Skip to main content

Thar assets 2

ٿر جو غريب سياستدان به لکن ۾ کيڏندڙ، 3 عورتن فارم ڀرايا

جلال الدين، رمضان، عبدالغني، ابراهيم، جئه شنڪر، ڀورو لال، ڍينگو، سرور به لکن جا مالڪ

اسلام آباد: ڏڪار سٽيل ٿرپارڪر ضلعي ۾ غريب ليکيا ويندڙ سياستدان به لکن جي ملڪيت جا مالڪ آهن، جن ۾ اين اي 221 ٿرپارڪر هڪ تي فارم ڀرائيندڙ جلال الدين 4 لک 40 هزار، اين اي 222 ٿرپارڪر 2 تي فارم ڀرائيندڙ محمد رمضان 2 لک 40 هزار، تلڇي ٻائي 3 لک 11 هزار، عبدالغني 9 لک 59 هزار 492، پي ايس 54 ٿرپارڪر هڪ تي فارم ڀرائيندڙ باگو 10 تولا سون، 15 لک جي ٻي پراپرٽي، 5 ڳئون، 20 ٻڪريون ۽ 2 اٺ، ابراهيم پٽ محمد عالم 11 لک 14 هزار رپين، جئه شنڪر 11 لک 50 هزار، پي ايس 55 ٿرپارڪر 2 تي فارم ڀرائيندڙ ڀورو لال 3 لک 40 هزار 250 رپين، ڍينگو 2 لک 65 هزار، غلام سرور 11 لک 12 هزار 98 روپيا، هيمون پٽ ڀورو مل 5 تولا سون، 2 لک 5 هزار روپيا بينڪ بيلنس، ڪريم ڏنو 5 تولا سون، 7 لک 75 هزار بينڪ بيلنس، ڳوٺ ۾ گهر ۽ زرعي زمين، نند لال 2 لک 50 هزار، نازيه انجم 15 لک 20 هزار 500 رپين، پي ايس 56 ٿرپارڪر 3 تي فارم ڀرائيندڙ عبدالغني پٽ جلال 19 لک 6 هزار، عبدالڪريم پٽ فتح محمد 2 لک 40 هزار رپيا، پي ايس 56 ٿرپارڪر 3 تي فارم ڀرائيندڙ دليپ ڪمار پٽ سارنگ 4 لک 90 هزار، بهاري پٽ روپ چند ڪل 6 لک 50 هزار، دليپ ڪمار پٽ هميرو 11 لک 50 هزار ، کمپل داس پٽ سوڀو 13 لک 93 هزار رپين، لجپت راءِ پٽ چمن سنگهه 5 لک رپين ، لجپت راءِ پٽ ڪولجي مل 17 لک 35 هزار 992 رپين، مير محمد پٽ محمد حسن 11 لک 49 هزار 200 رپين، محبتو پٽ پڌو 2 لک 70 هزار، قربان علي 14 لک 80 هزار، سنيتا ٻائي 17 لک 19 هزار 441 جا اثاثا ظاهر ڪيا آهن، پي ايس 57 ٿرپاڪر 4 تي فارم ڀرائيندڙ عزيز الله 6 لک 20 هزار، چيتن لال 16 لک جي گاڏي، گجو پٽ ديوو هڪ لک رپين ، قيمت راءِ ولاسائي 11 لک، روشن ڪمار 4 لک، سجاد گل ساڍا 3 لک، سوڀراج 2 لک، سنيل شتروگهن 2 تولا سون، 10 تولا چاندي، 45 هزر رپيا روڪ، محرم علي پٽ ولي محمد صرف 10 هزار رپين جا اثاثا ظاهر ڪيا آهن.

ٿر جهڙي پرامن علائقي ۾ به سياستدانن کي خوف، لکن جي هٿيارن جا مالڪ

اسلام آباد: سنڌ ۾ پرامن ضلعو تصور ٿيندڙ ٿرپارڪر ضلعي جي سياستدانن وٽ ججهي تعداد ۾ هٿيار هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ارباب رحيم وٽ رائفل، جي ٿري ۽ پسٽل، ارباب ذڪاءُ الله وٽ موجود 15 هٿيارن ۾ 4 شارٽ گنون، 2 پسٽل، هڪ ريوالور، 2 رائفلون، هڪ ايم پي فائيو رائيفل، 7.62 ايم ايم جون 4 رائفلون، جي ٿري، اي – ٿري رائفل، ارباب توڳاچي فواد رزاق وٽ 2 پسٽل، 2 شارٽ گنون، 2 رائفلون، ڪلاشنڪوف، فقير فيض محمد بلالاڻي شارٽ گن ۽ پسٽل، ڪرني سنگهه سوڍي وٽ 2 شارٽ گنون، هڪ رائيفل، هڪ پسٽل، راڻا همير سنگهه وٽ 5 پسٽل، 4 رائفل، ۽ هڪ شارٽ گن، پي ايس 54 ٿرپارڪر هڪ تان چونڊيل عبدالرزاق راهمون وٽ 2 شارٽ گنون، 2 رائفلون، 2 پسٽل، فقير شير محمد بلالاڻي وٽ 2 شارٽ گنون، پسٽل، 2 رائفلون آهن.


ٿر جا سياستدان منفرد، اثاثن ۾ ڳئون، مينهون، رڍون، ٻڪريون، اٺ ۽ گهوڙا به شامل

اسلام آباد: ٿرپاڪر ضلعي جي سياستدانن وٽ ڪروڙن جو چوپايو مال اٺ ۽گهوڙا به آهن، دلاور خان وٽ 20 مينهون، 40 ڳئون، 80 ٻڪريون، 65 رڍون ۽ 4 اٺ، ڪرني سنگهه وٽ 3 سئو ڍور، راڻا همير سنگهه وٽ 500 ڍور، مُطلب پٽ يوسف وٽ 8 مينهون، 13 ڳئون، 100 ٻڪريون، 50 رڍون ۽ 5 اٺ، ڪنور ڪمار وٽ 10 ڳئون، 100 ٻڪريون، ارباب رحيم وٽ 82 مينهون، 103 ٻڪريون، ارباب ذڪاءُ الله وٽ 590 مينهون، 710 ڳئون، 5500 ٻڪريون، هڪ هزار رڍون، 7 گهوڙا، 55 اٺ، ارباب توڳاڇي فواد رزاق وٽ 80 مينهون، 60 ڳئون، 95 ٻڪريون، 8 اٺ، سينيٽر گيانچند وٽ 20 لک جو چوپايو مال، فقير فيض محمد بلالاڻي وٽ 13 اٺ، 30 مينهون، 30 ڳئون، 80 ٻڪريون، 2 گهوڙا، ارباب لطف الله وٽ 3 ڪروڙ 15 لک ماليت جون 350 مينهون، 2 ڪروڙ 2 لک 50 هزار ماليت جون 450 ڳئون، 8 لک 25 هزار ماليت جون 110 ٻڪريون، 52 لک رپين جي ماليت جا 52 اٺ، ارباب امير امان الله وٽ 2 ڪروڙ 16 لک جون 240 مينهون، هڪ ڪروڙ 30 لک 50 هزار جون 290 ڳئون، 7 لک 50 هزار جون 150 ٻڪريون، 35 لک جا 50 اٺ، عبدالرزاق راهمون وٽ 18 لک جون 18 مينهون، 28 لک 80 هزار جون 48 ڳئون، 15 لک 12 هزار جون 189 ٻڪريون، 3 لک 80 هزار جون 76 رڍون، 6 لک جا 3 اٺ، محمد عيسيٰ پٽ چنيسر وٽ 60 ڏاند، 2 اٺ، 15 رڍون، عبدالغني خان فتح علي وٽ 25 لک جا 28 اٺ، 35 لک جون 35 مينهون، 27 لک جون 45 ڳئون، 16 لک 80 هزار جون 240 ٻڪريون ۽ رڍون، 3 لک 20 هزار جا 4 گهوڙا، ارباب فاورق ستار وٽ هڪ ڪروڙ 37 لک 50 هزار رپين جو چوپايو مال، محمد هارون 10 ڳئون، 50 ٻڪريون، 2 اٺ، 50 رڍون، سردار خان پٽ غلام مصطفيٰ وٽ 6 مينهون، 40 ڳئون، 130 ٻڪريون، عمران خان پٽ ارباب عطاءُ الله وٽ 78 لک جون 101 ميهون، 61 لک جون 129 ڳئون، 5 لک 60 هزار رپين 350 ٻڪريون ۽ رڍون ۽ 64 لک رپين جا 56 اٺ، لڄپت راءِ وٽ 8 لک 60 هزار 9 اٺ، 9 لک رپين جون 11 مينهون، 7 لک 75 هزار رپين جون 15 ڳئون، 3 لک 80 هزار جون 80 ٻڪريون، هڪ لک 80 هزار جون 30 رڍون، ڏيڍ جا 2 گهوڙو گهوڙي، فقير شير محمد بلالاڻي وٽ 15 لک جا 15 اٺ، 30 لک جون 35 مينهون، 25 لکن جون 50 ڳئون، 8 لک جون 129 ٻڪريون، هڪ لک جون 60 رڍون آهن.

پرديپ ميگهواڙ جا اثاثا هڪ سال ۾ هڪ ڪروڙ 32 لک رپيا وڌي ويا

اسلام آباد: پي ايس 56 ٿرپارڪر 3 تي فارم ڀرائيندڙ پرديپ ميگهواڙ پاڻ کي ڪل هڪ ڪروڙ 50 لک 4 هزار 952 رپين جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي، هن پنهنجي اثاثن ۾ ڄاڻايو آهي ته هڪ سال اڳ 30 جون تي وٽس ڪل 17 لک 80 هزار رپين جا اثاثا هئا، هڪ سال اندر سندس اثاثن ۾ هڪ ڪروڙ 32 لک 24 هزار 912 رپين جو اضافو ٿيو آهي

غربت جي ماريل ٿر جو ايم اين اي مهيش ملاڻي اينگرو جي خرچ تي چين گهمي آيو

اسلام آباد: اين اي 222 ٿرپارڪر 2 تان چونڊيل قومي اسيمبلي جي ميمبر مهيش ڪمار ملاڻي سنڌ اينگرو ڪول مائيننگ ڪمپني جي خرچ تي 5 ڏينهن جو چين جو دورو ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي، هن پنهنجي اثاثن ۾ ڄاڻايو آهي ته هن 2014ع ۾ 12 ڏينهن جا 2 غير ملڪي دورا ڪيا، سال 2015ع ۾ 24 ڏينهن جا 5 غير ملڪي دورا ڪيا، جن مان 5 ڏينهن جو چين جو دورو هن سنڌ اينگرو ڪول مائيننگ ڪمپني جي خرچ تي ڪيو، جڏهن ته 2016ع ۾ هن 15 ڏينهن جا 2 غير ملڪي دورا ڪيا.

مهراڻ ۽ الله رکيو ڪو اثاثو نه هجڻ جا دعويدار

اسلام آباد: ڏڪار سٽيل ٿرپارڪر ضلعي جا غريب ۽ اثاثن کان محروم سياستدان رڳو 2 سامهون آيا آهن، جن ۾ پي ايس 54 ٿرپارڪر هڪ تي فارم ڀرائيندڙ مهراڻ پٽ عبدالمجيد، پي ايس 57 ٿرپرڪر 4 تي فارم ڀرائيندڙ الله رکيو پاڻ کي اثاثن کان محروم ڄاڻايو آهي.

همير سنگهه جي اثاثن ۾ سال اندر هڪ ڪروڙ جو اضافو

اسلام آباد: راڻا همير سنگهه ڄاڻايو آهي ته هڪ سال ۾ سندس اثاثن ۾ هڪ ڪروڙ هڪ لک 10 هزار 120 رپين جو اضافو ٿيو، چونڊ فارم ڀرائڻ وقت سندس اثاثن جي ڪل ماليت 6 ڪروڙ 32 لک 10 هزار 120 روپيا هئي، جڏهن ته ان کان هڪ سال اڳ سندس اثاثن جي ڪل ماليت 5 ڪروڙ 31 لک روپيا هئي.

ارباب رحيم، رستم سميجي، محبت جون ٻه ٻه شاديون ڪيون

اسلام آباد: اين اي 222 ٿرپارڪر 2 تان فارم ڀرائيندڙ مطلب پٽ يوسف، اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم، پي ايس 54 ٿرپارڪر هڪ تي فارم ڀرائندڙ رستم علي سميجو، پي ايس 55 تي فارم ڀرائيندڙ سردار خان پٽ غلام مصطفيٰ پي ايس 56 ٿرپارڪر 3 تي فارم ڀرائيندڙ محبتو پٽ پڌو جون ٻه ٻه شاديون ٿيل آهن.

Comments

Popular posts from this blog

Badin- 29 millionaire politician

بدين ۾ 29 ڪروڙپتي سياستدان، ڪمال چانگ سڀ کان امير، ذوالفقار مرزا ۽ پپو شاهه وٽ گهروارين کان گهٽ دولت عبدالغفور نظاماڻي 20 ڪروڙ، غلام علي ٽالپر 19،محمد هاليپوٽو 17، فهميده مرزا 16 ڪروڙ ۽ اسماعيل راهو پوڻا 6 ڪروڙن جو مالڪ نڪتو محمد بشير 5، ظفر نظاماڻي پوڻا 5، سائين بخش جمالي ساڍا 4، حسنين مرزا ساڍا 3، صغير لغاري 3 ۽ رياض نظاماڻي سوا 3 ڪروڙ ظاهر ڪيا Posted on   May 7, 2019  (2:00 pm) اسلام آباد (رپورٽ:ايم بي سومرو) بدين ضلعي جي سياستدانن ۾ سڀ کان امير ڪمال چانگ 22 ڪروڙ 54 لک رپين جي اثاثن جو مالڪ ظاهر ٿيو آهي، جڏهن ته اڳوڻو صوبائي وزير ذوالفقار مرزا پنهنجي پٽ ۽ گهرواري کان به گهٽ اثاثا رکندڙ آهي، سيد پپو شاهه کان سندس گهرواري بي بي ياسمين شاهه وڌيڪ امير آهي. ضلعي ۾ 29 سياستدانن پاڻ کي ڪروڙ پتي ڄاڻايو آهي. 2018ع جي عام چونڊن ۾ نامزدگي فارم سان گڏ اين اي 229 بدين هڪ تي فارم ڀرائيندڙ عبدالستار لغاري پنهنجي نالي تي 109 ايڪڙ، گهر واري جي نالي 39 ايڪڙ زمين، 16 لک جون گاڏيون، 20 تولا سون پنهنجي اثاثن ۾ ظاهر ڪيو آهي، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي21 لک 84 هزار 930 رپين جي اثاثن ۾ 708 ايڪڙ

Matiari Politicians assets

مٽياري ۾ سياستدانن وٽ ڪروڙن جا اثاثا،امير علي شاهه وڌيڪ ملڪيت وارو، مخدوم رفيق الزمان به ڪروڙن جو مالڪ امير علي شاهه وٽ 26 ڪروڙ 54 لکن کان وڌيڪ اثاثا، مخدوم رفيق 16 ڪروڙ ملڪيت جو مالڪ Posted on   April 20, 2019  (1:16 pm) اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) مٽياري ضلعي سان تعلق رکندڙ سياستدان وٽ به ڪروڙن جا اثاثا آهن، سيد پير امير علي شاهه ضلعي ۾ سڀ کان وڌيڪ پئسي وارو سياستدان آهن. ان سلسلي ۾ 2018ع واري اليڪشن ۾ نامزدگي فارم سان گڏ جمع ڪرايل اثاثن مطابق اين اي 223 مٽياري تي اميدوار عبدالرزاق ميمڻ وٽ ڪل 7 ڪروڙ 97 لک 16 هزار 631 جا اثاثا آهن، جن 53 لک 80 هزار ماليت جي مختلف ملڪيت، 2 ڪروڙ 97 لک 50 هزار جو ڪاروبار، هڪ ڪروڙ 27 لک 55 هزار رپين جون گاڏيون، 100 تولا سون، 2 ڪروڙ 38 لک 15 هزار روپين جو بينڪ بيلنس شامل آهي، عبدالرزاق ميمڻ جون قاسم آباد حيدرآباد جي اقبال ولاز ۾ مختلف ملڪيتون، ميمڻ ٽائون قاسم آباد ۾ بنگلو، 180 ايڪڙ زمين، سي اين جي ۽ پيٽروليم ۾ 50 سيڪڙو حصو به ڄاڻايو آهي. ايڊووڪيٽ امير عباس لغاري پاڻ کي 4 ڪروڙ 46 لک روپين جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي، جنهن ۾ 25 لک جي گاڏي، 10

Thatta rich Politicians Assets

ٺٽي ضلعي جي سياستدانن مان نوابشاهه ڄائو علي حسن زرداري سڀ کان امير ايم پي اي علي حسن زرداري وٽ 41 ڪروڙ 72 لک ۽ ممتاز علي ميمڻ وٽ 20 ڪروڙ 57 لک رپين جا اثاثا محمود عالم شاهه 12 ڪروڙ 33 لک،پير غلام رحماني 3 ڪروڙ هڪ لک ۽ سسئي پليجو 2 ڪروڙ 47 لکن جا مالڪ Posted on   May 4, 2019  (1:52 pm) اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) ٺٽي ضلعي مان اليڪشن وڙهندڙ سياستدانن ۾ نوابشاهه ڄائو ايم پي اي علي حسن زرداري سڀني کان امير، وٽس 41 ڪروڙ 72 لک 59 هزار 373 رپين جا اثاثا، ممتاز علي ميمڻ 20 ڪروڙ 57 لک جي اثاثن جو مالڪ آهي. ان سلسلي ۾ ٺٽي ضلعي مان چونڊ وڙهندڙ سياستدانن طرفان ظاهر ڪيل اثاثن مطابق اين اي 232 ٺٽو تي فارم ڀرائيندڙ حسن بلوچ 68 لک 60 هزار جا اثاثا ۽ 17 ايڪڙ زمين به ڄاڻائي، عبدالواحد سومرو 62 لک 43 هزار رپين جي اثاثن ۾ 131 ايڪڙ زمين، 40 ايڪڙ ليز تي ورتل زمين ۽ 25 تولا سون به ظاهر ڪيو، علي محمد جوکيو 50 لک، ارسلان بخش بروهي 2 ڪروڙ 44 لک 74 هزار 692، دلدار احمد خاصخيلي هڪ ڪروڙ 80 لک جي اثاثن سميت 60 ايڪڙ زرعي زمين، گل محمد سمون ريڊار هڪ ڪروڙ 78 لک 68 هزار 220 رپين جي اثاثن سان گڏ 421 اي