Skip to main content

Thatta rich Politicians Assets


ٺٽي ضلعي جي سياستدانن مان نوابشاهه ڄائو علي حسن زرداري سڀ کان امير

ايم پي اي علي حسن زرداري وٽ 41 ڪروڙ 72 لک ۽ ممتاز علي ميمڻ وٽ 20 ڪروڙ 57 لک رپين جا اثاثا

محمود عالم شاهه 12 ڪروڙ 33 لک،پير غلام رحماني 3 ڪروڙ هڪ لک ۽ سسئي پليجو 2 ڪروڙ 47 لکن جا مالڪ
اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) ٺٽي ضلعي مان اليڪشن وڙهندڙ سياستدانن ۾ نوابشاهه ڄائو ايم پي اي علي حسن زرداري سڀني کان امير، وٽس 41 ڪروڙ 72 لک 59 هزار 373 رپين جا اثاثا، ممتاز علي ميمڻ 20 ڪروڙ 57 لک جي اثاثن جو مالڪ آهي. ان سلسلي ۾ ٺٽي ضلعي مان چونڊ وڙهندڙ سياستدانن طرفان ظاهر ڪيل اثاثن مطابق اين اي 232 ٺٽو تي فارم ڀرائيندڙ حسن بلوچ 68 لک 60 هزار جا اثاثا ۽ 17 ايڪڙ زمين به ڄاڻائي، عبدالواحد سومرو 62 لک 43 هزار رپين جي اثاثن ۾ 131 ايڪڙ زمين، 40 ايڪڙ ليز تي ورتل زمين ۽ 25 تولا سون به ظاهر ڪيو، علي محمد جوکيو 50 لک، ارسلان بخش بروهي 2 ڪروڙ 44 لک 74 هزار 692، دلدار احمد خاصخيلي هڪ ڪروڙ 80 لک جي اثاثن سميت 60 ايڪڙ زرعي زمين، گل محمد سمون ريڊار هڪ ڪروڙ 78 لک 68 هزار 220 رپين جي اثاثن سان گڏ 421 ايڪڙ زرعي زمين، رٽائرڊ نيوي آفيسر حبيب الرحمان 6 ڪلو سون ۽ 30 لک روڪ اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو، ممتاز علي ميمڻ 20 ڪروڙ 57 لک 19 هزار 700 رپين جي اثاثن ۾ 291 ايڪڙ زمين، 3 ڪروڙ 33 لک 45 هزار 243 رپين جو بينڪ بيلنس ۽ 50 تولا سون ظاهر ڪيو. هن سال 2017 ۾ هڪ ڪروڙ 57 لک 55 هزار، سال 2016ع ۾ 67 لک 83 هزار، سال 2015ع ۾ 95 لک 95 هزار آمدني تي انڪم ٽيڪس ادا ڪيو. پير غلام رحماني شاهه 3 ڪروڙ هڪ لک 73 هزار 534 رپين جي اثاثن ۾ ايس اين جي پسٽل، رائيفل، اسٽينڊ گن، 30 مينهون، 24 ڳئون، 150 تولا سون ظاهر ڪيو، رابعه جوکيو 75 لک 26 رپين جا اثاثا ظاهر ڪيا، اين اي 232 تان چونڊيل ايم اين اي شمس النساءَ ميمڻ 33 لک 58 هزار 832 رپين جا اثاثا ڏيکاريا، جڏهن ته سندس نالي تي ڪا گاڏي ناهي، وٽس 30 تولا سون، 94 ايڪڙ زمين آهي. طفيل احمد پٽ غلام حسين بابو 13 ايڪڙ زمين سميت هڪ ڪروڙ 10 لک 98 هزار 137، پي ايس 77 ٺٽو هڪ تي فارم ڀرائيندڙ عبدالحميد سومرو 65 ايڪڙ زمين کانسواءِ 21 لک 15 هزار 604، محمود عالم شاهه 12 ڪروڙ 33 لک 26 هزار 715 رپين جا اثاثا ڄاڻايا، جن ۾ 131 ايڪڙ زمين، 5 ڪروڙ 22 لک 10 هزار 358 رپين جو بينڪ بيلنس، 20 تولا سون، هڪ ڪروڙ 45 لک جي سيڙپڪاري، 5 ڪروڙ 32 لک 35 هزار ماليت جو گهر ۽ پلاٽ ظاهر ڪيو، محمد دائود خاصخيلي 41 لک، رميش ڪمار لوهاڻو 77 لک 84 هزار 70 روپيا ۽ 35 ايڪڙ زمين ظاهر ڪئي، انهيءَ تڪ تان چونڊيل رياض حسين شاهه شيرازي هڪ ڪروڙ 59 لک 35 هزار 223 رپين جي اثاثن ۾ 337 ايڪڙ، جنهن جي خريدي قيمت 50 لک 58 هزار ڄاڻائي آهي. طاهر احمد ميمڻ 94 لک 41 هزار 21، منصور ميمڻ 45 لک جي گاڏي، 20 تولا سون، لکمير خان پالاري 80 ايڪڙ زمين، 30 تولا سون، 8 لک جي ڪاروبار ۾ سيڙپ، سيد اعجاز علي شاهه شيرازي هڪ ڪروڙ 71 لک 50 هزار 914 رپين جي اثاثن ۾ 452 ايڪڙ زمين، جنهن جي هن خريدي لاڳت رڳو 14 لک 54 هزار روپيا، 6 اڪائونٽن ۾ 2 لک 89 هزار بينڪ بيلنس ڄاڻايو، سيد ڪريم ڏنو شاهه شيرازي 81 لک 27 هزار 363، پي ايس 78 ٺٽو 2 تي فارم ڀرائيندڙ عبدالحميد پنهور ڊي ايڇ اي ڪراچي ۾ اپارٽمينٽ، 3 پلاٽ، 62 ايڪڙ زمين، 100 مينهون، 40 ڳئون، 80 ٻڪريون ڄاڻايون، عبدالستار ميراکو پاڻ کي 86 لک 88 هزار رپين جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو، انهيءَ تڪ تان چونڊيل نوابشاهه واسي علي حسن زرداري پاڻ کي 41 ڪروڙ 72 لک 59 هزار 337 رپين جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي، سندس اثاثن ۾ 23 ڪروڙ 42 لک 25 هزار 825 رپين جو بينڪ بيلنس، 10 ڪروڙ 50 لک جا بانڊ، 32 مختلف ملڪيتن جي ماليت 3 ڪروڙ 4 لک، 412 ايڪڙ زمين 269 مقاطعي تي ورتل زمين ظاهر ڪئي، عاشق حسين پٽ مير خان هڪ ڪروڙ، هڪ لک 49 هزار 546 رپين، محمد سمن بلوچ 50 ايڪڙ زمين، ممتاز علي جلباڻي 57 ايڪڙ زمين سميت 28 لک 14 هزار، زيب النساءَ 83 لک، پي ايس 79 ٺٽو 3 تي فارم ڀرائيندڙ عبدالغني بگيار 327 ايڪڙ زمين، 28 لک بينڪ بيلنس، آلو مل 90 لک 25 هزار، دلدار خاصخيلي 60 ايڪڙ زمين، انهيءَ تڪ تي چونڊيل ڄام اويس بجار جوکيو هڪ ڪروڙ 74 لک 37 رپين جي اثاثن ۾ 186 ايڪڙ زمين، ساڍا 12 لک رپين جا هٿيار، 27 لک رپين جو چوپايو مال، هڪ ڪروڙ روڪ، 20 تولا سون، ورثي ۾ مليل زمين ۽ دڪان ڄاڻايا، مٺو خان بلوچ 24 ايڪڙ زمين، مشتاق علي بگيار، 379 ايڪڙ زمين کانسواءِ51 لک جا ٻيا اثاثا به ظاهر ڪيا، سرمد پليجو 551 ايڪڙ زرعي زمين، 39 لک جو بينڪ بيلنس، سينيٽر سسئي پليجو 2 ڪروڙ 47 لک 22 هزار 603 رپين جا اثاثا ظاهر ڪيا، جن ۾ 300 ايڪڙ زمين، ڪراچي ۾ هڪ ڪروڙ 40 لک جو گهر، گلاس ٽاور ڪراچي ۾ دڪان، 4 پلاٽ ۽ 227 گرام سون به شامل آهي.

ڪروڙ پتين جي وچ ۾ هزارن ۽ سون وارا سياستدان به موجود

قربان علي مگسي وٽ رڳو 100 روپيا، آصف ٻٽ وٽ 5 هزار روپيا

اسلام آباد: ٺٽي ضلعي ۾ لکن، هزارن ۽ سون جا اثاثا ظاهر ڪندڙ سياسي ورڪر به سامهون آيا، جن ۾ اين اي 232 ٺٽو تي فارم ڀرائيندڙ غلام عباس عطائي 6 لک 75 هزار، مٺو خان بلوچ 3 لک، پي ايس 77 ٺٽو هڪ تي فارم ڀرائيندڙ عبدالله گندرو 5 لک 43 هزار، عبدالله پٽ الله بچايو 45 هزار، حاڪم علي بروهي 2 هزار، اقبال حسين ڪنڀر 60 هزار، جميل سمون هڪ لک 8 هزار، منظور احمد خشڪ 22 لک، قربان علي مگسي رڳو 100 روپيا، شاهنواز بروهي 90 هزار جا اثاثا ظاهر ڪيا، پي ايس 78 ٺٽو 2 تي فارم ڀرائيندڙ محمد سومار جت 22 لک، محمد ايوب سميجو هڪ لک 32 هزار 500، ذاڪر حسين ڪلاتري 4 لک جو گهر ظاهر ڪيو، پي ايس 79 ٺٽو 3 تي فارم ڀرائيندڙ عبدالوهاب 2 لک، بيت الله 3 لک 80 هزار، جئه ڪمار 6 لک 50 هزار، محمد آصف ٻٽ 5 هزار بينڪ بيلنس، محمد اسلم لاشاري 25 هزار بينڪ بيلنس، محمد عمر ناهيون 2 لک 21 هزار 500 روپيا، رفيق احمد عرساڻي 10 لک 42 هزار 750، محمد اسلم لاشاري 25 هزار جو بينڪ بيلنس، وحيد علي رند 22 لک 50 رپين جا اثاثا ظاهر ڪيا.

Comments

Popular posts from this blog

Badin- 29 millionaire politician

بدين ۾ 29 ڪروڙپتي سياستدان، ڪمال چانگ سڀ کان امير، ذوالفقار مرزا ۽ پپو شاهه وٽ گهروارين کان گهٽ دولت عبدالغفور نظاماڻي 20 ڪروڙ، غلام علي ٽالپر 19،محمد هاليپوٽو 17، فهميده مرزا 16 ڪروڙ ۽ اسماعيل راهو پوڻا 6 ڪروڙن جو مالڪ نڪتو محمد بشير 5، ظفر نظاماڻي پوڻا 5، سائين بخش جمالي ساڍا 4، حسنين مرزا ساڍا 3، صغير لغاري 3 ۽ رياض نظاماڻي سوا 3 ڪروڙ ظاهر ڪيا Posted on   May 7, 2019  (2:00 pm) اسلام آباد (رپورٽ:ايم بي سومرو) بدين ضلعي جي سياستدانن ۾ سڀ کان امير ڪمال چانگ 22 ڪروڙ 54 لک رپين جي اثاثن جو مالڪ ظاهر ٿيو آهي، جڏهن ته اڳوڻو صوبائي وزير ذوالفقار مرزا پنهنجي پٽ ۽ گهرواري کان به گهٽ اثاثا رکندڙ آهي، سيد پپو شاهه کان سندس گهرواري بي بي ياسمين شاهه وڌيڪ امير آهي. ضلعي ۾ 29 سياستدانن پاڻ کي ڪروڙ پتي ڄاڻايو آهي. 2018ع جي عام چونڊن ۾ نامزدگي فارم سان گڏ اين اي 229 بدين هڪ تي فارم ڀرائيندڙ عبدالستار لغاري پنهنجي نالي تي 109 ايڪڙ، گهر واري جي نالي 39 ايڪڙ زمين، 16 لک جون گاڏيون، 20 تولا سون پنهنجي اثاثن ۾ ظاهر ڪيو آهي، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي21 لک 84 هزار 930 رپين جي اثاثن ۾ 708 ايڪڙ

Matiari Politicians assets

مٽياري ۾ سياستدانن وٽ ڪروڙن جا اثاثا،امير علي شاهه وڌيڪ ملڪيت وارو، مخدوم رفيق الزمان به ڪروڙن جو مالڪ امير علي شاهه وٽ 26 ڪروڙ 54 لکن کان وڌيڪ اثاثا، مخدوم رفيق 16 ڪروڙ ملڪيت جو مالڪ Posted on   April 20, 2019  (1:16 pm) اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) مٽياري ضلعي سان تعلق رکندڙ سياستدان وٽ به ڪروڙن جا اثاثا آهن، سيد پير امير علي شاهه ضلعي ۾ سڀ کان وڌيڪ پئسي وارو سياستدان آهن. ان سلسلي ۾ 2018ع واري اليڪشن ۾ نامزدگي فارم سان گڏ جمع ڪرايل اثاثن مطابق اين اي 223 مٽياري تي اميدوار عبدالرزاق ميمڻ وٽ ڪل 7 ڪروڙ 97 لک 16 هزار 631 جا اثاثا آهن، جن 53 لک 80 هزار ماليت جي مختلف ملڪيت، 2 ڪروڙ 97 لک 50 هزار جو ڪاروبار، هڪ ڪروڙ 27 لک 55 هزار رپين جون گاڏيون، 100 تولا سون، 2 ڪروڙ 38 لک 15 هزار روپين جو بينڪ بيلنس شامل آهي، عبدالرزاق ميمڻ جون قاسم آباد حيدرآباد جي اقبال ولاز ۾ مختلف ملڪيتون، ميمڻ ٽائون قاسم آباد ۾ بنگلو، 180 ايڪڙ زمين، سي اين جي ۽ پيٽروليم ۾ 50 سيڪڙو حصو به ڄاڻايو آهي. ايڊووڪيٽ امير عباس لغاري پاڻ کي 4 ڪروڙ 46 لک روپين جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي، جنهن ۾ 25 لک جي گاڏي، 10