Skip to main content

Thar politicians assets


ڏڪار سٽيل ٿر جا 95 سيڪڙو سياستدان امير، غريب ٿرين تي ڪروڙ پتي شاهه محمود، ارباب رحيم جي حڪمراني

دلاور خان 5 ڪروڙ، شاهه محمود قريشي 28 ڪروڙ، نور محمد شاهه جيلاني 3 ڪروڙ، سڪندر علي هڪ ڪروڙ ڪرني سنگهه 3 ڪروڙ جو مالڪ

راڻا همير سنگهه وٽ 6 ڪروڙ، ارباب غلام رحيم 6 ڪروڙ، ارباب ذڪاءُ الله 3 ڪروڙ، ارباب توڳاچي70 لک ۽ ارباب انور وٽ 8 ڪروڙ جا اثاثا
اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) هميشه ڏڪار جو شڪار رهندڙ ٿرپارڪر ضلعي جا 95 سيڪڙو اليڪشني سياستدان شاهوڪار نڪتا، ٿرپارڪر ضلعي جي سياستدانن ۾ سڀ کان امير فقير شير محمد بلالاڻي 38 ڪروڙ 74 لک جي اثاثن جو مالڪ آهي، جڏهن ته شاهه محمود قريشي، ارباب لطف،ارباب انور، قاسم سومرو، ارباب غلام رحيم، راڻا همير سنگهه، دلاور خان، رميش ڪمار وانڪواڻي، پير نور محمد شاهه، ارباب توڳاچي فواد رزاق سميت 27 امير سياستدان آهن. تفصيل موجب 2018ع جي عام چونڊن ۾ نامزدگي فارم سان گڏ اين اي 221 ٿرپارڪر هڪ تي اثاثا ظاهر ڪندي عبدالعزيز پٽ محمد عباس مجموعي طور تي 28 لک 10 هزار رپين، دلاور خان پاڻ کي 5 ڪروڙ 4 لک 42 هزار 624 رپين جو مالڪ ڄاڻايو آهي، هن جي اثاثن ۾ 152 ايڪڙ زرعي زمين به شامل آهي، امتياز علي سمون 21 لک 60 هزار رپين، موجوده پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي 28 ڪروڙ 36 لک 67 هزار 67 رپين جا اثاثا ظاهر ڪيا جن ۾ 406 ڪنال زرعي زمين، ملتان، لاهور، اسلام آباد ۾ گهر به شامل آهن، ممتاز علي راهمون 78 لک هڪ هزار 412 رپين، پير نور محمد شاهه جيلاني 3 ڪروڙ 95 لک 56 هزار 216 رپين جا اثاثا ظاهر ڪيا، جن ۾ 53 ايڪڙ زرعي زمين، هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ بينڪ بيلنس، هڪ ڪروڙ رپين جي ماليت جون گاڏيون به شامل آهن، هن جي زمين جي ماليت 23 لک، اوطاق جي ماليت 10 لک، گهر جي 5 لک، حيدرآباد ۾ فليٽ جي 28 لک، ڇاڇرو ۾اوپن پلاٽ جي ماليت هڪ لک رپيا ڄاڻائي آهي، سڪندر علي هڪ ڪروڙ رپين، ذوالفقار علي 47 لک 25 هزار رپين، اين اي 222 ٿرپارڪر 2 تان فارم ڀرائيندڙ ڪرني سنگهه سوڍا پٽ همير سنگهه 3 ڪروڙ 51 لک 57 هزار 344 رپين جا اثاثا ظاهر ڪيا آهن، هن جي اثاثن ۾ 318 ايڪڙ زرعي زمين، 25 لک جي زرعي مشينري، 200 تولا سون، هڪ ڪروڙ 32 لک بينڪ بيلنس، 60 لک جي گاڏي، 44 لک 86 هزار جا بانڊ به آهن، راڻا همير سنگهه 6 ڪروڙ 32 لک 10 هزار 120 رپين جا اثاثا ظاهر ڪيا جنهن ۾ 44 لک 4 هزار جو بينڪ بيلنس، هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ جون گاڏيون، 100 تولا سون، 2 هزار گز جو ڪراچي ۾ خانداني گهر، 290 ايڪڙ وارياسي زمين، 272 ايڪڙ زرعي زمين، عمر ڪوٽ ۾ گهر، گهرواري جي نالي تي 288 ايڪڙ زمين، 55 لک 70 هزار جا پلاٽ ڄاڻايا آهن، محمد ميين هڪ ڪروڙ 89 لک 58 هزار 700 رپين، مطلب پٽ يوسف 60 لک 69 هزار رپين جي اثاثن ۾ 10 ايڪڙ زمين به ڄاڻائي آهي، خدا بخش پٽ علي محمد 75 لک 69 هزار، ڪنور ڪمار 47 لک 7 هزار 715 رپين، سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم جي 6 ڪروڙ 37 لک 33 هزار 686 رپين جي اثاثن ۾ 181 ايڪڙ زرعي زمين، 5 لک 69 هزار رپين جو بينڪ بيلنس، رائفل، جي ٿري، پسٽل، هڪ ڪروڙ 40 لک جون گاڏيون، 6 لک 75 هزار جا 2 ٽريڪٽر، يو اي اي ۾ ريسٽورنٽ، سندس پٽ ارباب اسماعيل، ارباب ڪامران جي نالن تي 36-36 ايڪڙ، گهرواريءَ جي نالي تي 324 ايڪڙ باراني زمين، اسلام آباد ۾ گهر ۽ بحريه ٽائون ڪراچي ۾ پلاٽ به ظاهر ڪيو آهي. ارباب ذڪاءُ الله جي3 ڪروڙ 3 لک 9 هزار 814 رپين جي اثاثن ۾ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ جو بينڪ بيلنس، 158 ايڪڙ زمين ڌيئرن جي نالي تي، ماءُ جي نالي تي 93 ايڪڙ زمين، زال جي نالي تي 229 ايڪڙ زمين، پنهنجي نالي تي 281 ايڪڙ زمين آهي، ارباب توڳاچي فواد رزاق جي70 لک 25 هزار 745 رپين جي اثاثن ۾ 34 ايڪڙ زمين به شامل آهي، ارباب انور جبار جي 8 ڪروڙ 83 لک 75 هزار 426 رپين جي ۾ 534 ايڪڙ زمين، 24 لک 76 هزار جو بينڪ بيلنس، بدين ۾ 38 هزار 250 فوٽ جو پلاٽ، ڳوٺ ۾ گهر، اوطاق، ڄامشوري ۾ 400 گز جا 2 پلاٽ، ڪراچي ۾ فليٽ شامل آهي، تڪ تان چونڊيل ايم اين اي مهيش ڪمار ملاڻي جي 2 ڪروڙ 90 لک 5 هزار 671 رپين اثاثن ۾ 207 ايڪڙ زرعي زمين، مٺي، حيدرآباد ۾ گهر، اسلام آباد جي پارڪ انڪليو ۾ قسطن تي بڪ ڪرايل پلاٽ، بحريه ٽائون ڪراچي ۾ بڪ ڪرايل ولا ۽ 40 تولا سون شامل آهي، سينيٽر گيانچند جي هڪ ڪروڙ 60 لک 53 هزار 958 رپين جي اثاثن ۾ 23 لک جي گاڏي، 29 ايڪڙ زمين، 63 لک رپين جي ڪاروبار ۾ سيڙپ، فقير فيض محمد بلالاڻي 3 ڪروڙ 45 لک 40 هزار جي اثاثن ۾ 48 ايڪڙ زمين، 300 تولا چاندي، 29 تولا سون، ارباب امير امان الله جي 8 ڪروڙ 27 لک 89 هزار 50 رپين جي اثاثن ۾ 234 ايڪڙ زمين، 55 تولا سون، 4 لک 50 هزار جا بانڊ، 3 لک 66 هزار جو بينڪ بيلنس، اقليتي ايم اين اي ڊاڪٽر رميش ڪمار وانڪواڻي 4 ڪروڙ 5 لک 91 هزار 200 رپين، هيمون لڌوجي 22 لک 81 هزار 75 رپين، پي ايس 54 ٿرپارڪر هڪ تي فارم ڀرائيندڙ عبدالرزاق راهمون جي هڪ ڪروڙ 20 لک 9 هزار 174 رپين جي اثاثن ۾ 20 تولا سون، 2 ڪلو چاندي، ڇاڇرو واري گهر ۾ حصو ظاهر ڪيو آهي. علي اڪبر پٽ محمد عثمان 53 لک 52 هزار 872 رپين، دوست محمد جي هڪ ڪروڙ 73 لک 57 هزار 532 رپين جي اثاثن ۾ 17 ايڪڙ زمين، 9 لک بانڊ، 4500 گرام چاندي ۽ 200 گرام سون، حبيب الله 29 لک 90 هزار 219 رپين، لياقت علي راهمون 98 لک هڪ هزار رپين، مشتاق علي 22 لک 58 هزار 419 رپين، پير امداد علي شاهه جيلاني 29 لک 2 هزار رپين، رستم علي سميجو 20 لک 30 هزار، پي ايس 55 ٿرپارڪر 2 تي فارم ڀرائيندڙ عبدالغني خان فتح علي 2 ڪروڙ 80 لک 81 هزار 7 35 رپين، ارباب فاروق ستار 2 ڪروڙ 91 لک 60 هزار 93 رپين جي اثاثن ۾ 305 ايڪڙ زمين به ظاهر ڪئي آهي، لال محمد پٽ عبدالله 38 لک رپين، محمد هارون 22 لک 50 هزار رپين، مبارڪ پٽ سليمان 62 لک، قمر خان کوسو 2 ڪروڙ 14 لک 4 هزار 771 روپيا، محمد قاسم سومرو 8 ڪروڙ 70 لک 54 هزار 35 رپين، سردار خان پٽ غلام مصطفيٰ 95 لک 87 هزار 288 رپين، سڪندر علي پٽ محمد سليم هڪ ڪروڙ 8 لک 60 هزار رپين، عمران خان پٽ ارباب عطاءُ الله 2 ڪروڙ 65 لک 98 هزار 175 رپين اثاثن ۾ 140 ايڪڙ زرعي زمين ظاهر ڪئي آهي. لڄپت راءِ 45 لک 63 هزار 487 رپين، پي ايس 56 ٿرپارڪر 3 تي فارم ڀرائيندڙ ڀيرو مل 75 لک 58 هزار، فقير شير محمد بلالاڻي جي 38 ڪروڙ 74 لک 76 هزار 672 رپين جي اثاثن ۾ 359 ايڪڙ زمين، 300 تولا چاندي، 25 تولا سون، غلام مصطفيٰ پٽ عبدالرحيم 50 لک 47 هزار رپين، ارشاد علي پٽ فقير محمد 31 لک 10 هزار رپين، ڊاڪٽر کٽو مل پٽ ديا رام هڪ ڪروڙ 49 لک رپين، ڊاڪٽر منوج ڪمار 83 لک 32 هزار 887 رپين، ڊاڪٽر موهن منجاڻي 43 لک 10 هزار رپين، روشن علي 82 لک 89 هزار، پي ايس 57 ٿرپاڪر 4 تان چونڊيل ارباب لطف الله 12 ڪروڙ 8 لک 77 هزار 985 رپين جي اثاثن ۾ 301 ايڪڙ زرعي زمين، پيٽرول پمپ ۾ سيڙپ 83 لک 60 هزار، 60 تولا سون، 12 لک جا بانڊ ظاهر ڪيا آهن. ڀرت ڪمار 93 لک 60 هزار رپيا، گهنشام مالهي 68 لک 35 هزار 871 رپين، حاجي پٽ سونهارو 25 لک رپين، نواز علي جوڻيجو هڪ ڪروڙ 58 لک 5 هزار رپين ۽ خالد محمود پاڻ کي 67 لک رپين جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي

Comments

Popular posts from this blog

12 millionaire Politicians of Jamshoro

ڄامشوري ۾ مراد شاهه، اسد سڪندر، جلال شاهه، کيئل داس، روشن ٻرڙي سميت 12 ڪروڙ پتي سياستدان، ديارام سڀ کان امير Posted on   April 28, 2019  (1:52 pm) اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) ڄامشوري ضلعي ۾ 12 سياستدان ڪروڙ پتي آهن جن مان ديارام 36 ڪروڙ 30 رپين جي اثاثن سان سڀ کان امير، ملڪ اسد سڪندر 26 ڪروڙ 29، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه 21 ڪروڙ 39 لک، سيد جلال محمود شاهه 3 ڪروڙ 37 لک جي اثاثن جو مالڪ آهي. تفصيل موجب 2018ع جي عام چونڊن جي نامزدگي فارمن ۾ اين اي 233 ڄامشورو تي اثاثا ظاهر ڪندي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه پاڻ کي ڪل 3 ڪروڙ 37 لک 29 هزار 457 رپين جي ماليت جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي، جن ۾ مانجهند ۾ 57 ايڪڙ زمين، 66 لک رپيا روڪ، 33 لک بينڪ بيلنس، 4 لک جو گهريلو سامان، 27 هزار رپين جا هٿيار. 64 لک 60 هزار جون گاڏيون، هڪ ڪروڙ 8 لک 90 هزار جو پٿر ڪريشنگ پلانٽ جو ڪاروبار، 89 لک 80 هزار رپين جي ماليت جي مختلف ملڪيت ظاهر ڪئي آهي.  ن ليگ جي ڪيسو مل کيئل داس ڪوهستاني جي اثاثن ۾ 15 لک جي ڪاروبار ۾ سيڙپ، 34 لک کان وڌيڪ جون گاڏيون، 14 تولا...

Badin- 29 millionaire politician

بدين ۾ 29 ڪروڙپتي سياستدان، ڪمال چانگ سڀ کان امير، ذوالفقار مرزا ۽ پپو شاهه وٽ گهروارين کان گهٽ دولت عبدالغفور نظاماڻي 20 ڪروڙ، غلام علي ٽالپر 19،محمد هاليپوٽو 17، فهميده مرزا 16 ڪروڙ ۽ اسماعيل راهو پوڻا 6 ڪروڙن جو مالڪ نڪتو محمد بشير 5، ظفر نظاماڻي پوڻا 5، سائين بخش جمالي ساڍا 4، حسنين مرزا ساڍا 3، صغير لغاري 3 ۽ رياض نظاماڻي سوا 3 ڪروڙ ظاهر ڪيا Posted on   May 7, 2019  (2:00 pm) اسلام آباد (رپورٽ:ايم بي سومرو) بدين ضلعي جي سياستدانن ۾ سڀ کان امير ڪمال چانگ 22 ڪروڙ 54 لک رپين جي اثاثن جو مالڪ ظاهر ٿيو آهي، جڏهن ته اڳوڻو صوبائي وزير ذوالفقار مرزا پنهنجي پٽ ۽ گهرواري کان به گهٽ اثاثا رکندڙ آهي، سيد پپو شاهه کان سندس گهرواري بي بي ياسمين شاهه وڌيڪ امير آهي. ضلعي ۾ 29 سياستدانن پاڻ کي ڪروڙ پتي ڄاڻايو آهي. 2018ع جي عام چونڊن ۾ نامزدگي فارم سان گڏ اين اي 229 بدين هڪ تي فارم ڀرائيندڙ عبدالستار لغاري پنهنجي نالي تي 109 ايڪڙ، گهر واري جي نالي 39 ايڪڙ زمين، 16 لک جون گاڏيون، 20 تولا سون پنهنجي اثاثن ۾ ظاهر ڪيو آهي، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي21 لک 84 هزار 930 رپين جي اثاثن ۾ ...

Maqbool billionaire, Imamudin Shoqeen, Fida Dero milionairs, Sanghar Politicians assets

سانگهڙ ۾ مقبول احمد امير سياستدان، امام الدين شوقين، فدا ڏيرو، ذوالفقار علي ڪروڙ پتي مقبول احمد 5 ارب سيڙپ سميت 11 ڪروڙ،امام الدين شوقين 45 ڪروڙ ۽ فدا حسين ڏيرو 43 ڪروڙ ظاهر ڪيا ذوالفقار علي روشن 30 ڪروڙ 13 لک، ڄام ذوالفقار 15 ڪروڙ 15 لک ۽ نصير ميمڻ 11 ڪروڙ 52 لک جا اثاثا رکن ٿا Posted on   May 2, 2019  (1:47 pm)  Maqbool billionaire, Imamudin Shoqeen, Fida Dero milionairs, Sanghar Politicians assets اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) سانگهڙ ضلعي ۾مقبول احمد 5 ارب جي اثاثن سان سڀ کان وڌيڪ امير سياستدان، ٻئي نمبر تي سينيٽر امام الدين شوقين ۽ ٽئين نمبر تي فدا حسين ڏيرو آهن.   سياستدانن طرفان جمع ڪرايل اثاثن جي تفصيلن مطابق اين اي 215 سانگهڙ تان چونڊيل ايم اين اي نويد ڏيرو پاڻ کي مجموعي طور 2 ڪروڙ 69 لک 61 هزار رپين جي اثاثن جو مالڪ ظاهر ڪيو آهي، جن 298 ايڪڙ زمين، هڪ سئو تولا سون، هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ بئنڪ بيلنس، 40 لک رپين جو چوپايو مال. ٽنڊي آدم ۾ 32 لک ماليت جو بنگلو به شامل آهي،  حاجي خدا بخش راڄڙ 10 ڪروڙ 76 لک 82 هزار 314 رپين جا اثاثا ڏي...