Skip to main content

Larkana Politicians Assets


بلاول لاڙڪاڻي جو امير ترين سياستدان، فريال ٽالپر 32 ڪروڙ، آصف سومرو 8 ۽ اميربخش ڀٽو 4 ڪروڙن جو مالڪ

پ پ چيئرمين هڪ ارب 54 ڪروڙ 48 لک 60 هزار 167 رپين جو مالڪ، سال ۾ 64 لکن جو اضافو، دبئي ۾ به 22 ملڪيتون

پ پ ليديز ونگ سربراهه وٽ 52 لکن جا بانڊ، 3 لک جو سون، لينڊ ڪروزر، پراڻي مرسڊيز، ڪراچي، اسلام آباد، پنڊي بحريه ٽائون ۾ گهر
ڪروڙن جا مالڪ
اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو)
 لاڙڪاڻي ضلعي جي قومي توڙي صوبائي تڪن تي اميدوار طور فارم ڀرائيندڙن ۾ بلاول ڀٽو زرداري هڪ ارب 54 ڪروڙ 48 لک روپين جي اثاثن جو مالڪ آهي، جڏهن ته راشد محمود سومرو 22 لک 54 هزار، آصف علي سومرو 8 ڪروڙ 74 لک، عادل الطاف انڙ 81 لک 28 هزار، الله بخش انڙ هڪ ڪروڙ 64 لک، امير بخش خان ڀٽو 4 ڪروڙ 80 لک، فريال ٽالپر 32 ڪروڙ 31 لک، روپين جي اثاثن جا مالڪ آهن اين اي 200 لاڙڪاڻو هڪ تان چونديل پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڻ کي هڪ ارب 54 ڪروڙ 48 لک 60 هزار 167 روپين جو مالڪ ڄاڻايو آهي، وٽس 4 ڪروڙ 99 لک روڪ، دبئي ۾ 22 مختلف ملڪيتون، هڪ ارب 29 ڪروڙ روپيا وڪٽري انٽر پرائيز، رائل پراپرٽي انٽرنيشنل، ٽيمپو گلوبل گروٿ لميٽيڊ، ريڊينٽ انويسٽيمينٽ سروس دبئي کي ڏنل قرض، 397 ايڪڙ زمين، مقاطعي تي 423 ايڪڙ زمين آهي، بلاول جا گذريل سال دوران ڪل اثاثا هڪ ارب 53 ڪروڙ 79 لک 17 هزار 221 روپيا هئا، جڏهن ته 2018ع ۾ وڌي هڪ ارب 54 ڪروڙ 44 لک 5 هزار 592 روپيا ٿي ويا، اهڙي ريت 64 لک 88 هزار 371 روپين جو اضافو ٿيو. آفتاب احمد ڀٽو وٽ ڪراچي ۾ فليٽ ۽ لاڙڪاڻي ۾ گهر، 22 تولا سون، هڪ لک 35 هزار جو بينڪ بيلنس، ساڍا 3 لک روپين سيونگ سرٽيفڪيٽ، غلام مرتضيٰ تنيو وٽ 5 ايڪڙ زمين، هڪ لک 4 هزار ماليت جي ڪار، 45 هزار جي موٽرسائيڪل، 8 لک 64 هزار روپين جو بينڪ بيلنس، محبوب علي کوکر وٽ 7 تولا سون، گهر جو فرنيچر، ڊاڪٽر مظهر علي مغل وٽ 50 لک 3 ايڪڙ زمين، 50 لک جو پلاٽ، 8 تولا سون، 5 لک 22 هزار روپيا روڪ ۽ بانڊ، 5 لک روپين جو فرنيچر آهي. ڊاڪٽر طارق حسين سومرو 14 لک 60 هزار 780 روپين،علي گوهر ڀٽو 22 لک، عزيز الله ڀٽو 3 لک جي سيڙپ ۽ 60 هزار بينڪ بيلنس، جڏهن ته غلام مرتضيٰ سومرو هڪ ڪروڙ 32 لک 43 هزار 610 روپين، گل حسن جتوئي هڪ ڪروڙ 8 لک 37 هزار روپين، عنايت علي عمراڻي 79 لک 41 هزار روپين، خير محمد شيخ هڪ ڪروڙ 44 لک 12 هزار 790 روپين، مشتاق حسين ٻرڙي 50 هزار 500 روپين جي بينڪ بيلنس ۽گهر جو فرنيچر ظاهر ڪيو آهي. ڊاڪٽر خالد محمود سومري جي پٽ ناصر محمود سومري 29 لک 45 هزار 671 روپين، راشد محمود سومري 22 لک 54 هزار 64 روپين، سميع الله گهانگهري 38 لک 50 هزار روپين، ظهير خان ڪنگو هڪ لک روپين جو ڪاروبار ۽ هڪ لک روپين جو بينڪ بيلنس، آصف علي سومرو 8 ڪروڙ 74 لک روپين، ڀڳوانو 62 لک 77 هزار، طارق حسين پٽ پيارو خان 18 لک 32 هزار روپين جا اثاثا ظاهر ڪيا آهن. اين اي 201 لاڙڪاڻو 2 تي فارم ڀرائيندڙ عادل الطاف انڙ 81 لک 28 هزار 729 روپين، الله بخش انڙ هڪ ڪروڙ 64 لک 63 هزار روپين، خورشيد احمد جوڻيجو جي پٽ بلوش احمد جوڻيجو 83 لک 22 هزار 910 روپين جو مالڪ ظاهر ڪيو آهي. پي ايس 10 لاڙڪاڻو هڪ تي فارم ڀرائيندڙ عبدالفتاح ڀٽو 28 ايڪڙ زرعي زمين، اعجاز لغاري 13 ڪروڙ 31 لک 7 هزار 76 روپين، علي نواز خان جلباڻي ڏيڍ ڪروڙ جي زمين، 2 لک 85 هزار جي سون، امير بخش بخش خان ڀٽو 4 ڪروڙ 80 لک 37 هزار 270 روپين، پي ايس 10 لاڙڪاڻو هڪ تي فارم ڀرائيندڙ بشير احمد 2 ايڪڙ 22 گهنٽا زمين، 3 لک ماليت جو خريد ڪيل ڪرياني جو دڪان، 5 تولا سون، هڪ لک 65 هزار جو فرنيچر، فريال ٽالپر ڪل 32 ڪروڙ 31 لک 77 هزار 381 روپين جي اثاثن جي مالڪ ڄاڻايو آهي، فريال ٽالپر وٽ 52 لک جا بانڊ، 10 بينڪ اڪائونٽ، جن ۾ ميرپور خاص جي بينڪ اڪائونٽ ۾ 5 ڪروڙ 49 لک، پارليامينٽ هائوس اڪائونٽ ۾ 33 لک 26 هزار، ٽنڊو الهيار جي بينڪ اڪائونٽ ۾ 2 ڪروڙ 43 لک ۽ خيابان بدر ڪراچي جي اڪائونٽ ۾ 3 لک 79 هزار، چڪرا بازار نوابشاهه جي اڪائونٽ ۾ 1454 روپيا جڏهن ته خيابان بدر جي هڪ ٻئي اڪائونٽ ۾ 2 ڪروڙ 72 لک 12 هزار، انهيءَ علائقي جي هڪ وڌيڪ اڪائونٽ ۾ 10 لک 58 هزار، نئون ديرو جي بينڪ اڪائونٽ ۾ 40 هزار، دبئي جي بينڪ اڪائونٽ ۾ 78 لک 21 هزار روپيا جمع ڄاڻايا ويا آهن، فريال ٽالپر پنهنجي اثاثن ۾ پراڻو خريد ڪيل سون 3 لک ماليت جو ڄاڻايو آهي، فريال ٽالپر وٽ 3 گاڏيون آهن، جن مان هڪ لينڊ ڪروزر 92 لک، هڪ پراڻي مرسڊيز 6 لک ۽ ٽويوٽا ڪرولا 18 لک 17 هزار ماليت جي آهي، فريال ٽالپر گوادر ۾ 45 هزار ماليت جي خريد ٿيل پلاٽ، جڏهن ته ڪراچي ۾ ٻن گهرن، اسلام آباد ۾ هڪ گهر جي مالڪ آهي، ڪراچي ۾ هڪ گهر جي خريدي ماليت ان 36 لک 25 هزار ٻئي گهر جي خريدي ماليت هن 6 ڪروڙ 82 لک 12 هزار 900 فريال ٽالپر پنهنجي اسلام آباد جي ايف 8 ٽو واري گهر جي خريدي ماليت 2 ڪروڙ 68 لک 70 هزار روپيا ڄاڻائي آهي، فريال ٽالپر کي لاهور ۽ راولپنڊي ۾ به 2 پلاٽ آهن، بحريه ٽائون راولپنڊي ۾ سندس پلاٽ جي ماليت 60 لک ۽ لاهور جي پلاٽ جي ماليت هن هڪ لک 99 هزار 400 روپيا ڄاڻائي آهي، فريال ٽالپر پنهنجي مڙس مير منور ٽالپر جي اثاثن جي ماليت 4 ڪروڙ 50 لک 78 هزار 437 روپيا ڄاڻائي آهي، جڏهن ته سندس ڌيءَ عائشه وٽ 12 ڪروڙ 82 لک، سندس ٻي ڌيءَ فاطمه وٽ هڪ ڪروڙ 56 لک جا اثاثا آهن، فريال ٽالپر پاڻ کي 320 ايڪڙ زرعي زمين جو مالڪ ڄاڻايو آهي. غلام محمد چنو پاڻ کي 40 لک روپين، غلام مصطفيٰ لغاري هڪ ڪروڙ 26 لک 72 هزار، حافظ حسين بخش 10 هزار جو بينڪ بيلنس، هڪ لک جو سون، 40 هزار جوفرنيچر، محمد علي ابڙو 10 لک جو پلاٽ، 4 لک جي ڪاروبار ۾ سيڙپ ۽ 132 گرام سون، 60 هزار جو بينڪ بيلنس، 2 لک 80 هزار جو فرنيچر، محمد علي ڀٽو 77 لک 61 هزار 378 روپين، سعيد احمد خانداني گهر، 10 تولا سون، 3 لک 25 هزار جو بينڪ بيلنس، سيف الله ابڙو 62 ڪروڙ 44 لک 54 هزار 521 روپين جو مالڪ ڄاڻايو آهي.سيف الله ابڙواهو به ڄاڻايو آهي ته سندس اثاثن ۾ گذريل هڪ سال جي ڀيٽ ۾ 22 ڪروڙ 85 لک روپين جو اضافو ٿيو. پي ايس 11 لاڙڪاڻو 2 تي فارم ڀرائيندڙ احمد علي ميمڻ وٽ اثاثن ۾ گهر، ڪريانه جنرل اسٽور، 4 تولا سون، عزيز منگي وٽ 3 تولا سون، هڪ لک 10 هزار روپيا بينڪ بيلنس، امان الله جنرل اسٽور، 2 لک روڪ، 2 لک بينڪ بيلنس، 2 تولا سون،مسلم شر مينهن جو واڙو، 5 تولا سون، هڪ لک جو فرنيچر، غلام دستگير شاهاڻي هڪ ڪروڙ 23 لک 18 هزار 754 روپين، حافظ احمد علي عباسي پنهنجي اثاثن ۾ ذاتي گهر، 16 هزار ماليت جي موٽرسائيڪل، ڏيڍ تولو سون، 5 ڪرسيون ۽ 5 کٽون، 35 ايڪڙ زمين، حاجي منور علي عباسي هڪ ڪروڙ 73 لک 7 هزار 953 روپين، جڳديش ڪمار آهوجا 17 لک 12 هزار روپين، خير محمد شيخ، هڪ ڪروڙ 44 لک، لطف الله شيخ پاڻ کي هڪ ڪروڙ 72 لک 84 هزار روپين، معظم علي عباسي هڪ ڪروڙ 53 لک 46 هزار 294 روپين،نذير احمد گاد هڪ ڪروڙ 17 لک 78 هزار، نثار احمد کهڙي 3 ڪروڙ 43 لک 27 هزار 614 روپين، رياض ڪناسري 55 لک 7 هزار 92 روپين، صفدر عباسي 6 ڪروڙ 50 لک 68 هزار 641 روپين جو مالڪ ڄاڻايو آهي. سليم رضا ڀٽو 2 ڪروڙ روپين، ماهه جبين مغل هڪ ڪروڙ 78 لک روپين، ندا کهڙو 69 لک 64 هزار 683، پي ايس 12 لاڙڪاڻو 3 تي فارم ڀرائيندڙ عامر زيب جتوئي هڪ ڪروڙ 11 لک 82 هزار، آفتاب احمد شاهه هڪ ڪروڙ 42 لک 57 هزار، الهڏنو جتوئي 26 لک، عاطف شيخ 44 لک 74 هزار، غلام مرتضيٰ سومرو هڪ ڪروڙ 32 لک 43 هزار، امداد علي مشوري 29 لک 51 هزار، خورشيد احمد جوڻيجي هڪ ڪروڙ 12 لک 84 هزار 694، معشوق علي جتوئي 6 ڪروڙ 78 لک 9 هزار 833، محسن علي ڀنگر هڪ لک 10 هزار، منور سيال هڪ ڪروڙ 14 لک 67 هزار، سلميٰ پروين رند 7 ڪروڙ 62 لک، سهيل انور سيال 6 ڪروڙ 45 لک 54 هزار 236، سيد اڪبر حسين شاهه راشدي 2 ڪروڙ 13 لک روپين، سيد رافع اڪبر راشدي 54 لک 3 هزار، سهيل انور سيال جو ڀاءُ ظفر انور سيال هڪ ڪروڙ 63 لک، پي ايس 13 لاڙڪاڻو 4 تي فارم ڀرائيندڙ عاصمه ڌيءَ محمد عظيم هڪ لک 4 هزار، قرت العين زال شفقت انڙ، عظيم احمد جتوئي پاڻ کي 7 ڪروڙ هڪ لک 21 هزار، دولت علي چانڊيو 8 لک روپين جي دولت جو مالڪ هجڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. حزب الله ٻگهيو 2 ڪروڙ 17 لک، محمد علي ٻگهيو 57 لک 92 هزار، محمد محسن مشوري 36 لکن، شفقت حسين انڙ 534 ايڪڙ زرعي زمين، 45 لک جا بانڊ، 44 تولا سون، 45 لک روپين جي گاڏي، 2 ڪروڙ 51 لک 24 هزار جو بينڪ بيلنس، سيد نور محمد شاهه12 ايڪڙ زمين، 5 لک جا بانڊ، 20 تولا سون ۽ 6 لک جي بينڪ بيلنس ۽رضا محمد گاڏهي 32 لک جي اثاثن جو مالڪ آهي.

بلاول وٽ 5 لکن جا موبائل ۽ ليپ ٽاپ، 2 ڪتا به اثاثن ۾ شامل

اسلام آباد: بلاول ڀٽو زرداري پنهنجا 3 اڪائونٽ اثاثن ۾ اهڙا ظاهر ڪيا آهن، جيڪي جوائنٽ اڪائونٽ آهن، يونائيٽيڊ بينڪ نئون ديرو برانچ ۾ سندس ڀيڻ سان گڏ جوائنٽ اڪائونٽ آهي، جڏهن ته ڪلفٽن ڪراچي ۾ به سندس هڪ جوائنٽ اڪائونٽ آهي، جڏهن ته يونائيٽيڊ لاڙڪاڻي برانچ ۾ به سندس گڏيل اڪائونٽ آهي. هن پنهنجي اثاثن ۾ ليپ ٽاپ ۽ موبائيل فون 5 لک روپين جي ماليت جا ظاهر ڪيا آهن، 30 لک روپين جا هٿيار، 2 لک 75 هزار روپين جي زرعي مشينري سندس والده بينظير ڀٽو پاران گفٽ ڪيل، سون جا 10 سيٽ، 7 واچون، هڪ ليپ ٽاپ، 2 موبائيل، 2 پاليل ڪتا به اثاثن ۾ ظاهر ڪيا آهن. هن ڄاڻايو آهي ته ڪتا سندس والده پاران ورثي ۾ مليل آهن. بلاول ڀٽو بي اي هسٽري ۽ سياست ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي مان 2012ع ۾ ڪئي، جڏهن ته ايم اي هسٽري ۽ سياست ۾ ان ئي آڪسفورڊ يونيورسٽي مان 2015ع ۾ ڪئي، بلاول ڀٽو اثاثن ۾ پنهنجو پيشو زميندار، بزنس مين ۽ آخر ۾ سياستدان ڄاڻايو آهي

عابد حسين، بشير مارکاڻي، ماجد ميان ۽ محبت کهڙو غريب سياستدان

اسلام آباد: لاڙڪاڻي ضلعي ۾ رڳو امير ئي نه پر غريب سياستدان پڻ موجود آهن انهن ۾ عابد حسين پنهنجي اثاثن ۾ رڳو 60 هزار جو بينڪ بيلنس ظاهر ڪيو آهي، علي نواز ڪنڀر پنهنجي اثاثن ۾ 2 تولا سون ۽ 50 هزار روپين جو بينڪ بيلنس ظاهر ڪيو آهي، بشير احمد مارکاڻي پنهنجي اثاثن ۾ 2 ايڪڙ 22 گهنٽا زمين، ڪرياني جو دڪان، 5 تولا سون، هڪ لک 65 هزار بينڪ بيلنس ظاهر ڪيو آهي، حليمه ڀٽو پنهنجي اثاثن ۾ رڳو 50 هزار روپيا روڪ رقم ظاهر ڪئي آهي، ماجد ميان پنهنجي اثاثن ۾ رڳو 10 هزار جو بينڪ بيلنس ڄاڻايوآ هي، محمد اسلم لانگاهه پنهنجي اثاثن ۾ 15 هزار روپين جو فرنيچر ظاهر ڪيو آهي، جڏهن ته محمد بچل 10 هزار روپين جو بينڪ بيلنس اثاثن ۾ ظاهر ڪيو آهي، قادر بخش ڀٽي پنهنجي اثاثن ۾ ڪا به ملڪيت ظاهر نه ڪئي آهي، علي مراد ميراڻي پنهنجي اثاثن ۾ مڇي جو دڪان ڄاڻايو آهي، منصور علي ڏاهاڻي پنهنجي اثاثن ۾ 20 هزار جو فرنيچر ۽ 50 هزار روپين جو بينڪ بيلنس ڄاڻايو آهي، پيرل دايو پنهنجي اثاثن ۾ ڳوٺ ۾ لاڙڪاڻي ۾ گهر ظاهر ڪيا آهن، اعجاز احمد جوڻيجي پنهنجي اثاثن ۾ 12 ايڪڙ زرعي زمين، ڄامشوري ۾ گهر ظاهر ڪيو آهي، محبت علي کهڙو پنهنجي اثاثن ۾ ڪا به ملڪيت ظاهر نه ڪئي آهي، هن سال 2016ع ۾ پنهنجي آمدني تي 70 هزار ۽ 2017ع ۾ آمدني تي 75 هزار روپيا ٽيڪس ادا ڪئي آهي،

راشدسومري،مسلم شر،اعجازجوڻيجي سميت9سياستدانن جون ٻه ٻه شاديون

طارق خان ٽن شادين وارو اڪيلو سياستدان، نثار کهڙو ٻه شاديون ظاهر ڪري نااهل ٿيو

سميع گهانگهرو، محمد ابڙو، احمدميمڻ، دستگير شاهاڻي، ظفر سيال به ٻه ٻه ڀيرا گهوٽ بڻيا
اسلام آباد: لاڙڪاڻي جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 200 تي فارم ڀرائيندڙ ڊاڪٽر خالد محمود سومري جي پٽ راشد محمود سومري جون 2 شاديون ٿيل آهن، جڏهن ته انهيءَ تڪ تي فارم ڀرائيندڙ سميع الله گهانگهري جون به 2 ۽ طارق حسين پٽ پيارو خان جون 3 شاديون ٿيل آهن، پي ايس 10 لاڙڪاڻو هڪ تي فارم ڀرائيندڙ محمد ابڙو، مسلم شر، پي ايس 11 لاڙڪاڻو 2 تي فارم ڀرائيندڙ احمد علي ميمڻ، غلام دستگير شاهاڻي، پي ايس 11 لاڙڪاڻو 2 تي فارم ڀرائيندڙ نثار احمد کهڙو، پي ايس 12 لاڙڪاڻو 3 تي فارم ڀرائيندڙ عامر زيب جتوئي، اعجاز احمد جوڻيجي جون سهيل انور سيال جي ڀاءُ ظفر انور پڻ ٻه ٻه شاديون آهن. نثار کهڙي ٻه شاديون ظاهر ڪيون پر هن ٽين گهرواري ظاهر نه ڪئي جنهن تي کيس نااهل قرار ڏنو ويو.

معظم عباسي ملڪيت سان گڏ 730 مينهن جو به مالڪ

اسلام آباد: پي ايس 11 لاڙڪاڻو 2 تي فارم ڀرائيندڙ معظم عباسي ڪروڙ پتي هجڻ سان گڏ وڏو مالوند به آهي، ان پنهنجي اثاثن ۾ 730 مينهون به ظاهر ڪيون آهن.

فريال ٽالپر کي ڪرائي، ڀاڙي سميت پرائز بانڊ ۽ زرعي آمدني

اسلام آباد: پي ايس 10 لاڙڪاڻو هڪ تي فارم ڀرائيندڙ فريال ٽالپر کي سال 2015ع ۾ ڪرائي جي آمدني 61 لک، بينڪ پرافٽ 25 لک، پرائيز بانڊن مان آمدني 54 لک 97 هزار، زرعي آمدني 2 ڪروڙ 93 لک 12 هزار 289 روپيا ڄاڻائي آهي، سال 2016ع ۾ ڪرائي جي آمدني 60 لک تي پرافيٽ 21 لک 61 هزار، 15 لک پرائيز بانڊ، مشينري ۽ ايڪيوپمينٽ جي ڪرائي جي آمدني 30 لک، زرعي آمدني هڪ ڪروڙ 41 لک 99 هزار 621 روپيا ڄاڻائي آهي، جڏهن ته 2017ع ۾ فريال ٽالپر ڪرائي جي مد ۾ آمدني 43 لک 50 هزار، بينڪ پرافيٽ 27 لک44 هزار، پرائيز بانڊ آمدني 98 لک 67 هزار جڏهن ته مشينري ۽ ايڪوئپمينٽ جي آمدني 34 لک 50 هزار، جڏهن ته زرعي آمدني 2 ڪروڙ 58 لک 9 هزار 858 روپيا ڄاڻائي آهي، فريال ٽالپر سال 2015 ۾ 22 لک 57 هزار، سال 2016ع ۾ 19 لک 3 هزار، سال 2017ع ۾ 28 لک 69 هزار آمدني تي ٽيڪس ادا ڪئي، جڏهن ته سال 2015ع ۾ زرعي آمدني تي 43 لک 62 هزار، سال 2016ع ۾ 20 لک 95 هزار، سال 2017ع ۾ 38 لک 36 هزار روپيا انڪم ٽيڪس ادا ڪئي.

ڊاڪٽر مظهر علي جي گهرواري اسٽيٽ لائف جي ايريا مينيجر

اسلام آباد: ڊاڪٽر مظهر علي مغل اسٽيٽ لائيف لاڙڪاڻي ۾ ايريا مينيجر طور 2015ع ۾ رٽائرڊ ٿيو، هن پنهنجي اثاثن ۾ وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته سندس گهرواري شيبا پڻ اسٽيٽ لائيف انشورنس لاڙڪاڻي ۾ ايريا مينيجر طور ڪم ڪري رهي آهي.

بئنڪ جو منافعو، جائداد جو ڪرايو ۽ زراعت بلاول جي آمدني جا ذريعا

اسلام آباد: بلاول ڀٽو کي سال 2015ع ۾ ڪرائي جي مد ۾ آمدني 34 لک 56 هزار، 2016ع ۾ 41 لک 46 هزار، جڏهن ته 2017ع ۾ 20 لک 33 هزار ڪرائي جي مد ۾ آمدني ٿي، بلاول ڀٽو کي سال 2015ع ۾ 2 ڪروڙ 13 هزار 500 زرعي آمدني ٿي، اهڙي ريت سال 2016ع ۾ کيس 2 ڪروڙ 66 لک 17 هزار، 2017ع ۾ 2 ڪروڙ 66 لک 18 هزار زرعي آمدني ٿي، بلاول ڀٽو کي سال 2017ع ۾ بينڪ مان منافعو هڪ لک 78 هزار روپيا مليو، جڏهن ته سال 2016ع ۾ ان جي غير ملڪي آمدني هڪ ڪروڙ 66 لک 90 هزار، 2017ع ۾ هڪ ڪروڙ 64 لک 33 هزار روپيا ٿي، بلاول ڀٽو سال 2015ع ۾ ٿيل آمدني تي 4 لک 15 هزار، سال 2016 ۾ 5 لک 51 هزار 700، ۽ 2017ع ۾ 2 لک 37 هزار 152 روپيا انڪم ٽيڪس ادا ڪئي، بلاول ڀٽي سال 2015ع ۾ زرعي آمدني تي 29 لک 67 هزار، سال 2016ع ۾ 39 لک 58 هزار ۽ سال 2017ع ۾ به سال 39 لک 58 هزار روپيا انڪم ٽيڪس ادا ڪيو.

Comments

Popular posts from this blog

Badin- 29 millionaire politician

بدين ۾ 29 ڪروڙپتي سياستدان، ڪمال چانگ سڀ کان امير، ذوالفقار مرزا ۽ پپو شاهه وٽ گهروارين کان گهٽ دولت عبدالغفور نظاماڻي 20 ڪروڙ، غلام علي ٽالپر 19،محمد هاليپوٽو 17، فهميده مرزا 16 ڪروڙ ۽ اسماعيل راهو پوڻا 6 ڪروڙن جو مالڪ نڪتو محمد بشير 5، ظفر نظاماڻي پوڻا 5، سائين بخش جمالي ساڍا 4، حسنين مرزا ساڍا 3، صغير لغاري 3 ۽ رياض نظاماڻي سوا 3 ڪروڙ ظاهر ڪيا Posted on   May 7, 2019  (2:00 pm) اسلام آباد (رپورٽ:ايم بي سومرو) بدين ضلعي جي سياستدانن ۾ سڀ کان امير ڪمال چانگ 22 ڪروڙ 54 لک رپين جي اثاثن جو مالڪ ظاهر ٿيو آهي، جڏهن ته اڳوڻو صوبائي وزير ذوالفقار مرزا پنهنجي پٽ ۽ گهرواري کان به گهٽ اثاثا رکندڙ آهي، سيد پپو شاهه کان سندس گهرواري بي بي ياسمين شاهه وڌيڪ امير آهي. ضلعي ۾ 29 سياستدانن پاڻ کي ڪروڙ پتي ڄاڻايو آهي. 2018ع جي عام چونڊن ۾ نامزدگي فارم سان گڏ اين اي 229 بدين هڪ تي فارم ڀرائيندڙ عبدالستار لغاري پنهنجي نالي تي 109 ايڪڙ، گهر واري جي نالي 39 ايڪڙ زمين، 16 لک جون گاڏيون، 20 تولا سون پنهنجي اثاثن ۾ ظاهر ڪيو آهي، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي21 لک 84 هزار 930 رپين جي اثاثن ۾ 708 ايڪڙ

Matiari Politicians assets

مٽياري ۾ سياستدانن وٽ ڪروڙن جا اثاثا،امير علي شاهه وڌيڪ ملڪيت وارو، مخدوم رفيق الزمان به ڪروڙن جو مالڪ امير علي شاهه وٽ 26 ڪروڙ 54 لکن کان وڌيڪ اثاثا، مخدوم رفيق 16 ڪروڙ ملڪيت جو مالڪ Posted on   April 20, 2019  (1:16 pm) اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) مٽياري ضلعي سان تعلق رکندڙ سياستدان وٽ به ڪروڙن جا اثاثا آهن، سيد پير امير علي شاهه ضلعي ۾ سڀ کان وڌيڪ پئسي وارو سياستدان آهن. ان سلسلي ۾ 2018ع واري اليڪشن ۾ نامزدگي فارم سان گڏ جمع ڪرايل اثاثن مطابق اين اي 223 مٽياري تي اميدوار عبدالرزاق ميمڻ وٽ ڪل 7 ڪروڙ 97 لک 16 هزار 631 جا اثاثا آهن، جن 53 لک 80 هزار ماليت جي مختلف ملڪيت، 2 ڪروڙ 97 لک 50 هزار جو ڪاروبار، هڪ ڪروڙ 27 لک 55 هزار رپين جون گاڏيون، 100 تولا سون، 2 ڪروڙ 38 لک 15 هزار روپين جو بينڪ بيلنس شامل آهي، عبدالرزاق ميمڻ جون قاسم آباد حيدرآباد جي اقبال ولاز ۾ مختلف ملڪيتون، ميمڻ ٽائون قاسم آباد ۾ بنگلو، 180 ايڪڙ زمين، سي اين جي ۽ پيٽروليم ۾ 50 سيڪڙو حصو به ڄاڻايو آهي. ايڊووڪيٽ امير عباس لغاري پاڻ کي 4 ڪروڙ 46 لک روپين جي اثاثن جو مالڪ ڄاڻايو آهي، جنهن ۾ 25 لک جي گاڏي، 10

Thatta rich Politicians Assets

ٺٽي ضلعي جي سياستدانن مان نوابشاهه ڄائو علي حسن زرداري سڀ کان امير ايم پي اي علي حسن زرداري وٽ 41 ڪروڙ 72 لک ۽ ممتاز علي ميمڻ وٽ 20 ڪروڙ 57 لک رپين جا اثاثا محمود عالم شاهه 12 ڪروڙ 33 لک،پير غلام رحماني 3 ڪروڙ هڪ لک ۽ سسئي پليجو 2 ڪروڙ 47 لکن جا مالڪ Posted on   May 4, 2019  (1:52 pm) اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) ٺٽي ضلعي مان اليڪشن وڙهندڙ سياستدانن ۾ نوابشاهه ڄائو ايم پي اي علي حسن زرداري سڀني کان امير، وٽس 41 ڪروڙ 72 لک 59 هزار 373 رپين جا اثاثا، ممتاز علي ميمڻ 20 ڪروڙ 57 لک جي اثاثن جو مالڪ آهي. ان سلسلي ۾ ٺٽي ضلعي مان چونڊ وڙهندڙ سياستدانن طرفان ظاهر ڪيل اثاثن مطابق اين اي 232 ٺٽو تي فارم ڀرائيندڙ حسن بلوچ 68 لک 60 هزار جا اثاثا ۽ 17 ايڪڙ زمين به ڄاڻائي، عبدالواحد سومرو 62 لک 43 هزار رپين جي اثاثن ۾ 131 ايڪڙ زمين، 40 ايڪڙ ليز تي ورتل زمين ۽ 25 تولا سون به ظاهر ڪيو، علي محمد جوکيو 50 لک، ارسلان بخش بروهي 2 ڪروڙ 44 لک 74 هزار 692، دلدار احمد خاصخيلي هڪ ڪروڙ 80 لک جي اثاثن سميت 60 ايڪڙ زرعي زمين، گل محمد سمون ريڊار هڪ ڪروڙ 78 لک 68 هزار 220 رپين جي اثاثن سان گڏ 421 اي