Skip to main content

Larkana Politicians Assets


بلاول لاڙڪاڻي جو امير ترين سياستدان، فريال ٽالپر 32 ڪروڙ، آصف سومرو 8 ۽ اميربخش ڀٽو 4 ڪروڙن جو مالڪ

پ پ چيئرمين هڪ ارب 54 ڪروڙ 48 لک 60 هزار 167 رپين جو مالڪ، سال ۾ 64 لکن جو اضافو، دبئي ۾ به 22 ملڪيتون

پ پ ليديز ونگ سربراهه وٽ 52 لکن جا بانڊ، 3 لک جو سون، لينڊ ڪروزر، پراڻي مرسڊيز، ڪراچي، اسلام آباد، پنڊي بحريه ٽائون ۾ گهر
ڪروڙن جا مالڪ
اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو)
 لاڙڪاڻي ضلعي جي قومي توڙي صوبائي تڪن تي اميدوار طور فارم ڀرائيندڙن ۾ بلاول ڀٽو زرداري هڪ ارب 54 ڪروڙ 48 لک روپين جي اثاثن جو مالڪ آهي، جڏهن ته راشد محمود سومرو 22 لک 54 هزار، آصف علي سومرو 8 ڪروڙ 74 لک، عادل الطاف انڙ 81 لک 28 هزار، الله بخش انڙ هڪ ڪروڙ 64 لک، امير بخش خان ڀٽو 4 ڪروڙ 80 لک، فريال ٽالپر 32 ڪروڙ 31 لک، روپين جي اثاثن جا مالڪ آهن اين اي 200 لاڙڪاڻو هڪ تان چونديل پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڻ کي هڪ ارب 54 ڪروڙ 48 لک 60 هزار 167 روپين جو مالڪ ڄاڻايو آهي، وٽس 4 ڪروڙ 99 لک روڪ، دبئي ۾ 22 مختلف ملڪيتون، هڪ ارب 29 ڪروڙ روپيا وڪٽري انٽر پرائيز، رائل پراپرٽي انٽرنيشنل، ٽيمپو گلوبل گروٿ لميٽيڊ، ريڊينٽ انويسٽيمينٽ سروس دبئي کي ڏنل قرض، 397 ايڪڙ زمين، مقاطعي تي 423 ايڪڙ زمين آهي، بلاول جا گذريل سال دوران ڪل اثاثا هڪ ارب 53 ڪروڙ 79 لک 17 هزار 221 روپيا هئا، جڏهن ته 2018ع ۾ وڌي هڪ ارب 54 ڪروڙ 44 لک 5 هزار 592 روپيا ٿي ويا، اهڙي ريت 64 لک 88 هزار 371 روپين جو اضافو ٿيو. آفتاب احمد ڀٽو وٽ ڪراچي ۾ فليٽ ۽ لاڙڪاڻي ۾ گهر، 22 تولا سون، هڪ لک 35 هزار جو بينڪ بيلنس، ساڍا 3 لک روپين سيونگ سرٽيفڪيٽ، غلام مرتضيٰ تنيو وٽ 5 ايڪڙ زمين، هڪ لک 4 هزار ماليت جي ڪار، 45 هزار جي موٽرسائيڪل، 8 لک 64 هزار روپين جو بينڪ بيلنس، محبوب علي کوکر وٽ 7 تولا سون، گهر جو فرنيچر، ڊاڪٽر مظهر علي مغل وٽ 50 لک 3 ايڪڙ زمين، 50 لک جو پلاٽ، 8 تولا سون، 5 لک 22 هزار روپيا روڪ ۽ بانڊ، 5 لک روپين جو فرنيچر آهي. ڊاڪٽر طارق حسين سومرو 14 لک 60 هزار 780 روپين،علي گوهر ڀٽو 22 لک، عزيز الله ڀٽو 3 لک جي سيڙپ ۽ 60 هزار بينڪ بيلنس، جڏهن ته غلام مرتضيٰ سومرو هڪ ڪروڙ 32 لک 43 هزار 610 روپين، گل حسن جتوئي هڪ ڪروڙ 8 لک 37 هزار روپين، عنايت علي عمراڻي 79 لک 41 هزار روپين، خير محمد شيخ هڪ ڪروڙ 44 لک 12 هزار 790 روپين، مشتاق حسين ٻرڙي 50 هزار 500 روپين جي بينڪ بيلنس ۽گهر جو فرنيچر ظاهر ڪيو آهي. ڊاڪٽر خالد محمود سومري جي پٽ ناصر محمود سومري 29 لک 45 هزار 671 روپين، راشد محمود سومري 22 لک 54 هزار 64 روپين، سميع الله گهانگهري 38 لک 50 هزار روپين، ظهير خان ڪنگو هڪ لک روپين جو ڪاروبار ۽ هڪ لک روپين جو بينڪ بيلنس، آصف علي سومرو 8 ڪروڙ 74 لک روپين، ڀڳوانو 62 لک 77 هزار، طارق حسين پٽ پيارو خان 18 لک 32 هزار روپين جا اثاثا ظاهر ڪيا آهن. اين اي 201 لاڙڪاڻو 2 تي فارم ڀرائيندڙ عادل الطاف انڙ 81 لک 28 هزار 729 روپين، الله بخش انڙ هڪ ڪروڙ 64 لک 63 هزار روپين، خورشيد احمد جوڻيجو جي پٽ بلوش احمد جوڻيجو 83 لک 22 هزار 910 روپين جو مالڪ ظاهر ڪيو آهي. پي ايس 10 لاڙڪاڻو هڪ تي فارم ڀرائيندڙ عبدالفتاح ڀٽو 28 ايڪڙ زرعي زمين، اعجاز لغاري 13 ڪروڙ 31 لک 7 هزار 76 روپين، علي نواز خان جلباڻي ڏيڍ ڪروڙ جي زمين، 2 لک 85 هزار جي سون، امير بخش بخش خان ڀٽو 4 ڪروڙ 80 لک 37 هزار 270 روپين، پي ايس 10 لاڙڪاڻو هڪ تي فارم ڀرائيندڙ بشير احمد 2 ايڪڙ 22 گهنٽا زمين، 3 لک ماليت جو خريد ڪيل ڪرياني جو دڪان، 5 تولا سون، هڪ لک 65 هزار جو فرنيچر، فريال ٽالپر ڪل 32 ڪروڙ 31 لک 77 هزار 381 روپين جي اثاثن جي مالڪ ڄاڻايو آهي، فريال ٽالپر وٽ 52 لک جا بانڊ، 10 بينڪ اڪائونٽ، جن ۾ ميرپور خاص جي بينڪ اڪائونٽ ۾ 5 ڪروڙ 49 لک، پارليامينٽ هائوس اڪائونٽ ۾ 33 لک 26 هزار، ٽنڊو الهيار جي بينڪ اڪائونٽ ۾ 2 ڪروڙ 43 لک ۽ خيابان بدر ڪراچي جي اڪائونٽ ۾ 3 لک 79 هزار، چڪرا بازار نوابشاهه جي اڪائونٽ ۾ 1454 روپيا جڏهن ته خيابان بدر جي هڪ ٻئي اڪائونٽ ۾ 2 ڪروڙ 72 لک 12 هزار، انهيءَ علائقي جي هڪ وڌيڪ اڪائونٽ ۾ 10 لک 58 هزار، نئون ديرو جي بينڪ اڪائونٽ ۾ 40 هزار، دبئي جي بينڪ اڪائونٽ ۾ 78 لک 21 هزار روپيا جمع ڄاڻايا ويا آهن، فريال ٽالپر پنهنجي اثاثن ۾ پراڻو خريد ڪيل سون 3 لک ماليت جو ڄاڻايو آهي، فريال ٽالپر وٽ 3 گاڏيون آهن، جن مان هڪ لينڊ ڪروزر 92 لک، هڪ پراڻي مرسڊيز 6 لک ۽ ٽويوٽا ڪرولا 18 لک 17 هزار ماليت جي آهي، فريال ٽالپر گوادر ۾ 45 هزار ماليت جي خريد ٿيل پلاٽ، جڏهن ته ڪراچي ۾ ٻن گهرن، اسلام آباد ۾ هڪ گهر جي مالڪ آهي، ڪراچي ۾ هڪ گهر جي خريدي ماليت ان 36 لک 25 هزار ٻئي گهر جي خريدي ماليت هن 6 ڪروڙ 82 لک 12 هزار 900 فريال ٽالپر پنهنجي اسلام آباد جي ايف 8 ٽو واري گهر جي خريدي ماليت 2 ڪروڙ 68 لک 70 هزار روپيا ڄاڻائي آهي، فريال ٽالپر کي لاهور ۽ راولپنڊي ۾ به 2 پلاٽ آهن، بحريه ٽائون راولپنڊي ۾ سندس پلاٽ جي ماليت 60 لک ۽ لاهور جي پلاٽ جي ماليت هن هڪ لک 99 هزار 400 روپيا ڄاڻائي آهي، فريال ٽالپر پنهنجي مڙس مير منور ٽالپر جي اثاثن جي ماليت 4 ڪروڙ 50 لک 78 هزار 437 روپيا ڄاڻائي آهي، جڏهن ته سندس ڌيءَ عائشه وٽ 12 ڪروڙ 82 لک، سندس ٻي ڌيءَ فاطمه وٽ هڪ ڪروڙ 56 لک جا اثاثا آهن، فريال ٽالپر پاڻ کي 320 ايڪڙ زرعي زمين جو مالڪ ڄاڻايو آهي. غلام محمد چنو پاڻ کي 40 لک روپين، غلام مصطفيٰ لغاري هڪ ڪروڙ 26 لک 72 هزار، حافظ حسين بخش 10 هزار جو بينڪ بيلنس، هڪ لک جو سون، 40 هزار جوفرنيچر، محمد علي ابڙو 10 لک جو پلاٽ، 4 لک جي ڪاروبار ۾ سيڙپ ۽ 132 گرام سون، 60 هزار جو بينڪ بيلنس، 2 لک 80 هزار جو فرنيچر، محمد علي ڀٽو 77 لک 61 هزار 378 روپين، سعيد احمد خانداني گهر، 10 تولا سون، 3 لک 25 هزار جو بينڪ بيلنس، سيف الله ابڙو 62 ڪروڙ 44 لک 54 هزار 521 روپين جو مالڪ ڄاڻايو آهي.سيف الله ابڙواهو به ڄاڻايو آهي ته سندس اثاثن ۾ گذريل هڪ سال جي ڀيٽ ۾ 22 ڪروڙ 85 لک روپين جو اضافو ٿيو. پي ايس 11 لاڙڪاڻو 2 تي فارم ڀرائيندڙ احمد علي ميمڻ وٽ اثاثن ۾ گهر، ڪريانه جنرل اسٽور، 4 تولا سون، عزيز منگي وٽ 3 تولا سون، هڪ لک 10 هزار روپيا بينڪ بيلنس، امان الله جنرل اسٽور، 2 لک روڪ، 2 لک بينڪ بيلنس، 2 تولا سون،مسلم شر مينهن جو واڙو، 5 تولا سون، هڪ لک جو فرنيچر، غلام دستگير شاهاڻي هڪ ڪروڙ 23 لک 18 هزار 754 روپين، حافظ احمد علي عباسي پنهنجي اثاثن ۾ ذاتي گهر، 16 هزار ماليت جي موٽرسائيڪل، ڏيڍ تولو سون، 5 ڪرسيون ۽ 5 کٽون، 35 ايڪڙ زمين، حاجي منور علي عباسي هڪ ڪروڙ 73 لک 7 هزار 953 روپين، جڳديش ڪمار آهوجا 17 لک 12 هزار روپين، خير محمد شيخ، هڪ ڪروڙ 44 لک، لطف الله شيخ پاڻ کي هڪ ڪروڙ 72 لک 84 هزار روپين، معظم علي عباسي هڪ ڪروڙ 53 لک 46 هزار 294 روپين،نذير احمد گاد هڪ ڪروڙ 17 لک 78 هزار، نثار احمد کهڙي 3 ڪروڙ 43 لک 27 هزار 614 روپين، رياض ڪناسري 55 لک 7 هزار 92 روپين، صفدر عباسي 6 ڪروڙ 50 لک 68 هزار 641 روپين جو مالڪ ڄاڻايو آهي. سليم رضا ڀٽو 2 ڪروڙ روپين، ماهه جبين مغل هڪ ڪروڙ 78 لک روپين، ندا کهڙو 69 لک 64 هزار 683، پي ايس 12 لاڙڪاڻو 3 تي فارم ڀرائيندڙ عامر زيب جتوئي هڪ ڪروڙ 11 لک 82 هزار، آفتاب احمد شاهه هڪ ڪروڙ 42 لک 57 هزار، الهڏنو جتوئي 26 لک، عاطف شيخ 44 لک 74 هزار، غلام مرتضيٰ سومرو هڪ ڪروڙ 32 لک 43 هزار، امداد علي مشوري 29 لک 51 هزار، خورشيد احمد جوڻيجي هڪ ڪروڙ 12 لک 84 هزار 694، معشوق علي جتوئي 6 ڪروڙ 78 لک 9 هزار 833، محسن علي ڀنگر هڪ لک 10 هزار، منور سيال هڪ ڪروڙ 14 لک 67 هزار، سلميٰ پروين رند 7 ڪروڙ 62 لک، سهيل انور سيال 6 ڪروڙ 45 لک 54 هزار 236، سيد اڪبر حسين شاهه راشدي 2 ڪروڙ 13 لک روپين، سيد رافع اڪبر راشدي 54 لک 3 هزار، سهيل انور سيال جو ڀاءُ ظفر انور سيال هڪ ڪروڙ 63 لک، پي ايس 13 لاڙڪاڻو 4 تي فارم ڀرائيندڙ عاصمه ڌيءَ محمد عظيم هڪ لک 4 هزار، قرت العين زال شفقت انڙ، عظيم احمد جتوئي پاڻ کي 7 ڪروڙ هڪ لک 21 هزار، دولت علي چانڊيو 8 لک روپين جي دولت جو مالڪ هجڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. حزب الله ٻگهيو 2 ڪروڙ 17 لک، محمد علي ٻگهيو 57 لک 92 هزار، محمد محسن مشوري 36 لکن، شفقت حسين انڙ 534 ايڪڙ زرعي زمين، 45 لک جا بانڊ، 44 تولا سون، 45 لک روپين جي گاڏي، 2 ڪروڙ 51 لک 24 هزار جو بينڪ بيلنس، سيد نور محمد شاهه12 ايڪڙ زمين، 5 لک جا بانڊ، 20 تولا سون ۽ 6 لک جي بينڪ بيلنس ۽رضا محمد گاڏهي 32 لک جي اثاثن جو مالڪ آهي.

بلاول وٽ 5 لکن جا موبائل ۽ ليپ ٽاپ، 2 ڪتا به اثاثن ۾ شامل

اسلام آباد: بلاول ڀٽو زرداري پنهنجا 3 اڪائونٽ اثاثن ۾ اهڙا ظاهر ڪيا آهن، جيڪي جوائنٽ اڪائونٽ آهن، يونائيٽيڊ بينڪ نئون ديرو برانچ ۾ سندس ڀيڻ سان گڏ جوائنٽ اڪائونٽ آهي، جڏهن ته ڪلفٽن ڪراچي ۾ به سندس هڪ جوائنٽ اڪائونٽ آهي، جڏهن ته يونائيٽيڊ لاڙڪاڻي برانچ ۾ به سندس گڏيل اڪائونٽ آهي. هن پنهنجي اثاثن ۾ ليپ ٽاپ ۽ موبائيل فون 5 لک روپين جي ماليت جا ظاهر ڪيا آهن، 30 لک روپين جا هٿيار، 2 لک 75 هزار روپين جي زرعي مشينري سندس والده بينظير ڀٽو پاران گفٽ ڪيل، سون جا 10 سيٽ، 7 واچون، هڪ ليپ ٽاپ، 2 موبائيل، 2 پاليل ڪتا به اثاثن ۾ ظاهر ڪيا آهن. هن ڄاڻايو آهي ته ڪتا سندس والده پاران ورثي ۾ مليل آهن. بلاول ڀٽو بي اي هسٽري ۽ سياست ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي مان 2012ع ۾ ڪئي، جڏهن ته ايم اي هسٽري ۽ سياست ۾ ان ئي آڪسفورڊ يونيورسٽي مان 2015ع ۾ ڪئي، بلاول ڀٽو اثاثن ۾ پنهنجو پيشو زميندار، بزنس مين ۽ آخر ۾ سياستدان ڄاڻايو آهي

عابد حسين، بشير مارکاڻي، ماجد ميان ۽ محبت کهڙو غريب سياستدان

اسلام آباد: لاڙڪاڻي ضلعي ۾ رڳو امير ئي نه پر غريب سياستدان پڻ موجود آهن انهن ۾ عابد حسين پنهنجي اثاثن ۾ رڳو 60 هزار جو بينڪ بيلنس ظاهر ڪيو آهي، علي نواز ڪنڀر پنهنجي اثاثن ۾ 2 تولا سون ۽ 50 هزار روپين جو بينڪ بيلنس ظاهر ڪيو آهي، بشير احمد مارکاڻي پنهنجي اثاثن ۾ 2 ايڪڙ 22 گهنٽا زمين، ڪرياني جو دڪان، 5 تولا سون، هڪ لک 65 هزار بينڪ بيلنس ظاهر ڪيو آهي، حليمه ڀٽو پنهنجي اثاثن ۾ رڳو 50 هزار روپيا روڪ رقم ظاهر ڪئي آهي، ماجد ميان پنهنجي اثاثن ۾ رڳو 10 هزار جو بينڪ بيلنس ڄاڻايوآ هي، محمد اسلم لانگاهه پنهنجي اثاثن ۾ 15 هزار روپين جو فرنيچر ظاهر ڪيو آهي، جڏهن ته محمد بچل 10 هزار روپين جو بينڪ بيلنس اثاثن ۾ ظاهر ڪيو آهي، قادر بخش ڀٽي پنهنجي اثاثن ۾ ڪا به ملڪيت ظاهر نه ڪئي آهي، علي مراد ميراڻي پنهنجي اثاثن ۾ مڇي جو دڪان ڄاڻايو آهي، منصور علي ڏاهاڻي پنهنجي اثاثن ۾ 20 هزار جو فرنيچر ۽ 50 هزار روپين جو بينڪ بيلنس ڄاڻايو آهي، پيرل دايو پنهنجي اثاثن ۾ ڳوٺ ۾ لاڙڪاڻي ۾ گهر ظاهر ڪيا آهن، اعجاز احمد جوڻيجي پنهنجي اثاثن ۾ 12 ايڪڙ زرعي زمين، ڄامشوري ۾ گهر ظاهر ڪيو آهي، محبت علي کهڙو پنهنجي اثاثن ۾ ڪا به ملڪيت ظاهر نه ڪئي آهي، هن سال 2016ع ۾ پنهنجي آمدني تي 70 هزار ۽ 2017ع ۾ آمدني تي 75 هزار روپيا ٽيڪس ادا ڪئي آهي،

راشدسومري،مسلم شر،اعجازجوڻيجي سميت9سياستدانن جون ٻه ٻه شاديون

طارق خان ٽن شادين وارو اڪيلو سياستدان، نثار کهڙو ٻه شاديون ظاهر ڪري نااهل ٿيو

سميع گهانگهرو، محمد ابڙو، احمدميمڻ، دستگير شاهاڻي، ظفر سيال به ٻه ٻه ڀيرا گهوٽ بڻيا
اسلام آباد: لاڙڪاڻي جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 200 تي فارم ڀرائيندڙ ڊاڪٽر خالد محمود سومري جي پٽ راشد محمود سومري جون 2 شاديون ٿيل آهن، جڏهن ته انهيءَ تڪ تي فارم ڀرائيندڙ سميع الله گهانگهري جون به 2 ۽ طارق حسين پٽ پيارو خان جون 3 شاديون ٿيل آهن، پي ايس 10 لاڙڪاڻو هڪ تي فارم ڀرائيندڙ محمد ابڙو، مسلم شر، پي ايس 11 لاڙڪاڻو 2 تي فارم ڀرائيندڙ احمد علي ميمڻ، غلام دستگير شاهاڻي، پي ايس 11 لاڙڪاڻو 2 تي فارم ڀرائيندڙ نثار احمد کهڙو، پي ايس 12 لاڙڪاڻو 3 تي فارم ڀرائيندڙ عامر زيب جتوئي، اعجاز احمد جوڻيجي جون سهيل انور سيال جي ڀاءُ ظفر انور پڻ ٻه ٻه شاديون آهن. نثار کهڙي ٻه شاديون ظاهر ڪيون پر هن ٽين گهرواري ظاهر نه ڪئي جنهن تي کيس نااهل قرار ڏنو ويو.

معظم عباسي ملڪيت سان گڏ 730 مينهن جو به مالڪ

اسلام آباد: پي ايس 11 لاڙڪاڻو 2 تي فارم ڀرائيندڙ معظم عباسي ڪروڙ پتي هجڻ سان گڏ وڏو مالوند به آهي، ان پنهنجي اثاثن ۾ 730 مينهون به ظاهر ڪيون آهن.

فريال ٽالپر کي ڪرائي، ڀاڙي سميت پرائز بانڊ ۽ زرعي آمدني

اسلام آباد: پي ايس 10 لاڙڪاڻو هڪ تي فارم ڀرائيندڙ فريال ٽالپر کي سال 2015ع ۾ ڪرائي جي آمدني 61 لک، بينڪ پرافٽ 25 لک، پرائيز بانڊن مان آمدني 54 لک 97 هزار، زرعي آمدني 2 ڪروڙ 93 لک 12 هزار 289 روپيا ڄاڻائي آهي، سال 2016ع ۾ ڪرائي جي آمدني 60 لک تي پرافيٽ 21 لک 61 هزار، 15 لک پرائيز بانڊ، مشينري ۽ ايڪيوپمينٽ جي ڪرائي جي آمدني 30 لک، زرعي آمدني هڪ ڪروڙ 41 لک 99 هزار 621 روپيا ڄاڻائي آهي، جڏهن ته 2017ع ۾ فريال ٽالپر ڪرائي جي مد ۾ آمدني 43 لک 50 هزار، بينڪ پرافيٽ 27 لک44 هزار، پرائيز بانڊ آمدني 98 لک 67 هزار جڏهن ته مشينري ۽ ايڪوئپمينٽ جي آمدني 34 لک 50 هزار، جڏهن ته زرعي آمدني 2 ڪروڙ 58 لک 9 هزار 858 روپيا ڄاڻائي آهي، فريال ٽالپر سال 2015 ۾ 22 لک 57 هزار، سال 2016ع ۾ 19 لک 3 هزار، سال 2017ع ۾ 28 لک 69 هزار آمدني تي ٽيڪس ادا ڪئي، جڏهن ته سال 2015ع ۾ زرعي آمدني تي 43 لک 62 هزار، سال 2016ع ۾ 20 لک 95 هزار، سال 2017ع ۾ 38 لک 36 هزار روپيا انڪم ٽيڪس ادا ڪئي.

ڊاڪٽر مظهر علي جي گهرواري اسٽيٽ لائف جي ايريا مينيجر

اسلام آباد: ڊاڪٽر مظهر علي مغل اسٽيٽ لائيف لاڙڪاڻي ۾ ايريا مينيجر طور 2015ع ۾ رٽائرڊ ٿيو، هن پنهنجي اثاثن ۾ وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته سندس گهرواري شيبا پڻ اسٽيٽ لائيف انشورنس لاڙڪاڻي ۾ ايريا مينيجر طور ڪم ڪري رهي آهي.

بئنڪ جو منافعو، جائداد جو ڪرايو ۽ زراعت بلاول جي آمدني جا ذريعا

اسلام آباد: بلاول ڀٽو کي سال 2015ع ۾ ڪرائي جي مد ۾ آمدني 34 لک 56 هزار، 2016ع ۾ 41 لک 46 هزار، جڏهن ته 2017ع ۾ 20 لک 33 هزار ڪرائي جي مد ۾ آمدني ٿي، بلاول ڀٽو کي سال 2015ع ۾ 2 ڪروڙ 13 هزار 500 زرعي آمدني ٿي، اهڙي ريت سال 2016ع ۾ کيس 2 ڪروڙ 66 لک 17 هزار، 2017ع ۾ 2 ڪروڙ 66 لک 18 هزار زرعي آمدني ٿي، بلاول ڀٽو کي سال 2017ع ۾ بينڪ مان منافعو هڪ لک 78 هزار روپيا مليو، جڏهن ته سال 2016ع ۾ ان جي غير ملڪي آمدني هڪ ڪروڙ 66 لک 90 هزار، 2017ع ۾ هڪ ڪروڙ 64 لک 33 هزار روپيا ٿي، بلاول ڀٽو سال 2015ع ۾ ٿيل آمدني تي 4 لک 15 هزار، سال 2016 ۾ 5 لک 51 هزار 700، ۽ 2017ع ۾ 2 لک 37 هزار 152 روپيا انڪم ٽيڪس ادا ڪئي، بلاول ڀٽي سال 2015ع ۾ زرعي آمدني تي 29 لک 67 هزار، سال 2016ع ۾ 39 لک 58 هزار ۽ سال 2017ع ۾ به سال 39 لک 58 هزار روپيا انڪم ٽيڪس ادا ڪيو.

Comments

Popular posts from this blog

“آخر هيءَ رات گذرڻي آ، تو ڇو گهٻرايو آ پيارا!”

“آخر هيءَ رات گذرڻي آ، تو ڇو گهٻرايو آ پيارا!” : “آخر هيءَ رات گذرڻي آ، تو ڇو گهٻرايو آ پيارا!” “آخر هيءَ رات گذرڻي آ، تو ڇو گهٻرايو آ پيارا!” Posted on   May 3, 2019  (1:09 pm) ملڪ ۾ جمھوريت ھجي يا نھ ھجي؟ ھجي تھ ڪيتري ۽ ڪھڙي ھجي؟ پاڪستان ۾ اھي سوال بنيادي نوعيت جا سوال رھيا آھن. جيئن تھ اظھار يا صحافت جي آزادي سڌي طرح سان عوام جي حق سان واڳيل آھي، ان ڪري اھا بھ جمھوريت جيان سدائين ڏچي ۾ رھي آھي. جيئن پاڪستان ۾ جمھوريت کي پوري آزادي سان ھلڻ نھ ڏنو ويو، تيئن پريس جي آزادي بھ سدائين حڪمران ڌرين جي اک ۾ ڪنڊو رھي آھي. اھوئي سبب آھي جو صحافت سينسرشپ جي ڪارن قانونن کان ويندي مختلف دٻائن، دٻڙ ڌؤنس ۽ ڏاڍ جو شڪار رھي آھي. جيتري بھ ۽ جڏھن بھ اھا آزادي ملي سا صحافين ۽ عوام جي جدوجھد جو ئي نتيجو ھئي. سٺ واري ڏھاڪي ۾ ايوب خان پريس اينڊ پبليڪيشن آرڊيننس لاڳو ڪري صحافت کي قيد ڪيو، تڏھن صرف من پسند ماڻھو ئي اخبار جو ڊڪليئريشن حاصل ڪري سگھندا ھئا. ھڪ ڀرپور عوامي تحريڪ جڏھن ايوب خان کي اقتدار کان ڌڪي پري ڪيو تھ چند مھينن لاءِ پريس کي آزادي ملي، ورنھ ان کان اڳ “پريس ايڊوائس” نالي انفرميشن ڊ...

12 millionaire Politicians of Jamshoro

ڄامشوري ۾ مراد شاهه، اسد سڪندر، جلال شاهه، کيئل داس، روشن ٻرڙي سميت 12 ڪروڙ پتي سياستدان، ديارام سڀ کان امير Posted on   April 28, 2019  (1:52 pm) اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) ڄامشوري ضلعي ۾ 12 سياستدان ڪروڙ پتي آهن جن مان ديارام 36 ڪروڙ 30 رپين جي اثاثن سان سڀ کان امير، ملڪ اسد سڪندر 26 ڪروڙ 29، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه 21 ڪروڙ 39 لک، سيد جلال محمود شاهه 3 ڪروڙ 37 لک جي اثاثن جو مالڪ آهي. تفصيل موجب 2018ع جي عام چونڊن جي نامزدگي فارمن ۾ اين اي 233 ڄامشورو تي اثاثا ظاهر ڪندي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه پاڻ کي ڪل 3 ڪروڙ 37 لک 29 هزار 457 رپين جي ماليت جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي، جن ۾ مانجهند ۾ 57 ايڪڙ زمين، 66 لک رپيا روڪ، 33 لک بينڪ بيلنس، 4 لک جو گهريلو سامان، 27 هزار رپين جا هٿيار. 64 لک 60 هزار جون گاڏيون، هڪ ڪروڙ 8 لک 90 هزار جو پٿر ڪريشنگ پلانٽ جو ڪاروبار، 89 لک 80 هزار رپين جي ماليت جي مختلف ملڪيت ظاهر ڪئي آهي.  ن ليگ جي ڪيسو مل کيئل داس ڪوهستاني جي اثاثن ۾ 15 لک جي ڪاروبار ۾ سيڙپ، 34 لک کان وڌيڪ جون گاڏيون، 14 تولا...

Tando Muhammad Khan Politicians Assets

ٽنڊي محمد خان جي سياستدانن ۾ ڪمال چانگ امير ترين،نويد قمر ٻئي نمبر تي ڪمال چانگ وٽ 22 ڪروڙ 54 لکن جا اثاثا، 80 تولا سون، 37 لکن جو بينڪ بيلنس، 11 لکن جا هٿيار شامل نويد قمر وٽ 263 ايڪڙ زمين، 67 لک جي گاڏيون. 50 تولا سون ۽ خانداني ملڪيت جي 20 سيڪڙو سميت 20 ڪروڙ 33 لکن جي ملڪيت Posted on   April 19, 2019  (4:10 pm) اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) ٽنڊي محمد خان ضلعي ۾ به سياست تي ڪروڙ پتي ۽ لک پتي سياستدان ڇانيل آهن، ڪمال چانگ سڀ کان وڌيڪ امير سياستدان، ٻئي نمبر تي نويد قمر آهي. ان سلسلي ۾اين اي 228 ٽنڊو محمد خان تي اثاثن جا تفصيل جمع ڪرائيندڙ عبدالباسط نظاماڻي پاڻ کي 2 لک 65 رپين جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي. جڏهن ته ان ئي تڪ تي فارم ڀرائيندڙ عبدالجبار ميمڻ 20 تولا سون،313 ايڪڙ زمين ۾ ويهه سيڪڙو حصو اسد عباس جو به آهي، 13 هزار جو بينڪ بيلنس، جڏهن ته غلام مرتضيٰ بينڪ اڪائوٽ نمبر ڏنا آهن انهن ۾ رقم جي موجودگي بابت ڪجهه ناهي ڄاڻايو. ڪشف الحسين شاهه 77 ايڪڙ زرعي زمين، گهر، 25 لکن جي ڪاروباري عمارت، 25 تولا سون، لعل بخش ڪلاريو گهر، ٻه تولا سون، لک رپيا روڪ، مير علي نو...