنگهه جي اثاثن ۾ سال اندر هڪ ڪروڙ جو اضافو

اسلام آباد: راڻا همير سنگهه ڄاڻايو آهي ته هڪ سال ۾ سندس اثاثن ۾ هڪ ڪروڙ هڪ لک 10 هزار 120 رپين جو اضافو ٿيو، چونڊ فارم ڀرائڻ وقت سندس اثاثن جي ڪل ماليت 6 ڪروڙ 32 لک 10 هزار 120 روپيا هئي، جڏهن ته ان کان هڪ سال اڳ سندس اثاثن جي ڪل ماليت 5 ڪروڙ 31 لک روپيا هئي.

ارباب رحيم، رستم سميجي، محبت جون ٻه ٻه شاديون ڪيون

اسلام آباد: اين اي 222 ٿرپارڪر 2 تان فارم ڀرائيندڙ مطلب پٽ يوسف، اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم، پي ايس 54 ٿرپارڪر هڪ تي فارم ڀرائندڙ رستم علي سميجو، پي ايس 55 تي فارم ڀرائيندڙ سردار خان پٽ غلام مصطفيٰ پي ايس 56 ٿرپارڪر 3 تي فارم ڀرائيندڙ محبتو پٽ پڌو جون ٻه ٻه شاديون ٿيل آهن.

Comments

Popular posts from this blog

“آخر هيءَ رات گذرڻي آ، تو ڇو گهٻرايو آ پيارا!”

“آخر هيءَ رات گذرڻي آ، تو ڇو گهٻرايو آ پيارا!” : “آخر هيءَ رات گذرڻي آ، تو ڇو گهٻرايو آ پيارا!” “آخر هيءَ رات گذرڻي آ، تو ڇو گهٻرايو آ پيارا!” Posted on   May 3, 2019  (1:09 pm) ملڪ ۾ جمھوريت ھجي يا نھ ھجي؟ ھجي تھ ڪيتري ۽ ڪھڙي ھجي؟ پاڪستان ۾ اھي سوال بنيادي نوعيت جا سوال رھيا آھن. جيئن تھ اظھار يا صحافت جي آزادي سڌي طرح سان عوام جي حق سان واڳيل آھي، ان ڪري اھا بھ جمھوريت جيان سدائين ڏچي ۾ رھي آھي. جيئن پاڪستان ۾ جمھوريت کي پوري آزادي سان ھلڻ نھ ڏنو ويو، تيئن پريس جي آزادي بھ سدائين حڪمران ڌرين جي اک ۾ ڪنڊو رھي آھي. اھوئي سبب آھي جو صحافت سينسرشپ جي ڪارن قانونن کان ويندي مختلف دٻائن، دٻڙ ڌؤنس ۽ ڏاڍ جو شڪار رھي آھي. جيتري بھ ۽ جڏھن بھ اھا آزادي ملي سا صحافين ۽ عوام جي جدوجھد جو ئي نتيجو ھئي. سٺ واري ڏھاڪي ۾ ايوب خان پريس اينڊ پبليڪيشن آرڊيننس لاڳو ڪري صحافت کي قيد ڪيو، تڏھن صرف من پسند ماڻھو ئي اخبار جو ڊڪليئريشن حاصل ڪري سگھندا ھئا. ھڪ ڀرپور عوامي تحريڪ جڏھن ايوب خان کي اقتدار کان ڌڪي پري ڪيو تھ چند مھينن لاءِ پريس کي آزادي ملي، ورنھ ان کان اڳ “پريس ايڊوائس” نالي انفرميشن ڊ...

12 millionaire Politicians of Jamshoro

ڄامشوري ۾ مراد شاهه، اسد سڪندر، جلال شاهه، کيئل داس، روشن ٻرڙي سميت 12 ڪروڙ پتي سياستدان، ديارام سڀ کان امير Posted on   April 28, 2019  (1:52 pm) اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) ڄامشوري ضلعي ۾ 12 سياستدان ڪروڙ پتي آهن جن مان ديارام 36 ڪروڙ 30 رپين جي اثاثن سان سڀ کان امير، ملڪ اسد سڪندر 26 ڪروڙ 29، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه 21 ڪروڙ 39 لک، سيد جلال محمود شاهه 3 ڪروڙ 37 لک جي اثاثن جو مالڪ آهي. تفصيل موجب 2018ع جي عام چونڊن جي نامزدگي فارمن ۾ اين اي 233 ڄامشورو تي اثاثا ظاهر ڪندي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه پاڻ کي ڪل 3 ڪروڙ 37 لک 29 هزار 457 رپين جي ماليت جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي، جن ۾ مانجهند ۾ 57 ايڪڙ زمين، 66 لک رپيا روڪ، 33 لک بينڪ بيلنس، 4 لک جو گهريلو سامان، 27 هزار رپين جا هٿيار. 64 لک 60 هزار جون گاڏيون، هڪ ڪروڙ 8 لک 90 هزار جو پٿر ڪريشنگ پلانٽ جو ڪاروبار، 89 لک 80 هزار رپين جي ماليت جي مختلف ملڪيت ظاهر ڪئي آهي.  ن ليگ جي ڪيسو مل کيئل داس ڪوهستاني جي اثاثن ۾ 15 لک جي ڪاروبار ۾ سيڙپ، 34 لک کان وڌيڪ جون گاڏيون، 14 تولا...

Tando Muhammad Khan Politicians Assets

ٽنڊي محمد خان جي سياستدانن ۾ ڪمال چانگ امير ترين،نويد قمر ٻئي نمبر تي ڪمال چانگ وٽ 22 ڪروڙ 54 لکن جا اثاثا، 80 تولا سون، 37 لکن جو بينڪ بيلنس، 11 لکن جا هٿيار شامل نويد قمر وٽ 263 ايڪڙ زمين، 67 لک جي گاڏيون. 50 تولا سون ۽ خانداني ملڪيت جي 20 سيڪڙو سميت 20 ڪروڙ 33 لکن جي ملڪيت Posted on   April 19, 2019  (4:10 pm) اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) ٽنڊي محمد خان ضلعي ۾ به سياست تي ڪروڙ پتي ۽ لک پتي سياستدان ڇانيل آهن، ڪمال چانگ سڀ کان وڌيڪ امير سياستدان، ٻئي نمبر تي نويد قمر آهي. ان سلسلي ۾اين اي 228 ٽنڊو محمد خان تي اثاثن جا تفصيل جمع ڪرائيندڙ عبدالباسط نظاماڻي پاڻ کي 2 لک 65 رپين جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي. جڏهن ته ان ئي تڪ تي فارم ڀرائيندڙ عبدالجبار ميمڻ 20 تولا سون،313 ايڪڙ زمين ۾ ويهه سيڪڙو حصو اسد عباس جو به آهي، 13 هزار جو بينڪ بيلنس، جڏهن ته غلام مرتضيٰ بينڪ اڪائوٽ نمبر ڏنا آهن انهن ۾ رقم جي موجودگي بابت ڪجهه ناهي ڄاڻايو. ڪشف الحسين شاهه 77 ايڪڙ زرعي زمين، گهر، 25 لکن جي ڪاروباري عمارت، 25 تولا سون، لعل بخش ڪلاريو گهر، ٻه تولا سون، لک رپيا روڪ، مير علي نو...