Skip to main content

Thatta rich Politicians Assets


ٺٽي ضلعي جي سياستدانن مان نوابشاهه ڄائو علي حسن زرداري سڀ کان امير

ايم پي اي علي حسن زرداري وٽ 41 ڪروڙ 72 لک ۽ ممتاز علي ميمڻ وٽ 20 ڪروڙ 57 لک رپين جا اثاثا

محمود عالم شاهه 12 ڪروڙ 33 لک،پير غلام رحماني 3 ڪروڙ هڪ لک ۽ سسئي پليجو 2 ڪروڙ 47 لکن جا مالڪ
اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) ٺٽي ضلعي مان اليڪشن وڙهندڙ سياستدانن ۾ نوابشاهه ڄائو ايم پي اي علي حسن زرداري سڀني کان امير، وٽس 41 ڪروڙ 72 لک 59 هزار 373 رپين جا اثاثا، ممتاز علي ميمڻ 20 ڪروڙ 57 لک جي اثاثن جو مالڪ آهي. ان سلسلي ۾ ٺٽي ضلعي مان چونڊ وڙهندڙ سياستدانن طرفان ظاهر ڪيل اثاثن مطابق اين اي 232 ٺٽو تي فارم ڀرائيندڙ حسن بلوچ 68 لک 60 هزار جا اثاثا ۽ 17 ايڪڙ زمين به ڄاڻائي، عبدالواحد سومرو 62 لک 43 هزار رپين جي اثاثن ۾ 131 ايڪڙ زمين، 40 ايڪڙ ليز تي ورتل زمين ۽ 25 تولا سون به ظاهر ڪيو، علي محمد جوکيو 50 لک، ارسلان بخش بروهي 2 ڪروڙ 44 لک 74 هزار 692، دلدار احمد خاصخيلي هڪ ڪروڙ 80 لک جي اثاثن سميت 60 ايڪڙ زرعي زمين، گل محمد سمون ريڊار هڪ ڪروڙ 78 لک 68 هزار 220 رپين جي اثاثن سان گڏ 421 ايڪڙ زرعي زمين، رٽائرڊ نيوي آفيسر حبيب الرحمان 6 ڪلو سون ۽ 30 لک روڪ اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو، ممتاز علي ميمڻ 20 ڪروڙ 57 لک 19 هزار 700 رپين جي اثاثن ۾ 291 ايڪڙ زمين، 3 ڪروڙ 33 لک 45 هزار 243 رپين جو بينڪ بيلنس ۽ 50 تولا سون ظاهر ڪيو. هن سال 2017 ۾ هڪ ڪروڙ 57 لک 55 هزار، سال 2016ع ۾ 67 لک 83 هزار، سال 2015ع ۾ 95 لک 95 هزار آمدني تي انڪم ٽيڪس ادا ڪيو. پير غلام رحماني شاهه 3 ڪروڙ هڪ لک 73 هزار 534 رپين جي اثاثن ۾ ايس اين جي پسٽل، رائيفل، اسٽينڊ گن، 30 مينهون، 24 ڳئون، 150 تولا سون ظاهر ڪيو، رابعه جوکيو 75 لک 26 رپين جا اثاثا ظاهر ڪيا، اين اي 232 تان چونڊيل ايم اين اي شمس النساءَ ميمڻ 33 لک 58 هزار 832 رپين جا اثاثا ڏيکاريا، جڏهن ته سندس نالي تي ڪا گاڏي ناهي، وٽس 30 تولا سون، 94 ايڪڙ زمين آهي. طفيل احمد پٽ غلام حسين بابو 13 ايڪڙ زمين سميت هڪ ڪروڙ 10 لک 98 هزار 137، پي ايس 77 ٺٽو هڪ تي فارم ڀرائيندڙ عبدالحميد سومرو 65 ايڪڙ زمين کانسواءِ 21 لک 15 هزار 604، محمود عالم شاهه 12 ڪروڙ 33 لک 26 هزار 715 رپين جا اثاثا ڄاڻايا، جن ۾ 131 ايڪڙ زمين، 5 ڪروڙ 22 لک 10 هزار 358 رپين جو بينڪ بيلنس، 20 تولا سون، هڪ ڪروڙ 45 لک جي سيڙپڪاري، 5 ڪروڙ 32 لک 35 هزار ماليت جو گهر ۽ پلاٽ ظاهر ڪيو، محمد دائود خاصخيلي 41 لک، رميش ڪمار لوهاڻو 77 لک 84 هزار 70 روپيا ۽ 35 ايڪڙ زمين ظاهر ڪئي، انهيءَ تڪ تان چونڊيل رياض حسين شاهه شيرازي هڪ ڪروڙ 59 لک 35 هزار 223 رپين جي اثاثن ۾ 337 ايڪڙ، جنهن جي خريدي قيمت 50 لک 58 هزار ڄاڻائي آهي. طاهر احمد ميمڻ 94 لک 41 هزار 21، منصور ميمڻ 45 لک جي گاڏي، 20 تولا سون، لکمير خان پالاري 80 ايڪڙ زمين، 30 تولا سون، 8 لک جي ڪاروبار ۾ سيڙپ، سيد اعجاز علي شاهه شيرازي هڪ ڪروڙ 71 لک 50 هزار 914 رپين جي اثاثن ۾ 452 ايڪڙ زمين، جنهن جي هن خريدي لاڳت رڳو 14 لک 54 هزار روپيا، 6 اڪائونٽن ۾ 2 لک 89 هزار بينڪ بيلنس ڄاڻايو، سيد ڪريم ڏنو شاهه شيرازي 81 لک 27 هزار 363، پي ايس 78 ٺٽو 2 تي فارم ڀرائيندڙ عبدالحميد پنهور ڊي ايڇ اي ڪراچي ۾ اپارٽمينٽ، 3 پلاٽ، 62 ايڪڙ زمين، 100 مينهون، 40 ڳئون، 80 ٻڪريون ڄاڻايون، عبدالستار ميراکو پاڻ کي 86 لک 88 هزار رپين جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو، انهيءَ تڪ تان چونڊيل نوابشاهه واسي علي حسن زرداري پاڻ کي 41 ڪروڙ 72 لک 59 هزار 337 رپين جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي، سندس اثاثن ۾ 23 ڪروڙ 42 لک 25 هزار 825 رپين جو بينڪ بيلنس، 10 ڪروڙ 50 لک جا بانڊ، 32 مختلف ملڪيتن جي ماليت 3 ڪروڙ 4 لک، 412 ايڪڙ زمين 269 مقاطعي تي ورتل زمين ظاهر ڪئي، عاشق حسين پٽ مير خان هڪ ڪروڙ، هڪ لک 49 هزار 546 رپين، محمد سمن بلوچ 50 ايڪڙ زمين، ممتاز علي جلباڻي 57 ايڪڙ زمين سميت 28 لک 14 هزار، زيب النساءَ 83 لک، پي ايس 79 ٺٽو 3 تي فارم ڀرائيندڙ عبدالغني بگيار 327 ايڪڙ زمين، 28 لک بينڪ بيلنس، آلو مل 90 لک 25 هزار، دلدار خاصخيلي 60 ايڪڙ زمين، انهيءَ تڪ تي چونڊيل ڄام اويس بجار جوکيو هڪ ڪروڙ 74 لک 37 رپين جي اثاثن ۾ 186 ايڪڙ زمين، ساڍا 12 لک رپين جا هٿيار، 27 لک رپين جو چوپايو مال، هڪ ڪروڙ روڪ، 20 تولا سون، ورثي ۾ مليل زمين ۽ دڪان ڄاڻايا، مٺو خان بلوچ 24 ايڪڙ زمين، مشتاق علي بگيار، 379 ايڪڙ زمين کانسواءِ51 لک جا ٻيا اثاثا به ظاهر ڪيا، سرمد پليجو 551 ايڪڙ زرعي زمين، 39 لک جو بينڪ بيلنس، سينيٽر سسئي پليجو 2 ڪروڙ 47 لک 22 هزار 603 رپين جا اثاثا ظاهر ڪيا، جن ۾ 300 ايڪڙ زمين، ڪراچي ۾ هڪ ڪروڙ 40 لک جو گهر، گلاس ٽاور ڪراچي ۾ دڪان، 4 پلاٽ ۽ 227 گرام سون به شامل آهي.

ڪروڙ پتين جي وچ ۾ هزارن ۽ سون وارا سياستدان به موجود

قربان علي مگسي وٽ رڳو 100 روپيا، آصف ٻٽ وٽ 5 هزار روپيا

اسلام آباد: ٺٽي ضلعي ۾ لکن، هزارن ۽ سون جا اثاثا ظاهر ڪندڙ سياسي ورڪر به سامهون آيا، جن ۾ اين اي 232 ٺٽو تي فارم ڀرائيندڙ غلام عباس عطائي 6 لک 75 هزار، مٺو خان بلوچ 3 لک، پي ايس 77 ٺٽو هڪ تي فارم ڀرائيندڙ عبدالله گندرو 5 لک 43 هزار، عبدالله پٽ الله بچايو 45 هزار، حاڪم علي بروهي 2 هزار، اقبال حسين ڪنڀر 60 هزار، جميل سمون هڪ لک 8 هزار، منظور احمد خشڪ 22 لک، قربان علي مگسي رڳو 100 روپيا، شاهنواز بروهي 90 هزار جا اثاثا ظاهر ڪيا، پي ايس 78 ٺٽو 2 تي فارم ڀرائيندڙ محمد سومار جت 22 لک، محمد ايوب سميجو هڪ لک 32 هزار 500، ذاڪر حسين ڪلاتري 4 لک جو گهر ظاهر ڪيو، پي ايس 79 ٺٽو 3 تي فارم ڀرائيندڙ عبدالوهاب 2 لک، بيت الله 3 لک 80 هزار، جئه ڪمار 6 لک 50 هزار، محمد آصف ٻٽ 5 هزار بينڪ بيلنس، محمد اسلم لاشاري 25 هزار بينڪ بيلنس، محمد عمر ناهيون 2 لک 21 هزار 500 روپيا، رفيق احمد عرساڻي 10 لک 42 هزار 750، محمد اسلم لاشاري 25 هزار جو بينڪ بيلنس، وحيد علي رند 22 لک 50 رپين جا اثاثا ظاهر ڪيا.

Comments

Popular posts from this blog

“آخر هيءَ رات گذرڻي آ، تو ڇو گهٻرايو آ پيارا!”

“آخر هيءَ رات گذرڻي آ، تو ڇو گهٻرايو آ پيارا!” : “آخر هيءَ رات گذرڻي آ، تو ڇو گهٻرايو آ پيارا!” “آخر هيءَ رات گذرڻي آ، تو ڇو گهٻرايو آ پيارا!” Posted on   May 3, 2019  (1:09 pm) ملڪ ۾ جمھوريت ھجي يا نھ ھجي؟ ھجي تھ ڪيتري ۽ ڪھڙي ھجي؟ پاڪستان ۾ اھي سوال بنيادي نوعيت جا سوال رھيا آھن. جيئن تھ اظھار يا صحافت جي آزادي سڌي طرح سان عوام جي حق سان واڳيل آھي، ان ڪري اھا بھ جمھوريت جيان سدائين ڏچي ۾ رھي آھي. جيئن پاڪستان ۾ جمھوريت کي پوري آزادي سان ھلڻ نھ ڏنو ويو، تيئن پريس جي آزادي بھ سدائين حڪمران ڌرين جي اک ۾ ڪنڊو رھي آھي. اھوئي سبب آھي جو صحافت سينسرشپ جي ڪارن قانونن کان ويندي مختلف دٻائن، دٻڙ ڌؤنس ۽ ڏاڍ جو شڪار رھي آھي. جيتري بھ ۽ جڏھن بھ اھا آزادي ملي سا صحافين ۽ عوام جي جدوجھد جو ئي نتيجو ھئي. سٺ واري ڏھاڪي ۾ ايوب خان پريس اينڊ پبليڪيشن آرڊيننس لاڳو ڪري صحافت کي قيد ڪيو، تڏھن صرف من پسند ماڻھو ئي اخبار جو ڊڪليئريشن حاصل ڪري سگھندا ھئا. ھڪ ڀرپور عوامي تحريڪ جڏھن ايوب خان کي اقتدار کان ڌڪي پري ڪيو تھ چند مھينن لاءِ پريس کي آزادي ملي، ورنھ ان کان اڳ “پريس ايڊوائس” نالي انفرميشن ڊ...

12 millionaire Politicians of Jamshoro

ڄامشوري ۾ مراد شاهه، اسد سڪندر، جلال شاهه، کيئل داس، روشن ٻرڙي سميت 12 ڪروڙ پتي سياستدان، ديارام سڀ کان امير Posted on   April 28, 2019  (1:52 pm) اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) ڄامشوري ضلعي ۾ 12 سياستدان ڪروڙ پتي آهن جن مان ديارام 36 ڪروڙ 30 رپين جي اثاثن سان سڀ کان امير، ملڪ اسد سڪندر 26 ڪروڙ 29، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه 21 ڪروڙ 39 لک، سيد جلال محمود شاهه 3 ڪروڙ 37 لک جي اثاثن جو مالڪ آهي. تفصيل موجب 2018ع جي عام چونڊن جي نامزدگي فارمن ۾ اين اي 233 ڄامشورو تي اثاثا ظاهر ڪندي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه پاڻ کي ڪل 3 ڪروڙ 37 لک 29 هزار 457 رپين جي ماليت جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي، جن ۾ مانجهند ۾ 57 ايڪڙ زمين، 66 لک رپيا روڪ، 33 لک بينڪ بيلنس، 4 لک جو گهريلو سامان، 27 هزار رپين جا هٿيار. 64 لک 60 هزار جون گاڏيون، هڪ ڪروڙ 8 لک 90 هزار جو پٿر ڪريشنگ پلانٽ جو ڪاروبار، 89 لک 80 هزار رپين جي ماليت جي مختلف ملڪيت ظاهر ڪئي آهي.  ن ليگ جي ڪيسو مل کيئل داس ڪوهستاني جي اثاثن ۾ 15 لک جي ڪاروبار ۾ سيڙپ، 34 لک کان وڌيڪ جون گاڏيون، 14 تولا...

Tando Muhammad Khan Politicians Assets

ٽنڊي محمد خان جي سياستدانن ۾ ڪمال چانگ امير ترين،نويد قمر ٻئي نمبر تي ڪمال چانگ وٽ 22 ڪروڙ 54 لکن جا اثاثا، 80 تولا سون، 37 لکن جو بينڪ بيلنس، 11 لکن جا هٿيار شامل نويد قمر وٽ 263 ايڪڙ زمين، 67 لک جي گاڏيون. 50 تولا سون ۽ خانداني ملڪيت جي 20 سيڪڙو سميت 20 ڪروڙ 33 لکن جي ملڪيت Posted on   April 19, 2019  (4:10 pm) اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) ٽنڊي محمد خان ضلعي ۾ به سياست تي ڪروڙ پتي ۽ لک پتي سياستدان ڇانيل آهن، ڪمال چانگ سڀ کان وڌيڪ امير سياستدان، ٻئي نمبر تي نويد قمر آهي. ان سلسلي ۾اين اي 228 ٽنڊو محمد خان تي اثاثن جا تفصيل جمع ڪرائيندڙ عبدالباسط نظاماڻي پاڻ کي 2 لک 65 رپين جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي. جڏهن ته ان ئي تڪ تي فارم ڀرائيندڙ عبدالجبار ميمڻ 20 تولا سون،313 ايڪڙ زمين ۾ ويهه سيڪڙو حصو اسد عباس جو به آهي، 13 هزار جو بينڪ بيلنس، جڏهن ته غلام مرتضيٰ بينڪ اڪائوٽ نمبر ڏنا آهن انهن ۾ رقم جي موجودگي بابت ڪجهه ناهي ڄاڻايو. ڪشف الحسين شاهه 77 ايڪڙ زرعي زمين، گهر، 25 لکن جي ڪاروباري عمارت، 25 تولا سون، لعل بخش ڪلاريو گهر، ٻه تولا سون، لک رپيا روڪ، مير علي نو...